جيوڻي ٻائي ۽ سندس اُتم ڪهاڻي، هڪ فنڪار شخصيت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جيوڻي ٻائي ۽ سندس اُتم ڪهاڻي، هڪ فنڪار شخصيت
    تحرير ۽ تحقيق : عبدالرزاق ميمڻ

    هندستان جي راجپوت علائقي ڀيلواڙي رياست جي هڪ خانه بدوش قبيلي ، سانسي ۾ هڪ شخص رهندو هو، جنهنجو نالو هو ڦَڪو. هي تمام سانوري رنگ جو انسان هو. هن جي گھر ۾جيوڻي ٻائيءَ جو جنم 22 جنوري 1901ع ۾ ٿيو، هي ڇوڪري جنهن جو نالو جيوڻي رکيو ويو ۽ اڳتي هلي جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان مشهور ٿي، ڦَڪوءَ جو ٽيو ٻار هُئي. ڦڪو جيوڻيءِ جي پئدائش تي ڏاڍو خوش ٿيو هو، ڇو جو هن خاندان جي پيشي ۾ ڇوڪريون پنهنجي مائٽن جو هٿ ونڊائينديون آهن، جنهن سان سدن پيري آرام سان گُذري ويندي آهي. هن خاندان ۾ عورتون ڪمائينديون هُيون ۽ مرد اُنهن کان وٺي کائيندا هُئا. اهوئي سندن رواج هوندو هو.

    رسم و رواج موجب جيوڻيءَ جي ماءُ مانڪي، ڦڪوءَ کي خوش رکڻ لاءِ ڪابه ڪثر نه ڇڏيندي هُئي، ٿورو سج اُڀرندو ناهي ته هُو يعني مانڪي پنهنجي پُٺيءَ تي ڪپڙوٻڌي، جيوڻيءَ کي اُنهيءَ ۾ وجھي، ٻه ٿيلهيون ۽ جست جو وٽو کڻي، ٻين ساهڙين سان ٻاهر نڪري ويندي هُئي ۽ تقريبن سڄو ڏينهن گذرڻ کان پوءِ شام جوگھر واپس ايندي هُئي. پوءِ گرمي هُجي يا سردي، اها سندس روز جي ڪرت هوندي هُئي. واپسيءَ تي هو، اهي ٻئي ڀريل ٿيلهون اچي ڦڪوءَ جي حوالي ڪندي هُئي جيڪو پوءِ انهن گودڙين مان اٽو، مانيون، چانور وغيره الڳ الڳ ڪري رکندو هو ۽ معصوم جيوڻي جو اهو مهنن جي عمر وارو صفر ، هڪ گودڙيءَ ۾ ويڙهجي مانڪيءَ جي پُٺ تي ٻڌل حالت ۾ گُذرندو هو.

    جڏنهن جيوڻي اچي ٻن سالن جي ٿي ته ماڻس مانڪي کيس گھر ۾ اڪيلو ڇڏي روزگار جي تلاش ۾ نڪري ويند هُئي ۽ پويان جيوڻي اهڙين ٻين خانه بدوش ٻارن سان کيڏي وقت گذاريندي هُئي. ۽ جڏنهن هُن جي عمر وڌي اٺن سالن کي پُهتي ته هوءَ ان اماڻي يا اباڻي ڪرت جي تربيت وٺڻ لاِ ماءُ مانڪيءِ سان ننڍڙي گودڙي ٺهرائي پنڻ ويندي هُئي. مانڪيءِ کيس هڪ ننڍڙي لٺ به وٺي ڏني جيڪا ڪُتن ۽ ٻين جانورن جي بچاءَ لاءِ هوندي هُئي.

    جڏنهن جيوڻي وڏي ٿي ته هُن سان سندس عمر جون ئي ٻيون پنج ساهڙيون گڏ هونديون هُيون جيڪي وڃي در در صدائون ڏينديون هُيون ۽ ڳيت ڳائي خيرات وٺنديون هُيون، اهي گيت هڪ ڪورس جي انداز ۾ڳائبا هُئا، جيئن ٻين گھر جي عورتن کي خبر پئي ته پنڻ واريون آيون آهن، جيوڻي ان ڌنڌي ۾ ايترو ته هُوشيار ٿي وئي هئي جو پوءِ ماڻس مانڪيءَ کي گھر کان ٻاهر وڃي پنڻ جي ضرورت محسوس نه ٿي.

    سانوري رنگ، وڏين اکين، وڏي قد، گول ۽ تيز ڪشش ڪندڙ نظر ۽ چهري واري جيوڻي جڏنهن 14 سالن جي ٿي ته، مائٽن ڏٺو ته هن جو هڪ هم عمر پر ڪنهن سُٺي گھراڻي جو هڪ ڇوڪرو، روزانو هُنن ڇوڪرين جي آسيئڙي ۾، رستي ۾ اچي بيهي هُنن کي پيار ڀريل نظرن سان گھوريندو رهي ٿو، پر ڇوڪرين کي اهو احساس ئي نه هوندو هو ته اصل ماجرا ڇا آهي، بل آخر جڏنهن اهو راز افشا ٿيو ته هو صرف جيوڻيءَ لاءِ اچي رستي ته بيهندو آ، ۽ جيوڻيءَ هن تي ڪڏنهن به توجه نه ڏنو هو ته هڪ ڏينهن جيوڻيءَ جي مائٽن جڏنهن اهو لقاءُ ڏسي ورتو ته هُن ڇوڪري کي جڏنهن هٿ بڌي ان راه تا هٽائڻ لاءِ هي جُملا چيا ته ” توهان وڏا ماڻهو آهيو ۽ وڏا ماڻهو غريبن جي عزت ۽ غيرت سان صرف کيڏڻ ڄاڻندا آهن پر عزت نٿا ڪن “ ته اهو ٻُڌي اُن ڇوڪري روئي ڏنو ۽ ڪجھه نه ٻُڌڻ ۾ ايندڙ لفظ چئي واپس هليو ويو ۽ وري ظاهر نه ٿيو. جيوڻي پري کان اهو لقاءُ پئي ڏٺو ۽ پوءِ جيوڻي پهريون ڀيرو پوري رات سمهي نه سگھي ۽ ٻي ڏينهن پنهنجي ساهڙين سان گذرندي روڊن، گھٽين، رستن تي اُن خوبرو نوجوان ڇوڪري جي تلاش ڪندي رهي، ۽ جيوڻي ڏينهن ، هفتا، مهنا، سال اُن ڇوڪري کي ڳوليندي رهي پر اُهو ڏسڻ ۾ نه آيو.

