نثارناز
سينيئر رڪن
مي رقصم خوشيءَ جو اظهار
سنڌ سلامت جا محبتي ساٿيو ۽ پوري دنيا جا رهندڙ سنڌي دوستو جيئي سنڌ، هي هڪڙو وڊيو سنڌ سلامت اسٽوڊيو جي خالص پيش ڪش توهان سان ونڊ پيو ڪريان، جنهن ۾ رقص ، ناچ، يا ڊانس ڪري پنهنجي پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو پيو وڃي پيارا سنڌي دوستو، توهان کي ياد هوندو ته 24 جنوري واري ڏينهن سنڌو ڪنڌي جي خوبصورت المنظر تي دريا بادشاهه کي ڪافي سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن نچڻ ٽُپڻ کان علاوه، اکين مان لُڙڪ وهائي ۽ هٿن ۾ گل کڻي سنڌو کي ڀيٽا ڏني، سنڌ جي ڪافي سياسي پارٽين ۽ قومپرست پارٽين پڻ پنهنجي پنهنجي پليٽ فارمن تان پنهنجا پنهنجا گيت هلائي نچڻ ۽ ٽپڻ واري عمل سان دريا شاهه کي پنهنجي ڀيٽا ڏني هُئي، اسان جي عبدالغفور سمون تقريبن سموري پارٽين جي نچڻ ٽپڻ واري خوشي ءَ جي اظهار کي سنڌ سلامت لاءِ وڊيو رڪارڊنگ ڪئي ، مونسان اهو پرابلم هو ته جيڪڏهن هڪڙي ڪنهن به سياسي پارٽي جو سيپريٽ گيت لڳايان ها، ته ٻي پارٽي وارو تمام گهڻو ناراض ٿئي ها، ان کان علاوه انهن وڊيوز ۾ ڪوبه گيت مڪمل ڪونه هو ۽ شور به تمام گهڻو هو، ان ڪري مختلف نچڻ ٽپڻ وارن وڊيو ڪلپن کي هڪ جاءِ تي ايڊيٽنگ ڪري مڪمل ڪيو اٿم ، دوستو جيئن ته نچڻ خوشيءَ جو سڀ کان بهترين اظهار هوندو آهي، هن وڊيو ۾ سڀني گروپن نچي، ٽپي خوشي جو دل کولي اظهار ڪيو آهي، مون ٿورو مڪسنگ ڪري مارڪيٽ ۾ آيل هڪڙي شادي وياهه جي سلسلي جِي نئين وڊيو سي ڊي جيڪا بلوچي زبان ۾ آئي آهي جنهن جو نالو آهي ” تنبو آ بندين“ مراداني روچ پارٽ 3 جي ٿورن سان آڊيو جي صورت ۾ هڪڙو گيت لڳايو آهي منهنجي خيال ۾ هن گيت جو شاعر عابد راز آهي ڳائڻو به شايد پاڻ آهي موسيقار به عابد راز آهي. خير دوستو خوشي ظاهر ڪرڻ جا ٻيا به گهڻا ئي انداز آهن پر نچڻ وارو انداز سڀني کان نرالو آهي، هر قوم جي پنهنجي تهذيب آهي، پر هر قوم وٽ خوشيءَ جو اهو ئي هڪڙو اهو انداز جهومڻ ۽ نچڻ آهي، ۽ اهو انداز هر ڪنهن کي متوجه ڪري ڇڏيندو آهي. منهنجو هي بلوچي شاديءَ وارو مڪسنگ ڪيل گيت توهان کي ڪيئن لڳو توهان جا راين جو منتظر رهندس