مي رقصم خوشيءَ جو اظهار سنڌ سلامت جا محبتي ساٿيو ۽ پوري دنيا جا رهندڙ سنڌي دوستو جيئي سنڌ، هي هڪڙو وڊيو سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي خالص پيش ڪش توهان سان ونڊ پيو ڪريان، جنهن ۾ رقص ، ناچ، يا ڊانس ڪري پنهنجي پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو پيو وڃي پيارا سنڌي دوستو، توهان کي ياد هوندو ته 24 جنوري واري ڏينهن سنڌو ڪنڌي جي خوبصورت المنظر تي دريا بادشاهه کي ڪافي سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن نچڻ ٽُپڻ کان علاوه، اکين مان لُڙڪ وهائي ۽ هٿن ۾ گل کڻي سنڌو کي ڀيٽا ڏني، سنڌ جي ڪافي سياسي پارٽين ۽ قومپرست پارٽين پڻ پنهنجي پنهنجي پليٽ فارمن تان پنهنجا پنهنجا گيت هلائي نچڻ ۽ ٽپڻ واري عمل سان دريا شاهه کي پنهنجي ڀيٽا ڏني هُئي، اسان جي عبدالغفور سمون تقريبن سموري پارٽين جي نچڻ ٽپڻ واري خوشي ءَ جي اظهار کي سنڌ سلامت لاءِ وڊيو رڪارڊنگ ڪئي ، مونسان اهو پرابلم هو ته جيڪڏهن هڪڙي ڪنهن به سياسي پارٽي جو سيپريٽ گيت لڳايان ها، ته ٻي پارٽي وارو تمام گهڻو ناراض ٿئي ها، ان کان علاوه انهن وڊيوز ۾ ڪوبه گيت مڪمل ڪونه هو ۽ شور به تمام گهڻو هو، ان ڪري مختلف نچڻ ٽپڻ وارن وڊيو ڪلپن کي هڪ جاءِ تي ايڊيٽنگ ڪري مڪمل ڪيو اٿم ، دوستو جيئن ته نچڻ خوشيءَ جو سڀ کان بهترين اظهار هوندو آهي، هن وڊيو ۾ سڀني گروپن نچي، ٽپي خوشي جو دل کولي اظهار ڪيو آهي، مون ٿورو مڪسنگ ڪري مارڪيٽ ۾ آيل هڪڙي شادي وياهه جي سلسلي جِي نئين وڊيو سي ڊي جيڪا بلوچي زبان ۾ آئي آهي جنهن جو نالو آهي ” تنبو آ بندين“ مراداني روچ پارٽ 3 جي ٿورن سان آڊيو جي صورت ۾ هڪڙو گيت لڳايو آهي منهنجي خيال ۾ هن گيت جو شاعر عابد راز آهي ڳائڻو به شايد پاڻ آهي موسيقار به عابد راز آهي. خير دوستو خوشي ظاهر ڪرڻ جا ٻيا به گهڻا ئي انداز آهن پر نچڻ وارو انداز سڀني کان نرالو آهي، هر قوم جي پنهنجي تهذيب آهي، پر هر قوم وٽ خوشيءَ جو اهو ئي هڪڙو اهو انداز جهومڻ ۽ نچڻ آهي، ۽ اهو انداز هر ڪنهن کي متوجه ڪري ڇڏيندو آهي. منهنجو هي بلوچي شاديءَ وارو مڪسنگ ڪيل گيت توهان کي ڪيئن لڳو توهان جا راين جو منتظر رهندس