    وقت گذرندو رهيو، جيوڻي جڏنهن هڪ شاديءَ ۾ پنهنجي ساهڙين سان گڏ لوٽي تي ڳائي رهي هُئي، ته هڪ بزرگ شخص سندس هٿ ڏٺا ۽ چيائينس ته ” فقيرياڻي اڄ جو ڏينهن ياد رکجانءِ جيڪڏنهن هي واقعي تنهنجو هٿ آهي ته تون هڪ ڏينهن دولت مند بڻجنديئن.“ ۽ پوءِ اها ڳالهه جيوڻيءَ جي دماغ ۾ به گھر ڪري وئي.

    1918ع جو ذڪر آهي ته جڏنهن ڦڪو پنهنجي اباڻي رياست کي ڇڏي ملتان اچي رهيو، ته ملتان ۾ جيوڻيءَ جي مُلاقات وقت جي وڏي گويئي استاد اُميد عليءَ سان ٿي. هو پاڻ به جيوڻيءَ جي آواز ۽ شخصيت مان مُتاثر ٿيو ۽ جيوڻيءَ کي گَندي (رئو) پارائي پنهنجي ڌيءِ ٺاهيائينس ۽ چيائينس ته..” جيوڻي تو ۾ اهليت ڏسي رهيو آهيان، هڪ ڏينهن تو تمام وڏي فنڪار ثبت ٿينديئن“ ۽ پوءِ هون استاد اميد علي خان جي رهنمائيءَ ۾ راھ جي تربيت ورتي، اهڙيءَ طرح ڦڪوءَ جو پورو خاندان استاد اميد عليءَ جي قرب ۽ محبت ۾ محو ٿي ويو جيڪي بل آخر هڪ ڏينهن سند مدد سان حضرت شمس تبريز جي هٿ تي مُسلمان ٿي ويا ۽ مسلمان ٿيڻ کان پوءَ جيوڻي جو نالو ته جيوڻي ئي رهيو پر ڦڪوءِ پنهنجو نالو فتح محمد رکيو. ۽ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ڳيوڻيءَ در در پني کائڻ ڇڏي ڏنو ۽ صرف استاد اميد عليءَ جي معرفت وڏن وڏن ميلن، ملاکڙن ۽ محفلن ۾ وڇي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي هُئي ۽ پنهنجي فن جون منزلون طه ڪندي وئي.

    اهڙي طرح جيوڻيءَ جو نالو سُٺن ڳائڻن ۾ ليکجڻ لڳو، کيس ملتان کان وٺي ڪراچيءَ تائين راڳ جون دعوتون ملڻ لڳيون ۽ سنڌ جا ماڻهو ساڻس والهانه محبت ڪرڻ لڳا. اهوئي سبب هو جو هُن اُستاد جي اجازت سان مُلتان کي خير آباد چئي حيدرآباد اچي وسائي، حيدرآباد ۾ جيوڻيءَ جي مُلاقات سنڌ جي هڪ گويئي استاد خير محمد سان ٿي، جيڪو نه صرف راڳ سان ماڻهن کي مُتاثر ڪندو هو پر اُن جي شخصيت به پُرڪشش هُئي. ۽ اهوئي سبب هو جو جيوڻي اُن جي سحر انگيز ڪشش کان بچي نه سگھي ۽ اُن سان دل جو سودو ڪري ويٺي.

    1928ع ۾ جيوڻي راڻي پور جي هڪ بزرگ سائين صالح شاه جي مُريدياڻي ٿي، جنهن هُن جو نالو تبديل ڪري ”جيوڻي ٻائي “ رکيو. ۽ دعا ڏنائينس ته ” جيوڻي تون الله ۽ اُن جي رسول صلعم جن جي دُعا سان قيامت تائين فن ۾ زنده رهنديئن“ جيوڻي پوءِ حيدرآباد پُهچندي ئي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان تربيت وٺڻ شروع ڪري چند سالن ۾ ئي قرآن شريف مُڪمل ڪري ورتو.

    1932ع جي ڳالهه آهي ته جيوڻيءَ جي ”نواب ماڪا“ نالي وڏي قد ۽ خوبصورت جوان سان شادي ٿي ۽ شاديءَ کان پهرين جڏنهن نواب ماڪا ۽ جيوڻيءَ جي مُلاقات ٿي هُئي ته پوءِ ئي هُن استاد خير محمد کي خيرآباد چئي نواب ماڪا سان گڏ موجوده شيش محل هوٽل جي ڀرسان هڪ گھر ۾ رهڻ لڳي.

    نواب ذات جو ماڪا هو، هو ميلن ملاکڙن جا ٺيڪا کڻندو هو، ان کان علاوه تاش (پتي) جو وڏو کيڏاري (کلاڙي يا جواري يا رانديگر) هو، ۽ هندستان ۽ امريڪا وڃي وڏن ڏڏن نوابن کي تاش ۾ هارائي ايندو هو، هو ٻاهر ڪُجھه به هو پر گھر ۾ هُن جي طبيعت مختلف هُئي ۽ روزي نماز جو پابند هو، ۽ پڇڻ تي چوندو هو ته ” نماز خُدا لاءِ آهي نمائش لاِءِ نه “ جيوڻيءَ کان اڳ نواب ماڪا جي هڪ ٻي گھرواري به هُئي جيڪا سنس مائٽياڻي هُئي ۽ هوءَ نوان ماڪا جي اباڻي ڳوٺ سکر ۾ رهندي هُئي ۽ کيس پهرين گھرواريءَ مان ڪافي ٻار هُئا پر جيوڻي مان ڪو به اولاد نه هُئس. جيوڻي پاڻ به راڳ سان گڏ صوم صلوات جي پابند هوندي هُئي، زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ تهجد باقائدگيءَ سان ادا ڪندي هُئي، پاڻ حيدر آباد ۾ ڪافي غريب گھرن جي مالي مدد ڪندي هُئي ۽ غريب ڇوڪرين جي شادي جو خرچ پڻ پاڻ درداشت ڪندي هُئي.

    کيس امامن سان به تمام گھڻي عقيدت هوندي هُئي جنهن ڪري هن جو محرم مهني جي پنجين تاريخ جو نياز پوري حيدر آباد شهر ۾ مشهور هوندو هو. آخري ڏينهن ۾ ان کي هڪ آخري عبادت جو هڪ ٻيو موقعو ميسر آيو، جيوڻيءَ کي جڏنهن خبر پئي ته ان جو استاد اميد علي ملتان ۾ تنگدستيءَ جي زندگي گذاري رهيو آهي ته هوءَ ملتان هلي وئي ۽ استاد کي حيدر آباد وٺي آئي، ان جي رهڻ جو بندو بست ڪيائين ۽ سندس خدمت پنهنجي هٿن سان ڪندي هُئي. ايتري تائين جو هُن جا پير به پنهنجن هٿن سان ڌوئيندي هُئي، استاد اميد علي خان کي ٻلين پالڻ جو شوق هوندو هو ۽ حيدرآباد ۾ به ان جي ڪمري ۾ پنج ٻليون ان سان گڏ رهنديون هُيون، جن جي کير ۽ گوشت جو بندوبست به جيوڻي ڪندي هُئي. جڏنهن استاد وفات ڪري ويو ته ان جي وصيت مطابق جيوڻي سنس مڙه کڻائي ملتان ۾ سپرد خاڪ ڪيو. استاد جي وفات کان پوءِ پاڻ بي انتها مايوس رهڻ لڳي ۽ معمولي معمولي ڳالهين ۾ جلد روئي پوندي هُئي.

