ڇا سانگهڙ ۾ ٿيندڙ اليڪشن سنڌ ۾ سياسي تبديلي جي شروعات آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ڇا سانگهڙ ۾ ٿيندڙ اليڪشن سنڌ ۾ سياسي تبديلي جي شروعات آهي؟
    محمد سليمان وساڻ
    سنڌ جي سياست تي نظر وجهبي ته ڪجهه سيٽون ڄڻ ته خاص اڳواڻن جون اباڻيون سيٽون هجڻ سان گڏ انهن کي ڏاج ۾ مليل سيٽون لڳنديون آهن. اهڙي ئي صورتحال سانگهڙ جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 235 جي پڻ آهي. اها سيٽ فنڪشنل ليگ جي ملڪيت سمجهي پئي وئي ۽ ڪڏهن به ڪنهن ٻي پارٽي ان سيٽ تي ڪاميابي نه ماڻي. پر مئي ۾ ٿيندڙ عام اليڪشن ۾ پ پ پ پاران نامزد اميدوار شازيه عطا مري پهريون دفعو 60 هزار کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. جيتوڻيڪ هوء ڪاميابي ته حاصل نه ڪري سگهي پر هن فنڪشنل ليگ جي اميدوار ۽ پير پاڳاري جي ڀاء صدرالدين شاهه ۽ حر جماعت کي اهو باور ڪرايو ته هاڻ سانگهڙ جا ماڻهو پنهنجي ووٽ ذريعي تبديلي چاهين ٿا. مئي ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ صدرالدين شاهه 72 ووٽ جڏهن شازيه عطا مري 62 هزار ووٽ حاصل ڪيا هئا.
    تجزيا نگار حيرت ۾ هئا ته اها سيٽ جتي پ پ پ کي ڪڏهن به ڪو مظبوط اميدوار نه مليو، اتي شازيه ايترا ووٽ ڪيئن حاصل ڪيا؟ سانگهڙ حر جماعت جو مرڪز هجڻ ڪري اڳ ڪڏهن به هنن اليڪشن ورڪ کي سنجيده نه ورتو هو. نه صرف اهو پر تڪ جي ماڻهن لاء اڻ پوريون سهولتون هيون. روڊن جي حالت به بهتر نه هئي. اسپتال ن ۾ سهولتون ناهن. فنڪشنل ليگ گذريل 15 سالن کان اقتدار ۾ رهندي به علائقي کي ڪا ترقي نه وٺرائي. هي سيٽ کپري، ڄام نواز علي ۽ ڪنڊياري تي مشتمل هجڻ ڪري گهڻو ڪري حر جماعت ۽ ڄام خاندان جي گهڻي اثر هيٺ رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو هتان فنڪشنل ليگ سدائين ڪامياب ٿيندي رهي آهي. پير صدرالدين شاهه جيڪو خيرپور جي ناري واري سيٽ تان به ڪامياب ٿيو هو، تنهن کي هي سيٽ خالي ڪرڻي پئي ۽ ننڍي چونڊ ۾ اليڪشن جو اعلان ٿيو. پ پ پ هڪ دفعو وري شازيه مري کي پنهنجو اميدوار نامزد ڪندي فنڪشنل لاء ڏکايون پيدا ڪيون جو هنن وٽ به ان سيٽ لاء ڪو مضبوط اميدوار ڪونه هئو، ڇو ته شازيه اڳ ئي ايترا گهڻا ووٽ حاصل ڪري خطري جي گهنٽي وڄائي چڪي هئي. شازيه پنهنجي ڀرپور اليڪشن مهم هلائيندي گهر گهر وئي ۽ خاص ڪري اقليتن ۽ عام ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪندي رهي. علائقي جي غريب عوام اهو محسووس ڪيو ته سندن قسمت جيڪا 60 سالن ۾ ڪانه بدلي آهي سا شايد شازيه جي ڪاميابيء سان ٿوري گهڻي تبديل ٿئي. آخرڪار تڪ جي ڏتڙيل عوام 60 سالن جي هڪ هٽي کي ٽوڙي هن ننڍي چونڊ ۾ شازيه عطا مري کي واضح برتري سان کٽرايو. شازيه کي 68 هزار ووٽ مليا جڏهن ته فنڪشنل ليگ جي خدا بخش درس کي 54 هزار ووٽ مليا.
    مون علائقي جي ڪجهه روشن خيال ماڻهن کان پڇيو ته شازيه جي ڪاميابي جا ڪهڙا سبب هئا؟ ڪجهه دوستن ٻڌايو ته شازيه جي ڪاميابي ۾ جتي سنڌ حڪومت جون ڪوششون شامل آهن، پ پ پ جي ڪيترن ئي اهم شخصيتن خاص دلچسپي وٺي ماڻهن کي ووٽ لاء قائل ڪيو، اتي سڀ کان وڌيڪ شازيه جي پنهنجي حڪمت عملي ۽ جدوجهد آهي جنهن کيس ڪامياب ڪيو. هنن چيو ته شازيه کي ملندڙ ووٽ نه ته ڀٽي جو ووٽ هيو ۽ نه ئي محترمه جو ڇو ته هنن به پنهنجي دورن ۾ اها سيٽ نه کٽي هئي، پر عوام جي سوچ جي تبديلي جو ووٽ هيو. هو سمجهن پيا ته خدا بخش درس جي مقابلي ۾ شازيه وڌيڪ روشن خيال، ترقي پسند ۽ امن پسند آهي.
    هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته عوام جي ان اهم ۽ بغاوت واري فيصلي جي پ پ پ ڪيئن ٿي موٽ ڏئي؟ جيڪڏهن پيپلز پارٽي تڪ جي عوام لاء ٿورا به چڱا ڪم ڪيا ته پوء فنڪشنل ليگ کي پنهنجي سيٽ موٽائڻ لاء وڏا جتن ڪرڻا پوندا. سانگهڙ جي سياست ۾ آيل اها تبديلي ماڻهن ۾ نئين اميد پيدا ڪري چڪي آهي ته شايد ايندڙ وقت ۾ عوام سياسي پنڊتن کي شڪست ڏئي کين مجبور ڪندو ته هو عوامي ڀلائي جي ڪم ڏانهن ڌيان ڏين. هن تبديلي کانپوء اها به اميد قائم ٿي رهي آهي ته شايد هاڻ سنڌ جي سياست ۾ به تبديليون اچن ۽ عام ماڻهو جي ووٽ جو قدر ٿئي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. راجا راٺوڙ

    راجا راٺوڙ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2014
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    درس و تدريس
    ماڳ:
    Mirpur Khas
    سائين صورتحال ۾ ڪا خاطرخواه تبديلي ته نه آئي آهي، ها پر چهرن جي تبديلي ضرور آئي آهي، اها به تبديلي جي زمري ۾ اچي ٿي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو