ارڏا آهيون اٽڪي پئون ٿا شڪ نه ڀائج پڪ چئون ٿا ڀرم وفا لئه ڀٽڪي پئون ٿا شڪ نه ڀائج پڪ چئون ٿا اسين نه رهزن اسين نه رعاشي، اسين نه گھمرا اسين نه وحشي اسين ٿا پوڄيون مذهب اسان جو اسين فڪر ۽ فرد به ڄاڻون اسين گلن جا رکوالا هون، اسين دلين جو درد به ڄاڻون سچ پڇين سي ساڀيان ٿيندا اسان جي پوکيا خواب نگر ۾ پريم نگر جا پياسا پنڇي آڻي پيئندا آب نگر ۾ مڃون ٿا ڇاتيون ڇنيون به هونديون ڏهاڳڻيون بي سهاڳڻيون بي مڃون ٿا راتيون رنيون بي هونديون ڏهاڳڻيون بي سهاڳڻيون بي اسان ٿي روڪيو اوهان ٿي ٽوڪيو، اسين ٿا سوچيون اوهين به سوچيو جزا به ايندي قضا به ايندي مڃون ٿا سولي سزا به ايندي اسين به ڪنهن جي ڪارڻ ڪٿ ڪٿ لٽڪي پئون ٿا شڪ نه ڀائج پڪ چئون ٿا اسين مڃون ٿا خدا اھوئي صدين کان آ سدا اھوئي اوهين ته آيا هليا به ويندا اوھان جي زندگي ڳڻجي ٿي پئي اسين ته مرڻا مور به ناهيون اسان جي بندگي ڳڻجي ٿي پئي اڙي ڪميڻا ڪرڙ ڪانڊيرا اوھين ته آهيو پنن پکيڻا اوهان کي اکيون نڪ ئي ناهي اوهين ته آهيو ڪنن پکيڻا اوهين ٻڌو ڇا اوهين ڏسو ڇا اوهان کي خوشبو اچي ئي نٿي اوهين ته گٽر جي گڏرن جهڙا اوهان کي بدبوءَ اچي ئي نٿي اوهان کي لعنت اڃان جيئو پيا انهن افعالن کائو پيو پيا بتن کي پوجيو ڪتن کي پوجيو اوهين ته جهرلو جتن کي پوجيو اسين اوهان جي عادت کانئين جهٽڪي پئون ٿا شڪ نه ڀائج پڪ چئون ٿا هِنين هُنين جي ڳالهه ڪجي ڇا، هنين هُنين سان حال ڪجي ڇا هي بي هيهڙا هو بي هيهڙا، هي هُو مڙيئي هيهڙا تيهڙا هنين هُنين جي حالت ساڳئي، هنين هُنين ۾ فرق به ڪهڙا هو جي ڪالهه ڪميڻا ماڻهو لالچ مٿي ليٽي پيا هئا هڪڙي ساعت سُهائي لاءِ چنڊ به چوڏهين چيٽي ٿيا هئا ڪير ٻڌائي ڪنهن کي جهلجي ڪنهن جي منهن تي دانگي ملجي هِنين هُنين مان ڪنهن کي پلجي ڪنهن جي منهن تي دانگي ملجي اُٿي امام علي ڪري ڏيکاريون بدمعاشن تي ڀونڊا گاريون چاهه کپي ٿو ساهه کپي ٿو، هاڻ نه ڪوئي ٺاهه کپي ٿو اسين به نعرا نيهن جا هڻندي ٻٽڪي پئون ٿا شڪ نه ڀائج پڪ چئون ٿا امام علي جنجهي
انشاء الله اوهان جون صدائون هنن مئل دلين کي ضرور زنده ڪنديون، اوهان جا جذبا ،جدت ۽ حال حقيقت بيان انداز روح ۾ پيوست ڪندڙ آهي ڦڙو ڦڙو درياء بڻجندو،،،،،،، ظلم کان نجات حرڪت ڪرڻ سان ضرور ملندي،