الطاف شيخ هيلسنڪي جي حسينا

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    الطاف شيخ هيلسنڪي جي حسينا​


    جهاز جي پرو پيلر کي هلائڻ واري انجڻ جهاز تي ڪم ڪندڙ مسافرن جي راشن لاء رکيل ٽن چئن مهينن جي گوشت مڇي کي ٿڌو ڪندڙ مشين بجلي پيدا ڪندڙ جنريٽر پاڻي ۽ تيل کي ضرورت وقت هڪ هنڌان ٻي هنڌ پهچائڻ وارا پمپ ۽ ٻيون انيڪ مشينون جڏهن صحيح ڪم ڪنديون رهن ٿيون سمنڊ ماٺو رهي ٿو هوا پوري پني آهي ته پوء جهازي لاء سڀ کان مٿاهين يعني چيف انجنئير لاء آرام ئي آرام آهي ويٺو ڪتاب ڪهاڻيون پڙهي تاش کڻي صبر واري راند کيڏي يا ڊيڪ تي ڪرسي رکي ويٺو سمونڊ جون لهريون ڳڻي



    اسانجي ڏينهن ۾ نه وي سي آر هوندا هئا نه ڊش چئنل نه ڪمپيوٽر نه انٽرنيٽ نه ته انهن پويان سٺو وقت گذري ها فقط ريڊيو فونو 1970 کانپوء ٽيپ ريڪارڊر عام ٿيا پراهي شيون اهڙيون هيون جن سان ڪنن کي مشغول رکي هٿ ٻين ڪمن ۾ بزي رکي سگهجن ٿا بلڪ ڪيترا ڪتاب مون ميوزڪ جي بئڪ گرائونڊ تي لکيا بهر حال سمنڊ ۽ جهاز تي موسم سٺي آهي ته پوء جهازي لاء سڪون آهي اهڙن جهازن تي يا هر جها ز جي ڪنهن مسافري تي يا ڪجهه حصن ۾ جڏهن مٿيون حالتون رهيون آهن ته مون گهڻي کان گهڻو لکيو آهي باقي جي انجن خراب آهي يا آثار آهن يا سمونڊ ڏکيو آهي ۽ اوسي پاسي ڪو بندر گاه ڪونهي مشين جي بيماري جي اها خاص دوا يعني پارٽ ڪونهن ته ان جي لوري جئ کي جهوريو وجهي لکڻ جھڙو ڪم بنهه ڪون ٿو ٿئي پوء ڀلي ائير ڪنڊيشن ڪمري ۾ ويٺو هجي جيڪو فقط ظاهري ۽فزيڪل آرام ۽ لئ آهي

    مشين جو غير ضروري ۽ اوپرو آواز کسر ڦسر يا چرراٽ ڪنهن ايندڙ حادثي جو اعلان ڪندو رهي ٿو ان کي صحيح واٽ تي آڻڻ لاء هر ممڪنات جو سهارو وٺڻو پوي ٿو جهاز جي چيف انجنئير کي ديوتا سمجهي مشڪل يا ان مشڪل جي رونما ٿيڻ جي خبر هن کي پهچائڻ کان پوء پنهن جي ذميواري کان آجا ٿيو وڃن پوء چيف انجنيئر جيڪو کٽي ڌوتل ڪف لڳل اڇو يونيفارم پائي ‎ٻهران مرڪ چپن تي آڻي پنهن جي پريشاني ٻين کان لڪائيندو وتي پر اندر ۾ ولوڙيو وتندو آهي ۽ مسئلي کي صحيح طرح سمجهڻ ۽ ان جو حل ڳولڻ ۾ لڳو رهي ٿو ڪڏهن ڪڏهن وڏا مسئلا جهٽ ۾ حل ٿيو وڃن ڪڏهن ته معمولي مسئلن جو حل نه ملندو آهي ڏينهن جا ڏينهن بلڪ هفتا پريشاني ۾ گذرندا آهن

