اڄوڪي ڏينهن 11 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 11 آگسٽ 1897ع بزرگ حافظ امام بخش سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 آگسٽ 1913ع اقتصادي ماهر ۽ بئنڪار اين ايم عقيلي (ٺٽو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 آگسٽ 1938ع زرعي ماهر ڊاڪٽر الاهي بخش ڀٽي (خيرپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 آگسٽ 1943ع اڳوڻي صدر ۽ آرمي چيف پرويز مشرف جو جنم ڏينهن آهي. 11 آگسٽ 1944ع شاعر ۽ صحافي ڪشور واسواڻي (سکر / پونو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 آگسٽ 1953ع شاعر ڊاڪٽر قربان علي قربان سهتو جو جنم ڏينهن آهي. 11 آگسٽ 1974ع گلوڪاره حديقا ڪياني جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 11 آگسٽ 1635ع مذهبي اسڪالر ۽ بزرگ ميان مير سوهاڻي جو لاڏاڻو ٿيو. 11 آگسٽ 1976ع اديب ۽ شاعر آخوند محمد حسن مسڪين جي وفات ٿي. 11 آگسٽ 2002ع مذهبي اسڪالر مولانا نجم الدين ڇڄڙو جو لاڏاڻو ٿيو. حوالہ: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا وڪيپيڊيا سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام