امام علي جنجهي
سينيئر رڪن
نظم
ڀــــــڳــــــــــي مـــــــــن کــــــــــــــــــــي ســــــــــــنڌو ڪــــــــــهڙو
اچــــــــــــــون ٿا ڳــــــــــــوٺ تنهنجي ۾ وٺــــــــــــــــڻ خيـــــــــــرات مُحــــــــــــبت جــــــــــــــي،
ملي جيڪا رتي ماسو اسان جي لاءِ غنيمت ٿي
عبادت ايئن ڀلا عاشق صبح سانجھي ڪندو ڪهڙو
ڀــــــڳــــــــــي مـــــــــن کــــــــــــــــــــي ســــــــــــنڌو ڪــــــــــهڙو
ڪُنوارا نيڻ ۽ ڪافر مُند پياريو جام ڪافي آ
گُلالن کي شڪيو دنيا لڳو الزام ڪافي آ
تلاش ائين خواهشن جي اڃان منزل کُٽي ناهي
اميدن تي جيئون پيا ۽ ڪڇڻ جي ڪا گھٽي ناهي
اسين رولاڪ راتين جا دُکن ڌاران ڌنڌو ڪهڙو
ڀــــــڳــــــــــي مـــــــــن کــــــــــــــــــــي ســــــــــــنڌو ڪــــــــــهڙو
بٺيون باهيون شعلا ٽانڊا ٻُڌايون ڇا جيڪي ٻريون
لِڦون ڇالا ڦِٿا ڦاٽا پِٿون هن پير جون تريون
ڏياٽين جي پُٺيان پاڇا ڇڏي شامون ڪئي لڙيون
پُڇاڻو ڇا ڪنديون هاڻي وصل ويساک جون گھڙيون
اڌورا عشق جا اُڻڪر اڃان تاڻيون تندو ڪهڙو
ڀــــــڳــــــــــي مـــــــــن کــــــــــــــــــــي ســــــــــــنڌو ڪــــــــــهڙو
پکي پوپٽ اُڏامي ويا اڏوهي باغ کاهي پيئي
ڀٽائي ڀون تنهنجي تي ڪيڏارو ڪير ڳائي پيئي
ٻُڌي ٿي ڪين نه ڪين ٻوڙي گونگي گفتار ڇا ڄاڻي
ڀتين جي قيد جون ڳالهيون انڌي سرڪار ڇا ڄاڻي
ڀلا هن ڀوڳنائُن کان بچيو آخر بندو ڪهڙو
ڀــــــڳــــــــــي مـــــــــن کــــــــــــــــــــي ســــــــــــنڌو ڪــــــــــهڙو
امام علي جنجهي