    جيوڻي هڪ مڪمل فنڪاره سان گڏ هڪ مڪمل انسان به هُئي، ننڍي وڏي سان انتهائي شريفاڻي انداز ۾ پيش ايندي هُئي، ڳائڻ وقت به ان جو انداز پروقار ۽ با عزت هوندو هو، ايستائين جو جڏنهن ساڙهي پائيندي هُئي ته هُن جو سينو مُڪمل ڍڪيل هوندو هو، ڪنهن به محفل يا شاديءَ جي تقريب ۾جڏنهن هُن کي پئسه ملندا هُئي ته هوءَ اُن کي پنجن حصن ۾ ورهائيندي هُئي ۽ ان کان پوءِ اُتئي هڪ حصو پنجن تنن جي نالي تي خيرات ڪري ڇڏيندي هُئي، شاديءَ يا محفل ۾ وڇڻ لاءِ ڪنهن سان به رقم طه نه ڪندي هُئي.

    جيوڻي صنح جي وقت رياض ڪندي هُئي، هن جي پسند جو کاڌو سنڌو دريا جو پلو هوندو هو، هن گھڻن ئي فونا رڪارڊ ڪمپنين سان معاهدا ڪيا هُئا هن هز ماسٽر وائيس تي سڀ کان وڌيڪ ڪلام رڪارڊ ڪرايا ۽ ان ڪري ئي هز ماسٽر وائيس وارن سنس هڪ شاندار جشن به ملهايو هو. هُنن ساڍن ڏهن تولا سون سان ٺهيل مونو گرام جيوڻي ٻائيءَ کي ايوارڊ ۾ ڏنو هو.

    جيوڻيءَ جي زندگيءَ ۾ ۽ پوءِ به ڪئي عجيب و غريب واقعا رونما ٿيا. انهن مان هڪ واقعو اهڙو آهي جنهن سان پوري سنڌ جي ماڻهن ۾ خاموشي ڇائنجي وئي هُئي، بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي 4 اپريل واري قتل ۽ شهادت تي پوري دنيا جي ماڻهن تي حيرت ۽ خاموشي. اهو هن ريت ته جيوڻيءَ کي عدالت طرفان سزاءِ موت ڏيڻ جو فيصلو ٿيو هو. واقعو هن ريت آهي ته جيوڻي ڪنهن شهر کان ريل گاڏيءَ ذريعي اچي رهي هُئي ته پوليس کي اطلاع ٿيو ته ٽرين ۾ هڪ شخص کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ اُن جو لاش پيتيءَ ۾ وجھي قاتل ڪيڏانهن کڻي وڃي رهيا آهن. عجيب اتفاق هو ته جڏنهن ٽرين تي پوليس ڇاپو هنيو ته ان وقت اُنهيءَ ڪمپارٽمينٽ ۾، جنهن جي پيتيءَ ۾ مقتول جو لاش بند هو، اُتي صرف جيوڻي ئي موجود هُئي. ڪيس هليو پر جيوڻي ڪو به اهڙو دليل ثابت نه ڪري سگھي ته جج مطمئن ٿين ته هي قتڪ جيوڻيءَ نه ڪيو آهي.

    چوندا آهن ته سچ آخر سچ آهي ۽ ڪوڙ جا پير ڪونه هوندا آهن، جڏنهن جيوڻيءَ کي موت جي سزا ٻُڌائي وئي هُئي ته پوري هندستان ۾ باه ٻري وئي ۽ بل آخر هڪ شخص پنهنجي ضمير جي اُڪسائڻ تي اجاھر ٿي اعلان ڪيو ته قتل جيوڻيءَ نه پر هُن ڪيو آهي ۽ پوءِ حقيقت سامهون اچڻ ڪري جيوڻي باعزت بري ٿي وئي.

    جيوڻيءَ جي ڪردار جي ڪري وقت جا وڏا وڏا گويا سندس عزت ۽ احترام ڪندا هُئا، هندستان جي ڪنهن به ڪنڊ ڪُڙڇ مان آيل گويا جيوڻيءَ جا مهمان بڻبا هُئا، ايتري تائين جو سيوهڻ جي ميلي تي هندستان مان آيل گويا اچي هن وٽ رهندا هُئي، سنڌ جا ماڻو پڻ جيوڻي4 سان ايڏي ئي عقيدت رکن ٿا. جنهن ۾ مير غلام علي ٽالپور، سيد صالح شاه، محمد علي شاه ڄاموٽ ۽ ابراهيم حيدريءَ وارا ته هن کي سڀ کان وڌيڪ چاهيندا هُئا. استاد وڏو غلام علي، استاد عاشق علي خان، اقبال بيگم، ۽ بيگم اختر ته ڪئئن ڪئين راتيو جيوڻيءَ سان گڏ گذارينديون هُيون. استاد غلام علي خان لاءِ ته جيوڻي4 هڪ کٽ الڳ ٺهرائي رکي هُئي، ڇو جو ان جو ماشالله قد تمام وڏو هوندو هو ۽ عام ماڻهوءَ ته احترامن ان کٽ تي سمهندو ئي ڪونه هو.

    چون ٿا ته ڪن شقي ۽ ساڙ رکندڙ ماڻهن نواب ماڪا جي وڏي پُٽ کان پڇيو ته هُنن وٽ ڪهڙو ثبوت آهي ته سندس پيءُ جيوڻيءَ سان شادي ڪئي هُئي، جنهن تي هُن جواب ۾ چيو هو ته ” اُها عورت جيڪا انتهائي پرهيزگار ۽ نيڪ هُجي، تنهن جي گناه جو ڪو به تصور نٿو ڪري سگھي، ته ڇا اهڙي عورت هڪ غير مرد سان زندگيءَ جا پورا ارڙهن سال بغير نڪاح جي، هڪ بستر تي سمهي سگھي ٿي، باشعور ۽ با ضمير ڪو به اهڙو ماڻهو اهو نٿو چئي سگھي ته جيوڻيءَ جو نواب ماڪا سان نڪاح ڪونه ٿيو هو.“ هن وڌيڪ ٻوڌايو هو ته ” هو ٽن سالن جي عمر کان پنڌرن سالن جي عمر تائين جيوڻي سان گڏ رهيو هو، سچ ته هوءَ انسان نه بلڪه فرشتو هُئي، جيوڻي امان صوم و صلوات جي پابند هُئي، ۽ زندگيءَ جا آخري لمحا هُن تهجد پڙهندي گُذاريا هُئا“.

