• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

Don’t Send Error مان جند ڇڏايو

يونس ملڪاڻي

سينيئر رڪن
Don’t Send Error مان جند ڇڏايو
529364_602780853077707_904466364_n.jpg

ڪمپيوٽر تي ڪو خاص ڪم ڪندي اڪثر Don’t Send Error اچي ويندو آهي، ۽ بس اچي ئي ويندو آهي جنهن جي جواب ۾ ماڻهو چپ ڀڪوڙي ڪاوڙ مان هڪ ٿڌو شوڪارو ڀري Don’t Send تي ڪلڪ ڪبو آهي ۽ سڄي ڪيل ڪمائي تي پاڻي هارجي ويندو آهي، ڦوٽو شاپ، يوليڊ ۽ ڪورل ڊرا جو ڪم ڪندڙن سان ته اها جُٺ ٿيندي ئي رهندي آهي. اهو ايرر ونڊوز جي سي ڊي ۾ ڪجهه فائلون ڪرپٽ هجڻ جي ڪري ايندو آهي انهي ايرر جي ڪري نه صرف ڪمپيوٽر تي ڪم ڪندڙ گهڻو ڀوڳين ٿا سو اڄ ٿوري ڪوشش سان انهي ايرر کي هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.
سڀ کان پهرين ماءِ ڪمپيوٽر تي رائيٽ ڪلڪ ڪري پراپرٽي ۾ وڃو
1185534_602781139744345_2050026762_n.jpg

جيڪا ونڊو کلي ان جي مٿين پاسي ايڊوانس تي ڪلڪ ڪريو جتان وري هيٺ موجود ايرر رپورٽنگ تي ڪلڪ ڪريو
1146720_602781133077679_1023593774_n.jpg

Error Reporting تي ڪلڪ ڪرڻ سان جيڪا ونڊو کلندي ان ۾ Disable Error Reporting تي ڪلڪ ڪريو ان جي هيٺ But Notify me when critical error تان چيڪ هٽايو.
995970_602781089744350_475796676_n.jpg

هاڻي اوڪي ڪريوس ۽ ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ڪريو.
 
اڪثر اهي مسئلا سامهون ايندا آهن ۔۔۔۔ بهترين حل ڳولهي ٻڌايو اٿو

اميد ته اڳتي به ڪي سهڻا حل کڻي اسان جي رهنمائي ڪندا رهندا۔
 
هوئن ته اهڙن ايررس جا کوڙ سارا سبب ٿي سگهن ٿا پر اڪثر اهڙا ايرر ميموري ڪري ٿيندا آهن۔۔۔ ٿيندو اهو آهي ته ونڊوز ايڪس پي جي ڊيفالٽ سيٽنگ ۾ اهو سيٽ ٿيل هوندو آهي ته ريم جي گهڻي استعمال جي صورت ۾ سسٽم ميموري وڌائڻ لاءِ هارڊ ڊسڪ جو سي پارٽيشن مان ڪجهه حصو کڻي ريم طور استعمال ڪجي۔۔۔ ادا يونس طرفان اهڙن ايررس کي روڪڻ لاءِ سيٽنگ سمجهائي وئي آهي۔۔۔ پر جن دوستن وٽ اهو حل پائدار ثابت نه ٿئي ته مڪمل حل حاضر آهي۔۔۔
سڀ کان پهريان ڊيسڪ ٽاپ تي اچي ماء ڪمپيوٽر کي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري پراپرٽيز کوليو​
c00536846.jpg
هتان ايڊوانسڊ ٽيب چونڊيو ۽ پرفارمنس سيڪشن منجهان سيٽنگ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔​
c00536847.jpg
کلندڙ پرفارمنس آپشن منجهان ايڊواسڊ ٽيب چونڊيو جتان ورچوئل ميموري سيڪشن مان چينج بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔​
c00536848.jpg
نئين کلندڙ ونڊوز منجهان No paging file کي ٽڪ ڪندي سيٽ بٽڻ دٻايو۔۔۔
c00536849.jpg

ممڪن آهي هتي توهان کان سڪيورٽي ڪنفرميشن گهري وڃي۔۔۔ ييس بٽڻ تي ڪلڪ ڪندي اجازت ڏيو۔۔۔​
جنهن کان پوءِ سموريون کليل ونڊوز کي اوڪي پريس ڪندا بند ڪندا وڃو ۽ ڪمپيوٽر ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔​
ٻيهر ڪمپيوٽر کلڻ تي ساڳيو عمل دهرايو۔۔ پر آخري کلندڙ ورچوئل ميموري واري ونڊوز منجهان هن دفعي System managed size تي ڪلڪ ڪندي سيٽ بٽڻ دٻايو​


c00536850.jpg

اميد ته ٻڌايل سيٽنگ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ۽ ڪمپيوٽر کي ريسٽارٽ وٺڻ کان پوءِ اهڙي قسم جو ايرر مستقل ختم ٿي ويندو۔۔۔ :)
 
تمام بهترين ۔مان به ان ئي مسئلي مان تنگ گئس۔
مهرباني ادا صيونس ۽ سائين رشيد۔جو پرابلم حل ڪريو
 
Back
Top