ھـوء جـا مـرگـھ نـيـڻن واري، هـن جـا چپ آڙنـگ ڏينـهن هن جا لڙڪ بڊي جا مينهن، هن جي سر تي انڊلٺ جهڙي سينڌ سنواريل رهجي وئي آ، هـن جـي هـڪڙي حسرت آ جو اڻ اظـهاريل رهـجي وئـي آ، هو جا ڪڻڪي ڪونجھ ويراڳڻ هن کي لاڙ پٽن جي لوري، هو جا وانجهيل مانجهي سانجهي هن کي تلڪ تڏا نه توري، هـو ڇـا ڇـاپـي گل ڇتن ۾ هـو جـا ڇـيل ڇـٻـيلي ڇـوري، هن کي آڇن اوگڻ اوڇيون هوء جا ماڳهين منهن جي موري، هن جون ڪهڙيون ريتون رسمون هن وٽ ڪهڙو پينگهو جهولو هن کي هڪڙو نـڪ بچيو آ جنهن ۾ نه ڪوئي ڪوڪو بولو، هن جي در تان درد ڪٿا جي چيخ اڏاريل رهجي وئي آ، هـن جـي هـڪڙي حسرت آ جـو اڻ اظهاريل رهـجي وئـي آ، هن جو تپشيا گهر ۾ ويهي گهاٽ گهڙيندي گهاريون راتيون، هن جو پوجيا بت پٿر جا ساڀ نه پيئيون ساريون راتيون، هن جو من جي ميڻ بتيء سان ٻاٽ اونڌھ ۾ ٻاريون راتيون، هن جو سيء ۾ سيڪي هٿڙا ٽانڊن تي ويهي ٽاريون راتيون، هـن جـو منـدر انـدر جاڳـي چئـومـاسن ۾ چـلا پـچايا، هـن جـو واري ورڌ وفـا جا خـوب سنجها جـو سنک وڄايا، پوء به انهي جـون اهي ئي پڪارون پاڻ پڌاريل رهجي وئـي آ، هـن جـي هـڪڙي حسرت آ جـو اڻ اظهاريل رهـجي وئـي آ، هو جا ٻولي ٻاٻهيو جيئان ٻانڌڻ ڪنهن جي ٻنگ مٺي آ، هن کي کنهنبا خيال ۾ ناهن راکي ڪنهن جي رنگ مٺي آ، هو جا مرگهان مرکان ٻاگهل ڍوليا ڪنهن جي ڍنگ مٺي آ، هـو جـا هـانـسو ريـٻارڻ آ ننـگر تنـهنـجي ننـگ مٺـي آ، هـو جـا ڪـڇ تي ڪوٺـيو ڪـوري ساگـر ۾ ٿـي گاگـهر ٻـوڙي، هـن جـي هٿ جي ريکائن کي ڪـونه تراشي جڪيا جـوڙي، هـو جـا چلهر چـوپـڙ وانـگي هلندئي هاريل رهـجي وئـي آ، هـن جـي هـڪڙي حسرت آ جـو اڻ اظهاريل رهـجي وئـي آ، امام علي جنجهي 1