• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وڃي ڇا ته مسجد ۽ مندر ۾ ڪجي، عبادت سٺو آ ته اندر ۾ ڪجي،

امام علي جنجهي

سينيئر رڪن

وڃي ڇا ته مسجد ۽ مندر ۾ ڪجي،
عبادت سٺو آ ته اندر ۾ ڪجي،

قتل گاه بڻيا سڀئي آشيانا،
مزوئي ڇڏي ويا مڙئي مئخانا،
ڀلا پيگ هڪڙو پيئون ئي ڪٿي،
سرور۽ سڪون سان جيئون ئي ڪٿي،
امن جا پکي اڄ قتل عام ٿيئن ٿا،
هزارين حسين بت نيلام ٿيئن ٿا،
رهي ڇا رهزنن جي شهر ۾ ڪجي،
عبادت سٺو آ ته اندر ۾ ڪجي،

محفلون به مڪليء جو مڪان ٿيون لڳن،
محبتون به ريزڪيء جو دڪان ٿيون لڳن،
وفائي به واه جي وبا ٿي لڳي آ،
دوستي به دشمني سفا ٿي لڳي آ،
هتي سچ سدائين سوليء چڙهيو آ،
هتي ڪوڙ ڪافي وقت تي وڙهيو آ،
اچي ڇا ته اهڙي چڪر ۾ ڪجي،
عبادت سٺو آ ته اندر ۾ ڪجي،

رهيون کوڙ ساريون خواهشون اڌوريون،
تڙپن ٿيون تن لئه تلاشون اڌوريون،
جهروڪن مان جهاتيون اڃان تائين آهن،
اکيون روز آتيون اڃان تائين آهن،
سگهن باغ بلبل ڪٿي سور سلي،
اڙي او شاعر اڙي او امام علي،
اندازو ته انهي اکر ۾ ڪجي،
عبادت سٺو آ تـ اندر ۾ ڪجي،

امام علي جنجهي
 
Back
Top