    جڌنهن نواب ماڪا جي پهرين زال کان پُڇيو ويو ته هُن پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ ٻي عورت جي ڀائيواري ڪيئن برداشت ڪئي ته هن وراڻيو ته ” بلڪل ڪا به عورت اهو برداشت ناهي ڪندي ته ڪو ٻيو اُن جي مُڙس ۾ حصيدار بڻجي، ليڪن مون ائين ان ڪري نه ڪيو ته هو۽ انتهائي نيڪ نيت، نيڪ طبيعت، خلوص ۽ سُهڻي ورتاءَ واري عورت هُئي. هوءَ جڏنهن به ٻاهران ايند هُئي ته هزار دفعا جھلڻ جي باوجود به مُهنجي لاِ ڪو نه ڪو تحفو آڻيندي هُئي، جيڪي ڪپڙا پنهنجي لاِءِ وٺندي هُئي اڙها ئي ۾وهنجي لاءِ به، ٻيو ته ٺهيو، جهڙي سون جا زيور پنهنجي لاءِ ٺهرائيند هُئي، اهڙا مون لاءِ به

    هن جيوڻيءَ جي نيڪ نيتي ٻُڌائيند وڌيڪ چيو ته ” هڪ ڏينهن حيدرآباد واري گھر ۾ نواب ماڪا، جيوڻي ۽ مان ويٺا هُئاسون ته نواب ماڪا، جيوڻيءَ کي استاد خير محمد جو طعنو ڏنو، اهو ٻوڌندي جيوڻي روئي ڏنو. ڳالهه ايتري وڌي وئي حاجي خير محمد کي اتان گھرايو ويو. مون اکين سان ڏٺو ته خير محمد جي هٿن ۾ قرآن هو، ۽ هن انتهائي جوش ۾ نواب ماڪا کي چيو ته نواب صاحب هي قرآن شريف مُهنجن هٿن ۾ آهي، تون يقين ڪر ته جيوڻيءَ سان مُهنجو اهو تعلق آهي جو مان َرآن پاڪ هٿ ۾ کڻي هُن کي ماءُ يا ڀيڻ چئي سگھان ٿو“. جيوڻيءَ جو نواب صاحب جي پهرين گھرواريءَ ۽ ٻچن سان ايترو پيار هوندو هو جو هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي وصيت ٺهرائي ته مُهنجي مرڻ کان پوءِ مُهنجي هر شيءِ نواب صاحب جي ٻچن جي حوالي ڪئي وڃي.

    جيوڻيءَ جي وفات به هڪ حيرت انگيز طريقي سان ٿي. روهڙيءَ ۾ سندس دين جي ڀاءَ ”بچل ميمڻ “ جيوڻيءَ ڏي نياپو موڪليو ته ”مُهنجي پُٽ جي شادي آهي ۽ ان ۾ و+ڦيءَ جي حيثيت سان توهان جي شرڪت ضروري آهي ۽ سنس فرمائش آهي ته اُتي توکي عزيزن اڳيان ڳائڻو به پوندو“. جيوڻيءَ جي ان وقت طبيعت به خراب هُئي ۽ ان باوجود پنهنجي مُهن چيل ڀاءُ جي پٽ جي خواهش رکڻ لاءِ نه صرف شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لازمي هو پر پنهنجي فن جو مظاهرو به ڪرڻو هو ۽ ڪيائين. گھريلو تقريب ختم ڪرڻ کان پوءِ رات جو ٻي لڳي موهن ٻولي ڀاءُ کي چيائين ته جيئن ته نواب ماڪا صاحب به حيدر آباد ۾ آهي، ان ڪري مونکي جيترو جلد ٿي سگھي حيدر آباد واپس موڪلڻ جو بندو بست ڪر! ان زماني ۾ لاهور کان ڪراچي هڪ گاڏي هلندي هُئي جنهن کي لاهور ميل چوندا هُئا ۽ حيدر آباد کان ان ٽائيم تي نڪرندي هُئي ، جيوڻي ان گاڏيءِ ۾ چڙهي حيدآباد لاءِ رواني ٿي وئي.

    جيوڻي جڏنهن حيدرآباد اسٽيشن جي پليٽ فارم تي پُهتي ته هُن ڪي رسيو ڪرڻ لاِ نواب صاحب هڪ سازندي حاجي شيخ کي موڪليو هو، پليٽ فارم تان ٻاهر نڪرڻ دوران رستي ۾ کيس نواب ماڪا جو گھرو دوست حُسين بابو ملي ويو ۽ هوءَ رسمي عليڪ سليڪ لاءَ چند لمحا ڳالهائيندي رهي. ٻي طرف اُهي سازندا جيڪي جيوڻيءَ کي وٺي اچڻ لاءِ ٽانگو ڪاهي آيا هُئا، انهن مان هڪ حاجي شيخ اُتي پُهچي اوچتو جڏنهن هي لفظ ورجايا ته ” جلدي ڪر مائي “ ته جيوڻي کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ اوتي جو اُتي لمحن ۾ کلندي دل تي هٿ رکي زمين تي ويهي رهي ۽ گھري کان پوءِ اهو امر آواز رکندڙ سنڌ جي سورمي ڳائڪا عظيم فنڪاره جيوڻي ٻائي اسان کان هميشه هميشه لاءِ موڪلائي وئي ” انا لِ الله و انا اِليه يراجعون. بيشڪ هر وجود الله لاءِ ئي آهي ۽ هر وُجود کي ان طرف ئي موٽڻو آهي.“ اڄ ائين لڳي ٿو ته اهو جملي ” جلدي ڪر مائي! “ حاجي شيخ جو آواز نه پر ملڪ الموت جو آواز هو.
    جيوڻي ٻائي اڳئين دئور جو آواز

    نوٽ ؛آرٽ ڊراما، آرٽ ٽيلي فلمون ٺاهڻ وارا سمجھن ٿا ته هيءَ ريسرچ ۽ جيوڻي ٻائيءَ جي ڪهاڻيءَجي ترتيب، ”ون لائين“ ڪيڏي اهميت ٿي رکي.جي ڪو به ٽي وي پروڊيوسر، ڊائريڪٽر يا اسڪرپٽ رائيٽر ، چينل يا پرائيويٽ پروڊڪشن جو نمائندو هن آرٽ پلي کي انهيءَ ترتيب سان ڪندو ته پهرين ان جي آگاهي ۽ اجازت لاِءِ کيس ساليووڊ پروڊڪشن پبليڪشن ۽ ريسرچ سينٽر، ؛ جنهن جي فيسبوڪ تي به اي ميل ايڊريس آهي sindhi_media@yahoo.com ۽ سيل نمبر آهي 0300 2895691 ، تي ڏيندو، ويب سائيٽ آهي http://www.sollywood.webs.com ۽ يو ٽيوب تي آهي http://www.youtube.com/mysollywood ٻي صورت م ڪاپي رائيٽ ايڪٽ تحت قانوني ڪاروائي ٿي سگھي ٿي. (ادارو) منجانب : انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ (ايڪٽر، رائيٽر، ۽ فري لانس ڊائريڪٽر ۽ نيٽ جرنلسٽ ، سنڌي ميڊيا) چيف آرگنائزر” سنڌي آرٽسٽس ويلفيئير ايسوسيئيشن“ (ساوا)
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: جيوڻي ٻائي ۽ سندس اُتم ڪهاڻي، هڪ فنڪار شخصيت