جواب: خوشيءَ جو اظهار نچڻ ٽُپڻ بلوچي گيت سائين محترم نثار ناز صاحب، لک لائق جو اهڙي من موهڻي وڊيو ۔۔۔ اوهان تيار ڪئي آهي ۔۔۔ وڊيو ۾ جيتوڻيڪ بلوچي ڌن هئي ۽ ٻول سمجهه ۾ نه ٿي آيا ۔۔۔ پر تنهن هوندي به ڌن ۽ ڌمال ۽ هو جمالي تي نوجوانن جا ناچ ڏسي باغ باغ ٿياسون ۔۔۔ هڪ صلاح جي دل ۾ نه ڪريو ته ان ستن منٽن جي وڊيو ۾ تقريبن اڌ کان به وڌ ڀينرن واري پاسي کي رکيو ويو آهي ۔۔۔ بلڪ منهنجي خيال ۾ ته ڀينرن جي تاڙين ۽ ڪجه ناچ جا تڪڙا ڪلپ وچ وچ ۾ هجن ها ۽ باقي نوجوان سنڌي جوڌن جو هو جمالي تي ناچ ۽ آسي پاسي جا منظر هجن ها ته ۔۔۔ سون ته سهاڳو ۔۔۔ اوهان ۽ ساٿي عبدالغفور سمون صاحب جن کيرون لهڻيون ۔۔۔
جواب: خوشيءَ جو اظهار نچڻ ٽُپڻ بلوچي گيت پيارا سائين نثار ابڙا السلام عليڪم۔ مهرباني سائين جو توهان سنڌ سلامت جي هن خوبصورت پيشڪش تي باغ بهار ٿيا، مٺا توهان سچ چيو ته هن وڊيو ۾ ڀينرن واري انٽري جو پاسو ڪجهه سوايو آهي، ان جو به هڪ سبب آهي، پهريون سبب اهو ته اسان جي سنڌ سلامت ۾ ڀينرن جو تعداد نه هُئڻ برابر آهي، ان ڪري اها ڳالهه دل ۾ آڻي مان وارين ڀينرن جي وڊيو ڪجهه زياده آهي اتي اها ڳالهه پڻ ٻُڌائيندو هلان ته سڀ کان وڏو ڪلپ پڻ اهو ڀينرن وارو هو، باقي توهان محسوس ڪيو هوندو ته ڪافي سارا نچڻ وارا مختلف گروپن جا صفا ننڍا ننڍا ڪلپ هُئا، سو پريشانيءَ کان بچڻ خاطر ڀينرن واري وڊيو جي مون وڍ ڪُٽ ڪانه ڪئي ان کي بلڪ ائين جو ائين رهڻ ڏنم، باقي ٻيا ڪلپ جيڪي ٽڪرن جي صورت ۾ هُئا سي جُدا جُدا ايڊٽ ڪري مڪسنگ ڪيم، سڀ کان وڏي ڳالهه ته ڀينرن واري وڊيو ڪلپ ۾ هڪڙي ادي مسلسل تاڙيون وڄائي رهي آهي، ۽ سندس تاڙيون وڄائڻ جو انداز پڻ مختلف ۽ انتهائي پيارو آهي ۽ هو ڀيڻ ڪٿي به تاڙي وڄائيندي ٿڪي ڪانه آهي، ۽ منهنجي خيال ۾ اهو ئي آرٽ آف نيچر آهي، ۽ جنهن گيت تي اها ڀيڻ تاڙيون وڄائي خوشيءَ جو اظهار ڪري رهي هُئي سو ڀي هڪڙو بلوچي گيت آهي اهو هو دلان تير بجان پر شور جي ڪري مون انهي رڌم وارو نئون گيت ليوا مڪس ڪري ڪجهه نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ها اسان جا ڪافي سارا بلوچ دوست آهن انهن کي گُذارش آهي ته انهي بلوچي شاديءَ واري گيت جي سنڌي ۾ معنى لکن ته سندن تمام گهڻا ٿورا ٿيندا. ڇاڪاڻ جو اسان کي سڀ کان وڌيڪ ويجهي زُبان جاگرافي لحاظ کان بلوچي زبان آهي، ۽ بلوچ جنهن ۾ ڪافي تعداد ۾ اسان جا مڪراڻي دوست پڻ ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا. ان کان علاوه اهي بلوچ سنڌ سان محبت به ڪن ٿا، جڏهن به سنڌ يا سنڌين تي ڪا مشڪل گهڙي اها چاهي سياسي هُجي يا ذاتي هُجي بلوچ ٻين قومن جي نسبت سنڌين سان پنهنجو نينهن نڀائن ٿا. خير توهان جي هڪ دفعو ٻيهر مهرباني، جو مونکي ۽ عبدالغفور سمون کي کيرن جي صورت ۾ شاباسيون ڏنيون.