• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪريو هڪڙو ٿورو ٿڪئي دل منجهان ... ساگر خاصخيلي

باغي عليم

سينيئر رڪن
ڪريو هڪڙو ٿورو ٿڪيء دل مٿان
ڇڏيو پنهنجو هٿڙو رکي دل مٿان

جيسين هيء ڌڙڪي تيسين پئي ڪجان
حاڪمي حڪومت يڪي دل مٿان

اچو دوست سامهان ڪڍي ٿو ڏيان
ڪريو وار ڇو ٿا لڪي دل مٿان

اکين پوء ڏارو ڪنهن سان نه ڏنو
ڪري وئين جيئن تون پڪي دل مٿان

اڃان پاڻ اهيون هوند جي هٿن ۾
اڃان عشق آ ڪو لکي دل مٿان

تنهاين کي چئجو اڪيلا ناهيون
آهي ياد هڪڙي هڪي دل مٿان
 
Back
Top