اسلام عليڪم ادا شرجيل صاحب
ادا توهان سعودي عرب مان سنڌ سلامت جي ساٿ ۾ شامل ٿيا آهيو ان لاء توهان کي اسان طرفان دل جي گهراين سان ڀلي ڪار۔
ادا سعودي مان اسان جا سنڌي خاص ڪري صرف ٽي وي تي فون ڪري مخصوص گانن جي فرمائش ۾ پنهنجو وقت صرف ڪندا آهن ۔
مان توهان کي عرض ڪندس ته جيڪي دوست توهان جي پهچ ۾ يا وري گڏجاڻي ۾ آساني رکندا هجن انهن کي هن فورم جي باري ۾ معلومات+ هن فورم ۾ شامل ٿيڻ جو طريقو پڻ سيکاريندا۔ اهيا به سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي وڏي خدمت آهي۔
اميد ته سعودي جي سنڌي ساٿين کي هن فورم تي آڻڻ لاء پوري پوري ڪوشش ڪندا۔
دعائن جو طالب ۽ دعاگو
ممتاز علي وگهيو
ڪراچي سنڌ
سنڌ سلامت جو ساٿ ممتاز رک هميشه من ۾
هجين ڪهڙي به ڪم ۾ پر ڪڍاء نالو پنهنجي نينهن جو