    هر انسان جو پنهن جو سيٽ اپ آهي آئون سڄو ڏينهن جهاز جي لوڏن ۾ ڪم ڪرڻ کان پوء به لکڻ پڙهڻ لاء پاڻ کي تيار محسوس ڪندو آهيان بلڪ ٿڪ کي ڀڄائڻ لاء مون لاء وندر هوندو آهي پر ذهني مونجهاري ۾ صلاحيت گهٽجيو وڃي جيتوڻيڪ ڪيترا اديب ائون سڃاڻان جيڪي ذهني پريشاني ۾ به تخليقي ڪم ڪندا رهند اآهن شعر تقريرون ويندي مزاحيه ڪالم به لکندا رهن ٿا جيڪا قدرت طرفان هڪ وڏي ڏات سمجهڻ کپي






    پڙهندڙشايد پڇن ته اهو ڪهڙو خوف اهي جيڪو ساه ٿو سڪائي ڇا موت جو نه آئون نه ٿو سمجهان ته جهاز هلائيندڙ خاص ڪري چيف انجنيئر کي موت جو خوف ماريندو هوندو پر اهو ناڪامي جو احساس آهي جيڪو چيف کي اڌ مئو ڪريو ڇڏي سمنڊ تي جهاز جي انجن چيف کان نه ٺهي سگهي پوء ٻيو جهاز ان جهاز کي ڇڪي ڪنهن ويجهي بندر گاه تي رسائي هڪ اهڙو ڪارنهن جو ٽڪو آهي جيڪو ان چيف انجنيئر کي سڄي عمر جهازي دنيا ۾ ڪنڌ کڻي هلڻ لائق نٿو بنائي

    هڪ ايم وي مالا ڪنڊ جهاز تي جڏهن چيف هوس تڏهن ان جي هڪ وائيج ڪراچي کان ڪيرو تائين مسئلن سان ڀر ي پئي هئي پوء اسان هر شئ تي حاوي ٿي وياسي ڪيوبا تائين ڊگهو سفر وڏي سڪون سان گذريو موسم جو دٻاء نه کٽ پٽ اهي ٻه هفتا ڏاڍيون ننڊون ڪيم هونئن مونجهاري ۾ لکي نه سگهندو آهيان پر من کي مونجهاري مان ڪڍڻ لاء گهڻو پڙهڻ لڳندو آهيان اها ٻي ڳالهه آهي ته ساڳيو پئراگراف ٻه ٻه ڀيرا پڙهڻو پوندو آهي بهرحال بندر تي به ڪڏهن ڪڏهن پڙهڻ جو وقت ملي ويندو آهي اتر ناروي ۽ روس جي بندرگاه ۾ سياري ۾ جڏهن سردي جڏهن ڪاٽو ويهه ڊگري هجي ته صرف ڪتاب پڙهڻ جي عياشي ڪري سگهجي ٿي سخت سي ۾ هٿ ڏڪڻ ڪري لکي نه سگهبو پر پڙهي سگهبو پوء ڀلي پيا ڏند ٿڙڪن

    شروع اسڪول وارن ڏينهن ۾ مون کي ڌارين ليکڪن

    جو ن ڪهاڻيون مزو نه ڏينديون هيون پر پوء جها ز تي اچڻ بعد بيگرس ڪين ناٽ بي چوزرس وارو حساب ٿي ويو ٻاهرين ملڪن ۾ انهن جو ادب انگريزي ۾ ترجمو ٿي مليو ته به مادري زبان جهڙو ٿي لڳو هر وقت پوين صفحن کي ڏسبو ته ڪٿي ختم ته ڪونه ٿو ٿئي جو ختم ٿيو ته ڪوريا ڪيوبا جهڙن ملڪن ۾ ٻيو ڪهڙوڪتاب ملي سگهندو ،

    بهرحال اهڙي طرح واندڪائي جون گهڙيون مون پڙهڻ ۾ گذاريون ڪن ڪهاڻين لاء ائين چاهيم ته دوست پڙهن ته انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري سگهن ۽ پڙهندڙ انجواء ڪندو ان خيال کان ترجمو ڪندو رهيس جهاز هلائڻ کان پوء ملائيشيا ۾ سئيڊن ۾ اهو شوق جاري رهيو ڪجهه هن ڪتاب ۾ توهان جي هٿن۾ آهن ڪجهه ٻين ۾ اينديون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو