پاڪستان ۾ ڪالهه بنا ڪنهن سرڪار اعلان جي يوٽيوب جي ويبسائيٽ کولي وئي آهي جيڪا پوري ملڪ ۾ هلي رهي آهي۔ يوٽيوب کولڻ لاءِ http بدران https جو پريفڪس استعمال ڪريو https://www.youtube.com
هلي پئي پر سائين نثار چواني ته ٻه نمبر ڪم لڳي ٿو، جهٽڪن سان ڪم پيو هلي، ڪيڏي مهل هلي ٿي ڪيڏي مهل نٿي هلي
اچو ته يوٽيوب کوليون ايڇ ٽي ٽي پي ايس سرور ذريعي۔۔۔ سڀ کان پهريان ڪنٽرول پينل تي وڃو نيٽورڪ اينڊ ڪنيڪشن ۾ وڃي پنهنجي انٽر نيٽ ڪنيڪشن جي پراپرٽيز ۾ وڃو ان کان پوءِ انٽرنيٽ پروٽوڪول ورزن 4 تي ڊبل ڪلڪ ڪريو کُلي ايندڙ ونڊو ۾ توهان کي آءِ پي ۽ ڊي اين ايس آٽو ميٽڪ تي رکيل هوندا۔ آءِ پي آيڊريس جيڪڏهن داخل آهي يا نه آهي ان سان ڪوئي به فرق نه ٿو پوي توهان ڊي اين ايس کي آبٽين تان هٽائي يوز فالوونگ ڊي اين ايس تي چيڪ لڳايو ۽ هي ڊي اين ايس داخل ڪريو۔ هاڻي توهان اوڪي تي ڪلڪ ڪري باقي سموريون ونڊوز بند ڪريو۔ ۽ پوءِ ايڇ ٽي ٽي پيس ايس سرور ذريعي يوٽيوب هلايو۔ https://www.youtube.com/ ۔ ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ويڊيوز ۾ هيٺيون ايرر اچي پر پريشان نه ٿيون ان جو حل تمام آسان آهي ساڳئي پيج کي فقط هڪ ڀيرو ريلوڊ يا ريفريش ڪريو ويڊيو هلڻ لڳندي۔۔ دعا ۾ ياد ۔
ها هاڻي ڪم بهتر ٿيو۔۔۔ يوٽيوب پنهنجي فل جوڀن سان هلي پئي۔۔۔ پر ادا عمران توهان جي ڏسيل ٽرڪ جڏهن آفيشل ليپٽاپ تي پي ٽي سي ايل ونگل سان سيٽ ڪرڻ کان پوءِ هلايم ته سموريون وڊيوز هلڻ کان اصل نابري واريو ويٺيون آهن۔۔ بس هي ايرر ئي سامهون آهي۔۔۔
ادا منهنجي خيال ۾ اهو مسئلوگوگل ڪروم جي مقابلي ۾ فائر فاڪس ۾ ڪنهن حد تائين گهٽ ٿو اچي۔ ڇا توهان فائرفاڪس ۾ يوٽيوب استعمال ڪيو اهي؟؟؟ ۔
جي ها گوگل ڪروم ۽ فائرفاڪس ٻنهي تي چيڪ ڪيو ويو آهي۔۔ پر مسئلو برقرار آهي۔۔۔ ها البته پي ٽي سي ايل لينڊ لائين، وائي ٽرائيب ۽ ڪيوبي انٽرنيٽ سروسز تي سروس توهان جي ڏسيل ٽرڪ کان پوءِ درست ڪم ڪري پئي۔۔۔