• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

"]مفت ۾ منرل واٽر بنايوـ

عاجز سمون

سينيئر رڪن
"]"]مفت ۾ منرل واٽر بنايوـ]ـ سولو واٽرڊس انفڪشن (sodis) جيڪو پئيڻ جي پاڻي کي صاف ڪرڻ جو طريقو آهي جهن ۾ شمسي توانائي جو استمعال ڪيو وڃي ٿوـ هن ڊريعي پئيڻ جي پاڻي جي مائيڪرو بائيو لوجيڪل ڪواليٽي کي بهترڪري سگهجي ٿو هن فارمولي تحت اوهان بہ محدود مقدار ۾ گهرو سطح تي پئيڻ لاء مفت ۾ منرل واٽر بنائي سگهو ٿاـ
ـ طريقوـ هن عمل ۾ پلاسٽڪ جي صاف بوتلن کي استعمال ڪري سگهجي ٿو جنهن کي عام طور تي پي اي ٽي (p e t) جون بوتلون پڻ چيو وڃي ٿو ڪوڪاڪولا پيپسي ۽ ٻيون اهڙي قسم جون بوتلون پڻ استعمال ڪري سگهجن ٿيون ـ انهن باتلن کي صاف پاڻي سان ڀريو وڃي۽ 6 کان 8 ڪلاڪن تائين سج جي روشني ۾ انهن کي رکو سج جي روشني پاڻي ۾ موجود فيڪل ۽ڪولي فارمز(faecal coli formos) پيٿوجينڪ خوردبيني جيوڙن کي ختم ڪري ڇڏي ـ
ـ سوڊش جو مرحليوارعمل جو طريقوـ
petبوتلن کي صاف ڪري انهن ۾ 3\1(مني بوتل) تائين پاڻي ڀريو وڃي اندازن 20 سيڪنڊن تائين بوتلن کي لڏيندا رهو بعد ۾انهن کي پاڻي سان فل ڪري بند ڪري ڇڏيو جنهن بعد بوتلن کي سج جي روشني ۾سڌو رکو 6 کان 8 ڪلاڪن بعد
اوهانجو مرل واٽر تيار آهي ـ
 
جواب: "]مفت ۾ منرل واٽر بنايوـ

سائين محترم عاجز سمان صاحب، يار لک ٿورا ۔۔۔ ايترو سولو ۽ سستو پاڻيءَ کي صاف ڪرڻ جو طريقو !!! اميد ڪريونٿا ته اسانجا ڳوٺاڻا ۽ اسانجا شهري جن وٽ گهر ۾ ڪو اهڙو ڦلٽر وارو نظام ناهي يا هو پاڻي گرم ڪري پي نٿا سگهن ته هن طريقي مان فائدو وٺندا ۔۔۔

shal judy hujeen
 
Back
Top