    پيارا سائين رزاق ميمڻ صاحب شال سدائين جُڙيا هُجو اهڙو تاريخي ۽ معلومات مضمون توهان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ تان ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪيو ، جيوڻي ٻائي جي زندگيءَ جا ڪافي سارا پهلو جيڪي توهان هن مضمون ۾ ونڊ ڪيا آهن سي اسان جي نظرن کان اوجهل هُئا، اسان کي توهان جي ٻي قسط جو شدت سان انتطار رهندو، ۽ توهان کي شاباس هُجي جو اهڙا معلوماتي مضمون اسان سان شيئر ڪري اسان جي معلومات ۾ اضافو ڪريو پيا۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: جيوڻي ٻائي ۽ سندس اُتم ڪهاڻي، هڪ فنڪار شخصيت

    مٺڙا عبدالرزاق، جڙيل هجين هميشه، جيوڻي ٻائيءَ جي انتهائي جذباتي ڪهاڻي لکڻ ۽ وري اسان سان ونڊ ڪرڻ تي وڏا وڙ اوهانجا ۔۔۔ هونءَ ته هر انسان جي ڪهاڻي هڪ افسانو هوندو آهي پر اوهانجي لکڻ جي ڏانءَ ۽ لفظن جي جوڙجڪ جيوڻيءَ جي ڪهاڻيءَ کي انتهائي متاثر ڪندڙ ٺاهي ڇڏيو آهي ۔۔۔
    ٻي قسط جو انتظار رهندو ۔۔۔ لک ٿورا ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    1918ع جو ذڪر آهي ته جڏنهن ڦڪو پنهنجي اباڻي رياست کي ڇڏي ملتان اچي رهيو، ته ملتان ۾ جيوڻيءَ جي مُلاقات وقت جي وڏي گويئي استاد اُميد عليءَ سان ٿي. هو پاڻ به جيوڻيءَ جي آواز ۽ شخصيت مان مُتاثر ٿيو ۽ جيوڻيءَ کي گَندي (رئو) پارائي پنهنجي ڌيءِ ٺاهيائينس ۽ چيائينس ته..” جيوڻي تو ۾ اهليت ڏسي رهيو آهيان، هڪ ڏينهن تو تمام وڏي فنڪار ثبت ٿينديئن“ ۽ پوءِ هون استاد اميد علي خان جي رهنمائيءَ ۾ راھ جي تربيت ورتي، اهڙيءَ طرح ڦڪوءَ جو پورو خاندان استاد اميد عليءَ جي قرب ۽ محبت ۾ محو ٿي ويو جيڪي بل آخر هڪ ڏينهن سند مدد سان حضرت شمس تبريز جي هٿ تي مُسلمان ٿي ويا ۽ مسلمان ٿيڻ کان پوءَ جيوڻي جو نالو ته جيوڻي ئي رهيو پر ڦڪوءِ پنهنجو نالو فتح محمد رکيو. ۽ مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ڳيوڻيءَ در در پني کائڻ ڇڏي ڏنو ۽ صرف استاد اميد عليءَ جي معرفت وڏن وڏن ميلن، ملاکڙن ۽ محفلن ۾ وڇي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي هُئي ۽ پنهنجي فن جون منزلون طه ڪندي وئي.
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    پيارا سائين رزاق ميمڻ وڏي مهرباني
    هڪ وڏي تحرير پر غور ڪري ان ڪري پڙهيم جو اسان جو نانو جيوڻي ٻائيء جي ڳالهه ڪندو ء ان جو وڏو فين هيو۔
    بهترين ونڊ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جيوڻي ٻائي جو نالو راڳ جي دنيا ۾ هڪ وڏو نالو آهي۔ شايد هُن اهو سڀ انهي ڪري حاصل ڪيو جو هن وقت جهڙي ظالم ۽ پُر اثر اُستاد کان ڀرپور سکيو۔ هجرت ۾ برڪت جي ڳالهه ته اسان جي آخري نبي صه کان به ثابت آهي۔ وري هجرت کان پوءِ به پنهنجي فن سان لاڳاپيل ماڻهن سان ملڻ ۽ آخر ۾ انهن جي خدمت ڪرڻ۔ اهو سڀ انهي ثمر جو سبب آهن جيڪو هُن حاصل ڪيو۔

    هن ليک سان ٻه مقصد پورا ٿيا۔

    هڪ ته تمام معلوماتي ليک جيڪو هاڻي ريڪارڊ تي به اچي ويو
    ٻيو اهو ته هڪ دفعو وري اهو دزس مليو ته مان انهن جو جيڪي محنت ڪن ۽ پنهنجن وڏن جي خدمت ڪن۔

    مهرباني سنڌي ميڊيا (عبدالرزاق صاحب جي)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي سدا حيات آوازن مان هڪ آواز جيوڻي ٻائي جو۔ اوهان جو بهترين تحقيقي ليک جيڪو ساراهه لائق آهي۔ سچ ته لاجواب ۽ ڪارائتو ليک جنهن مان سٺي ڄاڻ ملي۔





