• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اي لهندڙ سج صبح کي چئجان

امام علي جنجهي

سينيئر رڪن
اي لهندڙ سج صبح کي چئجان مان ڪنهنجو ڪين نه غُلام آهيان
منهنجي پنهنجي دُنيا آهي مان به انهي جو امام آهيان

مون ڪالهه جنِين سان جھيڙيو هو ۽ اڄ به انهي سان جھيڙيان ٿو پيو
ظُلم سِتم جا ڏُونگر ڪيئي پاڙن کان ئي ٿيڙيان ٿو پيو
منهنجا لڱ هن لوهي شيخون مان ايئن نه سمجھ ڪو عام آهيان

هت ڪاريون ڪيئي آيون مون آ ٻاري لاٽ دڳن ۾
جُڳن جُڳن کان جبر جي سامهون آيس اُوچي ڳاٽ دڳن ۾
منهنجو مُلهه ۽ ماپ ئي ناهي مان آبي ڪوثر جام آهيان

مون ڌرتي تنهنجا درد لکيا تاريخ گواهي ڏيندي پيئي
گيت امر ٿي ويندا منهنجا سنڌ سلامت رهندي پيئي
ڏات ڏُکن کان ڏاڍي آهي مان آزاديءَ جو الهام آهيان

امام علي جنجهي
 
مون ڌرتي تنهنجا درد لکيا تاريخ گواهي ڏيندي پيئي
گيت امر ٿي ويندا منهنجا سنڌ سلامت رهندي پيئي

سدا سنڌ رهندي پئي ۔۔۔۔ خوبصورت شاعري
 
Back
Top