دوستو توهان جي خيالن ۾ ڪجهه ڀڃ ڊاهه محسوس ٿئي ٿي يا نه هن گيت جي ٻُڌڻ کان پوءِ مان هن گيت ٻُڌڻ کان پوٌءِ ڇا ٿو محسوس ڪريان قسم سان ٻُڌائڻ کان ئي قاصر آهيان، توهان ڇا ٿا محسوس ڪريو، ڇا انساني حقن جي حفاظت لاءِ اسان پنهنجي پاڻ کان اهڙا سوال ڪري سگهون ٿا، ڇا ظالم قوتون اهڙا گيت ٻُڌي نرم دل ٿي سگهن ٿيون، جيڪڏهن سوال ها ۾ هُجي ته يقينن اهڙا گيت ٻُڌي ظالمن تي لعنتون وجهي سگهجن ٿيون جيڪڏهن دل انڪار ڪري ته اسان کي ڪو حق ڪونهي هن معاشري ۾ ماحول کي نندڻ جو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ http://www.youtube.com/watch?v=oOSq2KtrWY4
جواب: توهان کي ڪهڙو ڪهڙو حق آهي سائين نثار ناز، رب العالمين اوهانکي وڏي حياتي ڏي، ان سڄي ساري حقن کي ڪير ٻڌندو ۔۔۔؟ ۽ ڪنهنجي آڏو انهن حقن جي ڳالهه ڪبي؟ ۔۔۔ اهي حق جي انسان جا بنيادي حق آهن، جي انسان جي حيات ۽ ممات سان تعلق رکنٿا ۔۔۔ جي تنهنجي ۽ منهنجي سامهون آهن ۔۔۔ جي سماج جي سامهون آهن ۔۔۔ ڇا اسانجي آڏو بک ناهي، ڇا اسانجي آڏو خون رستن تي وهندي نظر نٿو اچي، ڇا اسانجي ئي سامهون هزارين ظلم ٿين نٿا، پر ڪيئن انسان انهن سڀني ظلمن کان اکيون پوريون پيا هلن!!! اها عجب جهڙي ڳالهه ڇا اسانجي ئي سامهون ناهي؟ اهي ڳالهيون ٻڌي دل کي تڪليف ٿئي ٿي ۔۔۔ اکين مان ڳوڙها وهن ٿا ۔۔۔ پنهنجي ئي زبان ۾چڪ لڳن ٿا ۔۔۔ نڙيءَ ۾ سور سمائجي وڃي ٿو پر ڀائڙا انهن ظلمن کي ڪرڻ وارو به انسان ته سهڻ وارو به انسان ۔۔۔؟؟؟ ڪنهنکي دانهن ڏجي ۔۔۔؟؟؟ ڪهڙو رستو اختيار ڪجي ؟؟؟ ڪيئن ڪجي ۽ ڪيڏانهن وڃجي؟؟؟ اهي ئي سوال آهن جن کي حل ڪرڻ ئي حق آهي ۔۔۔ مون هڪ ليک ۾ لکيو هو ته هزارين انساني فلسفا، اڻ ڳڻيا آفاقي مذهب، اڄ به انسان تي انسان جي هٿان ٿيندڙ ڏاڍائيءَ کان بچائي نه سگهيا آهن ۔۔۔ سلسلو ڪڏهن کان هلي ٿو ۽ ڪيستائين هلندو ۔۔۔ ڪهڙي خبر؟؟؟
جواب: توهان کي ڪهڙو ڪهڙو حق آهي ها نثار اهو سلسلو هلندو رهندو شايد اڳين جُڳن کان ايندڙ جُڳن تائين ۽ اسان ائين چوندا رهنداسين ته اهائي شايد فطرت آهي خُدا جي ڪا شايد قُدرت ئي آهي، اسين گُونگا، اسين ٻوڙا، اسين انڌا، اهي ٽي حواس ته ظاهر ظهور ڄاڻايا آهن توهان پر جيڪڏهن باقي وارن بچيل حواسن جي کوٽ ڄاڻايون اسان انسانيت ۾ ته به ٿورو آهي۔ سکڻا نعرا، سکڻيون ڳالهيون، پنهنجا نڪ چپ وڍائي به اسان ڪندا رهنداسين ۽ جانورن وانگر جيئندا رهنداسين، گٽر سان پنهنجو مُنهن ڌوئيندا رهنداسين، ڪيستائين ڪيستائين آخر ڪيستائين ۔