     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏5 جون 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    خانه بدوش قبيلو ، جيڪو پنڻ مڱڻ تي جنهن جو گذران هجي ،ان مان محسوس پيو ٿئي ته اڻ پڙهيل خاندان هو ، ليڪن هنن جي سوچ ته ڏسو جيوڻي ٻائي جي ڄمڻ جي تاريخ به هنن لکي ڇڏي هئي ،ان لاءِ ليکڪ ئي ٻڌائي سگهي ٿو ته اها تاريخ ڪنهن ان وقت نوٽ ڪري ڇڏي هئي ۔ ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    نوٽ ؛آرٽ ڊراما، آرٽ ٽيلي فلمون ٺاهڻ وارا سمجھن ٿا ته هيءَ ريسرچ ۽ جيوڻي ٻائيءَ جي ڪهاڻيءَجي ترتيب، ”ون لائين“ ڪيڏي اهميت ٿي رکي.
    جي ڪو به ٽي وي پروڊيوسر، ڊائريڪٽر يا اسڪرپٽ رائيٽر ، چينل يا پرائيويٽ پروڊڪشن جو نمائندو هن آرٽ پلي کي انهيءَ ترتيب سان ڪندو ته پهرين ان جي آگاهي ۽ اجازت لاِءِ کيس ساليووڊ پروڊڪشن پبليڪشن ۽ ريسرچ سينٽر، ؛ جنهن جي فيسبوڪ تي به اي ميل ايڊريس آهي sindhi_media@yahoo.com ۽ سيل نمبر آهي 0300 2895691 ، تي ڏيندو، ويب سائيٽ آهي http://www.sollywood.webs.com ۽ يو ٽيوب تي آهي http://www.youtube.com/mysollywood ٻي صورت م ڪاپي رائيٽ ايڪٽ تحت قانوني ڪاروائي ٿي سگھي ٿي.(ادارو) منجانب : انجنيئر عبدالرزاق ميمڻ (ايڪٽر، رائيٽر، ۽ فري لانس ڊائريڪٽر ۽ نيٽ جرنلسٽ ، سنڌي ميڊيا) چيف آرگنائزر” سنڌي آرٽسٽس ويلفيئير ايسوسيئيشن“ (ساوا) (اهو سڀ ان ڪري جو اسانجي طرفان به هن ٽيلي فلم اسڪرپٽ ٺهڻ جي تياري آهي ۽ جلدئي پرائيويٽ پروڊڪشن طرفان هي فلم بندي ڪئي ويندي)
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جـيوڻـي ٻائـي
    محمد عثمان ميمڻ

    جـيـوڻي ٻائي ڌيءَ ڦڪـو گـرگلـو، 22 جنوري 1901ع ۾ هندستان جي راجپوتانا علائقي جي ’ڀيلواڙ‘ رياست ۾ ڄائي. سندس اصل نالو جيدي هو، پر جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان سنڌ هند ۾ مشهور ٿي. هوءَ اڳتي هلي سنڌ جي هاڪاري ڳائڻي ثابت ٿي. سندس آواز ۾ اهڙو ته جادُو هو جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي ويـنـديـون هـيـون. جيـوڻيءَ جا والدين پن تي گذران ڪندا هئا ۽ کيس به ان جي تربيت ڏني وئي هئي. هوءَ جڏهن ستن اٺن سالن جي ٿي ته پاڻ ۽ پنج ٻيون ڇوڪريون گڏجي در در تي سئن به هڻنديون هيون ۽ ڳيچ به ڳائينديون هيون. 1918ع ۾ ڦڪو پنهنجي وطن کي ڇڏي ملتان وڃي ويٺو، جتي جيوڻيءَ جي ملاقات مشهور راڳي استاد امير خان سان ٿي، جيڪو سندس آواز ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو جيوڻي ٻائيءَ کي رئو پارائي، پنهنجي ڌيءَ بنائي، کيس راڳ جي تعليم ڏيڻ شروع ڪيائين. ڦڪي جو سڄو خاندان امير خان جي قرب ۽ صحبت ۾ هڪ ڏينهن ساڻس گڏجي حضرت شمس تبريز جي متوليءَ جي هٿ تي مسلمان ٿيو. ان بعد ڦڪو فتح محمد ٿي ويو ۽ جيوڻي در در تي وڃي خيرات وٺڻ بند ڪئي ۽ استاد امير خان جي معرفت ميلن ملاکڙن ۽ محفلن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندي، فني منزلون طئي ڪندي رهي. ملتان کان ڪراچيءَ تائين کيس راڳ جون دعوتون ملڻ لڳيون. سنڌ جا ماڻهو کيس گهڻو چاهيندا هئا ۽ پنهنجي محفلن ۾ کيس گهرائيندا هئا. هڪ دفعي شاهه ڪريم بلڙيءَ واري جي ميلي تي جيوڻي آيل هئي، اتي سندس ملاقات سنڌ جي مشهور راڳي استاد خير محمد خان سان ٿي، جنهن کي جيوڻيءَ جي راڳ ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ جيوڻي به استاد کان متاثر ٿي. آخر استاد خير محمد خان جي صحبت ۾ جيوڻي ملتان ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿي ۽ استاد خير محمد خان کان راڳ جا سبق سکيائين. خاص ڪري سنڌي ڪافي ڳائڻ جي سکيا ورتائين. پوءِ ته سڄيءَ سنڌ ۾سندس آواز گونجڻ لڳو، هوءَ سنڌ جي هر ميلي ۾ استاد خير محمد خان سان گڏ هوندي هئي. هڪ ڀيري شاهه قادريءَ جي ميلي تي استاد بيبو خان، استاد خير محمد خان، قاسم علي شاهه، ڀورو سک، ماسٽر چندر ۽ ٻيا مشهور فنڪار اچي شامل ٿيا، پر ميلي جي محفل موسيقي جيوڻيءَ کٽي ورتي. سندس آواز ٻڌي ماسٽر چندر گهڻو متاثر ٿيو ۽ مهاراج تلسي داس کي چيائين ته جيوڻيءَ کي ڪراچي وٺي اچ ته جيئن سندس آواز رڪارڊ ڪرايون. مهاراج تلسي داس جيوڻيءَ کي ڪراچيءَ وٺي ويو، ماسٽر چندر کيس رڪارڊنگ بابت سکيا ڏني. ڪمار خان جي موسيقيءَ ۾ جيوڻي ٻائيءَ جي آواز ۾ پهريون رڪارڊ انجنيئر لال چند رڪارڊ ڪيو. سڄي سنڌ ۾ هر طرف جيوڻيءَ جي سريلي آواز جي واهه واهه ٿي ويئي. جيوڻي پاڻ به شاعره هئي، تنهن ڪري ٻه ٽي رڪارڊ پنهنجن ڪلامن جا به رڪارڊ ڪيائين. ان کان سواءِ هوءَ حاجي شاهه ۽ پرسرام ضياءَ جا ڪلام ڳائيندي هئي. جيوڻي ٻائي سنڌ ۾ 1928ع ۾ راڻيپور جي بزرگ سائين صالح شاهه جي مريدياڻي ٿي. هن ئي بزرگ سندس نالو جيدي مان بدلائي ’جيوڻي ٻائي‘ رکيو هو. جيوڻي حيدرآباد جي هڪ عالم الله بخش نوناريءَ کان قرآن شريف ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي. 1932ع ۾ هن هڪ شخص نواب ماڪا سان شادي ڪئي، پر هن کي ڪو به اولاد نه ٿيو. جيوڻي ٻائي وڏي سريلي فنڪاره هئي. هن پنهنجي وقت ۾ ايترو ته نالو پيدا ڪيو، جو آل انڊيا ڪانفرنس ۾ پورن تيرنهن سالن تائين سنڌ جي نمائندگي ڪيائين. ڪاري رنگ، وڏين اکين، ڀريل جسم، ڊگھي قد، گول ۽ سونهندڙ چهري واري جيوڻي ٻائي پُروقار ۽ باعزت عورت هئي. پاڻ روزي نماز جي پابند هئي، کيس پنجنتن سان وڏي عقيدت هئي. هٿ جي ڇوٽ هوندي هئي. جيوڻي ٻائي هز ماسٽرس وائس گراموفون رڪارڊ ڪمپنيءَ ۾ سئو کان وڌيڪ گراموفون رڪارڊ ڀرايا، جيڪي سڀ جا سڀ مقبول ٿيا. اهو ئي سبب هو، جو هن ڪمپنيءَ وارن ساڻس هڪ شاندار جشن ملهايو، جنهن ۾ ڪمپنيءَ جو ساڍن ڏهن تولن جو سونو مونوگرام کيس اوارڊ طور ڏنو ويو. سندس آواز ۾ ريڊيي پاڪستان تان رڪارڊ اڄ تائين نشر ٿيندا رهندا آهن، جن ۾ ’قابو ڪوٽن ۾‘ ۽ ’بي درد جي اقرار ۾ هر گز نه سچائي آ‘ جهڙا ڪلام ٻڌي، جيوڻيءَ جي ياد تازي ٿيو وڃي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي آتم ڪٿا ”ڪيئي ڪتاب“ ۾ لکي ٿو ته جيوڻي ٻائي هڪ وڏي آواز باني گلي ۾ لهرن ۽ مڪن جي مالڪه ۽ پنهنجي وقت جي ”گوهر جان“ سمجهي ويندي هئي. ميلن ۽ سنڌ ۾ ڪافي شهريت جي مالڪ هئي، جنهن جا لکين رڪارڊ هلندا هئا. سندس سامهون گرامون فون رڪارڊنگ جي مقابلي ۾ ماسٽر چندر هوندو هو. جيوڻي ٻائي ۽ ماسٽر چندر جي وچ ۾ ڳائڻ جو مقابلو فقط گرامو فون ڪمينڊ جي حد تائين هو. باقي ميڙن ۽ ميلن ۾ سندس مقابلو مٺو ڪلهوڙي سان هو. جيوڻي ٻائي حد کان وڌيڪ ڪاري رنگ جي، بدشڪل، بدصورت، بدن ۾ ڀريل، ٿلهي، بيڊولي هئي، پر ڳائڻ جي انگ انگ ۽ ڍنگ، آواز جي بلندي ۽ سريلي پڻ ۾ سندس ڪو به ثاني ڪو نه هو. سندس انهي عيبن مٿان فن غالب هوندو هو. خير محمد عرف جکري کي ساڻس عشق هئڻ ڪري اهي عيب ڏسڻ ۾ ئي ڪو نه ايندا هئا، واقعي فن جيوڻيءَ جي در جو غلام هو.

    سنڌ جي هي سدا بهار ڳائڻي 5 جون 1942ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌي موسيقي جي لوڪ ڳائڻي جيوڻي ٻائي 5 جون تي 75ورسي جي مناسبت سان
    [​IMG]

    (بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ )

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    سونهاري سنڌ هميشه مختلف وقت به وقت سر ۽ سنگيت جي گلن ۽ سرهاڻ سان سرشار رهي آهي ۽ انهن سرسنگيت جي ڳائڻ هر دور ۾ پنهنجي سنڌ جو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ۽ روشن ڪيو آهي ان سر ۽ سنگيت جي لڙهي مان هڪ گل ۽ لازوال۽ بي مثال ڳائڻ منجهان جيدي (جيوڻي ٻائي ) به هڪ لوڪ ڳاڻي 22 جنوري 1901 ع اڱاري ڏينهن ڌاري هندستان جي راجپوتانا علائقي جي (ڀيلواڙ) رياست جي (گرگلا ) قوم جي هڪ لاڏائو قبيلي (سانسي) جو ڪاري (سانوري رنگ ) جي ڦڪوگرگلو نالي شخص جي گهر کان پنهنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو جڏهن ته سندس مٺڙي امڙ جو نالو (ماڻڪي گرگلي ) هو سندس والدين نهايت غريب ۽ مسڪيني واري زندگي دوران گداگري ڪري پيٽ پاليندا هئا جيوڻي جو سچو اصل نالو (جيدي) هو جيوڻي جا والدين گداگري جي تربيت به پنهنجي نياڻي کي ستن اٺن سالن دوران ڏني ۽ جيوڻي ٻائي پنج ڇهه ٻيون ساهڙيون گڏ جي دردر تي( آهي الله ) جي سئن هڻنديون هيون ۽ ان دوران ڳيچ به ڳائينديون هيون ان ئي زماني ۾ جيوڻي کي قدرت واري سريلي ۽ من موهيندڙ آواز سان نوازي ڇڏيو هو سندس آواز منجهه وڏو سوز سمايل هوندو هو ۽آواز جي ڀيٽ ۾ ٻين ساهڙين کان وڌيڪ اثرائتو ۽ پيارو هو 1918ع ڌاري جيوڻي ٻائي جو والد ڦڪو گرگلو زماني جي مونجهارن ۽ گردشن جي ڪري پنهنجي وطن کي الوداع ڪري ڇڏي اچي پياري پاڪستان جي ملتان شهر ۾ چهوپڙي هڻي رهائيش اختيار ڪئي جتي جيوڻي ٻائي جي اوچتو هڪ وڏي مشهور گويي استاد امير خان سان ڏيٺ وائيٺ ٿي جيڪو جيوڻي جي سريلي ۽ درديلي آواز کان ايترو ته متاثر ٿيو جو هن جيوڻي ٻائي جي مٿي تي رئو پارائي پنهنجي ڌي بڻائي کيس سرسنگيت جي علم جي سکيا ڏني هاڻ جيوڻي ٻائي جي والد جو به هن گويي استاد امير خان سان ايترو ته قرب وڌي ويو جو سموري قبيلي سميت گڏجي حضرت شمس تبريز جي متولي جي هٿ هيٺ مسلمان ٿي ڦڪوگرگلو مان نالو تبديل ڪري اسلامي نالو (فتح محمد ) رکرايو اسلام قبول ڪرڻ بعد هن سموري ڪٽنب سميت گداگري (پنڻ) واري ڪرت ڇڏي ڏني تنهن بعد سال 1928 ع ڌاري جيوڻي ٻائي سنڌ جي راڻيپور جي هڪ بزرگ سائين صالح شاهه جي خدمت ۾ حاضر تي مريدياڻي ٿي هن بزرگ صالح شاهه سندس جو اصلي نالو (جيدي) تبديل ڪري سندس نالو ( جيئڻي ٻائي) يعني ( هميشه سدائين جيئڻ واري ) رکيوهن بزرگ سائين صالح شاهه جيوڻي کي دعابه ڪئي هئي ته ( جيوڻي تون الله ۽ ان جي رسول صه عليه وسلم جي دعائن سان هميشه زنده رهندي تنهنجو نالو روشن رهندو ) تنهن بعد هن جي دعا سان جيئڻي مان تبديل ٿي (جيوڻي ) نالو ٿئي ويو تنهن بعد هي لوڪ فنڪاره هميشه لاءِ (جيوڻي ٻائي ) هند توڙي سنڌ مشهور ٿي هو اڳتي هلي سنڌ ۽ پياري پاڪستان جونالو ملڪان ملڪ مشهور ڪرايو ۽ هو ملڪ جي لوڪ مايا ناز فنڪاره بڻجي وئي سندس آواز منجهه اهڙو ته جادو هويس جو ٻڌڻ وارن جون دليون موهجي پونديون هيون جيوڻي ٻائي ملتان ڇڏي اچي، حيدرآباد ٿڌڙن هوائن واري شهر ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي جتي هن هڪ مشهور ديني عالم مولانا الله بخش نوناري کان قرآن مجيد ۽ ديني تعليم حاصل ڪئي حيدر آباد ۾ جيوڻي جي سڃاڻپ سنڌ جي هڪ گويي استاد خير محمد سان ٿي جيڪو راڳ جو وڏو ڄاڻو هوندو هو اهوئي سبب هو جو سنڌ جي مشهور لوڪ فنڪاره به هن جي حسن جي سٽ نه سهي سگهي وڃي استاد خير محمد سان دل جو ناتو جوڙي ويٺي جيوڻي استاد خير محمد کان سر سنگيت جا سڀ گر سکيا ۽ ڳائڻ جي مڪمل سکيا وٺي انهي زماني ۾ مشوري ماڻي ورتي جتي ڪٿي واهه واهه جيوڻي جي صدا پئي هلي مطالعي ڪرڻ بعد معلوم ٿيو ته وري سال 1932ع ڌاري جيوڻي ٻائي جي هڪ (نواب ماڪا ) نالي شخص سان ملاقات ٿي جنهن بعد ٻنهي هڪٻئي سان گڏ زندگي گذارڻ جو وچن ڪيو نواب ماڪا وڏو قداور ۽ خوبصورت حسين جميل شخصيت جو مالڪ هو ۽ ٿيو به ائين جيوڻي ٻائي استاد خير محمد کي هميشه لاءِ ناتو ٽوڙي اچي نواب ماڪا سان گڏ رهڻ لڳي نواب ماڪا جو ڌنڌو اهيو هو سنڌ جي ميلن ملاکڙن جا ٺيڪا کڻندو هوان کانسواءِ هو (جوا) راند کيڏڻ جا جا سڀ گر ڄاڻيندو هو هو ايترو ته ماهر کيڏاري هوندو هو جو ٻاهرن ملڪن هندستان ۽ آمريڪا ملڪن ۾ وڃي وڏن وڏن نوابن سان شرطون رکي ڪري کٽي ايندو هو نواب ماڪا ڪئين به هو مگر هو الله تعالي جي درد تي پنج ئي وقت نماز پابندي سان ادا ڪندو هو ۽ روزا به پابندي سان رکندو هو نواب ماڪا کي جيوڻي ٻائي کان پهريان به هڪ گهر واري هئي جيڪا سندس (مائٽياڻي ) هوندي هئي جيڪا سندس سکر ڀرسان پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندي هئي ان گهر واري منجهه ڪافي اولاد هيس مگر جيوڻي ٻائي مان ڪو به اولاد نه ٿيس جيوڻي هڪ زبردست سنڌي موسيقي جو سداحيات امر آواز جو نالو هئي جيوڻي ٻائي صبح جي وقت روزانو ڳائڻ سندس معمول هوندو هو ۽ زندگي جي آخري گهڙي تائين اهو عمل سلسلو جاري رهيو جيوڻي جنهن زماني ۾ ڳائيندي هئي ته ان زماني ۾ سڄي ننڍي کنڊ ۾ گرامون فون ريڪارڊنگ ڪمپنين جو عروج هوندو هو اهڙي طرح ان زماني جي مشهور عوامي ڪلا سيڪي فنڪار ماسٽر چندر پڻ جيوڻي ٻائي جي آواز مان تمام گهڻو متاثر ٿي مهاراج ترسي داس جي معرفت سان ڪراچي ۾ جيوڻي ٻائي جو آواز رڪارڊ ڪرايو هو ان آواز جي موسيقي ڪمار خان ترتيب ڏني هئي ۽ انجنيئر وري لعل چند هو جيوڻي هن تمام گهڻ فونا رڪارڊ ڪمپنين سان معاهدا پڻ ڪيا مگر هن ( هزماسٽر وائيس) کان هڪ سو کان به وڌيڪ گرامون فون رڪارڊ ڪرايا ان سبب جي ڪري ڪمپني هڪ زبردست جشن ملهايو ان ڪمپني جيوڻي ٻائي کي مڃتا طور تي( ساڍن ڏهن تولا سون) جو ٺهيل ايوارڊ پيش ڪيو هو جيوڻِ ٻائي تمام سريلي فنڪاره هئي موسيقي جي دنيا ۾ تمام وڏي مڃتا ماڻي جتي به هو ڳائيندي هئي ته ماڻهن جا هجوم گڏ ٿي ويندا هئا جيوڻي ٻائي جيڪا ڪاري رنگ وڏين اکين جي مالڪ ڀريل جسم ڊگهي قد گول ۽ سونهندڙ چهري واري جيوڻي ٻائي باعزت عورت هئي پاڻ نماز ۽ روزي جي به پابند هوندي هئي پنجتن سان کيس وڏي عقيدت پڻ هوندي هيس سندس آواز ۾ رڪارڊ ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿيندا رهندا آهن اڄ به سندس ڪلام پراڻن جهونن پرستارن کي ساڙيو ڇڏي ٿو سندس مشهور ڪلام ٻول (قابو ڪوٽن ۾) ۽ (بي درد جي اقرار ۾ هرگز نه سچائي آ) ٻڌڻ سان جيوڻي ٻائي جي ياد تازه پڻ ٿيو وڃي آخر ڪار هي لوڪ سداحيات آواز جيوڻي ٻائي 5 جون جمع ڏينهن سال 1942 ع تي 41 سالن 4 مهينا 14 ڏينهن جي عمر ۾ هي سدابهار آواز سر سنگيت جا سڀ ساز آواز بند ڪري پنهنجي زندگي جو جو سفر مڪمل ڪري راهه رباني ٿي وئي سندس اڄ 75 ورسي نهايت عقيدت سان ملهائي ويندي ___________________________________________________
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو