منصورنثار
سينيئر رڪن
افضل پنهور جو قتل مقابلو يا ڊرامو.........
نوجوانن کي کنڀي لاش موڪليندڙ ڪير آهن؟
منصور نثار
سنڌ ۾ به بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جيان نوجوانن کي کنڀڻ ۽ پو وري لاش ڦٽا ڪرڻ وارو سلسلو تيز ٿي چڪو آهي، اهڙن واقعن پٺيان ڪهڙا هٿ ملوث آهي ۽ اهي ڪنهن جي حڪم تي اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن؟، انهن سوالن جا جواب هاڻي هر ماڻهو آساني سان ڏئي سگهي ٿو، جڏهن کان لاپتا ماڻهن ۽ لاش ڦٽا ڪرڻ واري ڪيسن ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا آهن ته ڳجهن ادارن جا اهلڪار ماڻهن کي کنڀي لاش ڦٽا ڪن ٿا ته هاڻي اها ڳالهه اڃا به واضع ٿي وئي آهي. اهڙن ڪيسن ۾ بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ ته ماڻهو سپريم ڪورٽ پهچي وڃن ٿا پر هتي سنڌ ۾ ڪيترائي چچريل لاش ملڻ باوجود ڪو نوٽيس وٺڻ وارو آهي ۽ نه ئي انهن جوانن جا وارث انصاف لا سپريم ڪورٽ ۾ وڃي سگهيا آهن. سپريم ڪورٽ اهڙن ڪيسن ۾ ڪيترن ئي سخت رمارڪس به ڏنا آهن، پر هتي سنڌ ۾ الٽو پوليس اهڙن نوجوانن تي جڙتو مقابلن جا ڪيس داخل ڪري ڇڏي ٿي..!!
سنڌ ۾ موجود لڪل ڪردار هر روز سنڌ جي ڪونڌرن جون جانيون کسي رهيا آهن ۽ سندن ڪوبه نالو کڻڻ لا به تيار ناهيجنهن جو تازو مثال افضل پنهور پڻ آهي جنهن کي ڊرامائي انداز ۾ قتل ڪري کيس مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پر حقيقت ڪجهه ٻي آهي، جنهن لا واقعي جو منظر ۽ پسمنظر ڏسڻ لازمي آهي پر ان کان اڳ افضل پنهور جي زندگي تي به هڪ نظر وجهڻ گهرجي.افضل پنهور سنڌ يونيورسٽي جو شاگرد ۽ جساف جسمم جو وائيس چيئرمين هو، 11 مارچ 1989ع تي خادم پنهور ڳوٺ (دادو) ۾ پورهيت منور علي پنهور جي گهر ۾ اک کوليندڙ افضل اباڻي ڳوٺ ۾ ابتدائي علم حاصل ڪرڻ کانپو 2009ع ۾ سنڌ جي تاريخي حقن جي حاصلات لا قومپرست سياست جي ميدان ۾ پيرپاتو. آريسر گروپ ۾ شاگرد ونگ جسانف کان پو هو برفت جي پارٽي جسمم ۾ پهتو ته ڪجهه وڌيڪ سرگرم ٿي جنهن ڪري جنهن ڪري کيس ٻه سال اڳ به حيدر چونڪ حيدرآباد ڀرسان کنڀيو ويو هيو ۽ 8 مهينن کان پوءِ هو ٺٽو ڀرسان انتهائي زخمي حالت ۾ هٿ آيو هيو جنهن کان پوءِ مسلسل انتهائي ڪمزوري سبب سندس وارثن 6 مهينن تائين سندس علاج ڪرايو، جڏهن ته والدين خاص طور امڙ افضل کي وڌيڪ همٿايو ۽ هن جي 26 اپريل 2013 تي پنهنجي سئوٽ سان شادي ڪرائي، افضل پنهور جي وحشتناڪ قتل تي سندس گهرواري کي مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن پر افضل جي امڙ اڃا به حوصلو ناهي هاريو.
سنڌ جي ٻين ڪونڌر پٽن سرائي قربان، روپلو، نورالله، مظفر ڀٽو، ذوالفقار ڪولاچي، اسد عباسي، سميع الله ڪلهوڙو به پنهنجي قتل ۾ ملوث ڌرين کي اڳواٽ ئي وائکو ڪري ويا هئا جن بابت مان پنهنجي پراڻين لکڻين ۾ ذڪر ڪري چڪو آهيان ۽ هاڻي افضل پاران ٻڌايل سندس قاتلن تائين پهچڻ جي هي ننڍي ڪوشش ڪري اوهان سامهون آڻي رهيو آهيان. گذريل ڀيري کنڀجڻ کان پو افضل سان ڪهڙو حشر ڪيو ويو اهو هو پاڻ ئي 17 جنوري 2013 واري کاهوڙي شماري ۾ ”سنڌ جو اوالاد، پرکي ڏسو ڪائنرو“ مضمون لکي ٻڌائي ويو آهي جنهن سان هن قتل ۾ ملوث سمورن ڌريون واضح آهن. مضمون ۾ افضل ٻڌائي ٿو ته هو جسمم جي ليڊرن جي قرباني، اڻٿڪ جدوجهد ڏسي 31 مارچ 2009ع ۾ جسمم جي شاگرد ونگ جساف (جسمم) ۾ شموليت اختيار ڪئي. پارٽي پاران کيس جساف (جسمم) سنڌ يونيورسٽيءَ جو ضلعي صدر مقرر ڪيو ويو ان وقت جسمم خلاف ٽين رياستي گرينڊ آپريشن جاري هو جنهن ۾ هو به 26 جون 2011 ۾ ان رياستي آپريشن جو شڪار ٿيو. افضل چواڻي ته هو 26 جون تي پنهنجي امڙ ڀائرن کان موڪلائي حيدرآباد انٽرنشپ ڪرڻ ويو. هن گھرن وارن کي اڳ ۾ ئي آگاهه ڪيو هو ته هو جڏهن کڄي وڃي تڏهن سندس پارٽي جو ساٿ ڏجو. هو دادو کان نڪري ڄامشورو پهتو، جتي شيوو ڪرائي ۽ پوءِ حيدرآباد لاءِ روانو ٿيو. ان وقت هن وٽ ٻه موبائيل هيا، جنهن ۾ هڪ عام ۽ ٻيو سياسي موبائيل هيو هن سياسي موبائيل فون جو سم ڪڍي ڇڏي پر غلطي ۾ سياسي موبائيل بدارن پنهنجي ذاتي موبائيل جي بيٽري ۽ سم ڪڍي ويٺو جيئن ئي حيدرآباد جي قاسم چوڪ تي لٿو ته موبائيل تي ڪال ڏسي حيران رهجي ويو ته هي ته سياسي نمبر ته کليل آهي هن ڪال اٽينڊ ڪئي ته هڪ همراهه چيو ته افضل ڪٿي آهين، افضل ڪٿي آهين؟ هن فورن موبائيل بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پويان ڪارو ٻوٿاڙو چڙهي ويو. افضل جي انهي بيان مان اهو واضح ٿئي ٿو ته کيس ڪير کنڀڻ چاهي ٿو، فون ڪندڙ کي اڳواٽ ئي اهڙي خبر هئي جيڪو افضل جي سياسي فون تي ڪال ڪري ٿو يعني هن جو به سندس پارٽي سان يا افضل سان ويجهو واسطو آهي يعني ڪٿي نه ڪٿي فون ڪندڙ جو افضل کي کنڀيندڙن سان واسطو ضرور آهي. افضل موجب ڪاريهرن کنڀڻ کان پو هڪ ڪار ۾ وجهي مسلسل ڪلاشن جا بٽ هڻندا پاڻ سان کڻي وڃڻ ٿا ۽ 2 ڪلاڪن جي سفر بعد ٽارچر سيل جي اندر بند ڪن ٿا جتي جسمم چيئرمين شفيع محمد برفت، حفيظ پيرزادو، شاهنواز ڀٽو ۽ ٻين جي باري ۾ پڇا ڪندا رهن ٿا ۽ مسلسل پترا ۽ ڦٽڪا هڻندا رهيا، پير ڪٽينڊا رهيا جسم جي الڳ حصن جو ماس ۽ وار پٽينڊا رهيا رهيا مسلسل 5 ڪلاڪ ٽارچر کان پوءِ هڪ کولي ۾ بند ڪيو ويو. پوءِ چار ڏينهن تائين بيهاري اوڄاڳو ڪرايو ويو ۽ چيو ويو ته قبول ڪيو ته ريلوي پٽڙين، گيس پائيپ لائينن تي ڌماڪا ڪيو ٿا ۽ ٻڌايو ته بم ٺاهڻ جو مواد ڪٿي آهي؟ انهن سمورن ڳالهين جي ڄاڻ نه ڏيڻ تي هن کي 50 لک رپين جي لالچ به ڏني وئي اتي هڪ آفيسر افضل کي چيو ته ”مون کي جي ايڇ ڪيو مان ان لاءِ موڪليو ويو آهي ته جيئن آئون شفيع برفت کي ختم ڪري سگھان ان لاءِ تعاون ڪر ٻي صورت ۾ سرائي قربان جيان توکي جيئري ساڙي ڇڏينداسين.“ ان دوران پيرن تي لٺيون لڳڻ ۽ مسلسل بيهڻ سبب پير سڄي پيا جنهن ۾ سوڙ واري سوئي هڻندا هئا لانگ بوٽن سان ٿڏا هڻندا هئا. يعني هن ڀيري جيڪا پويسٽ مارٽم رپورٽ آئي آهي ان ۾ به افضل جي جسم تي لانگ بوٽن يا ٻئي مڏي اوزان جي ڌڪن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. افضل موجب کيس ستن ڏينهن جي مسلسل تشدد ۽ پڇاڳڇا کان پوءِ هڪ نئين ٽارچر سيل ۾ منتقل ڪيو. جتي يارنهن مهينن تائين قيد ڪيو ويو. اتي ٽي ڏينهن بيهاري اوڄاڳو ڪرايو ويو. پوءِ ٽن ڏينهن تائين سخت تشدد تشدد دوران پڇا ڪندا رهيا ته سنڌ يونيورسٽي اندر مظفر ڀٽو جي آزادي لاءِ تحريڪ ڇو پي هلائي، هنن رقم ۽ هٿيارن جي آڇ ڪندي چيو ته جيڪو چئو اهو ڏينداسين پر ٻاهر نڪري جساف (جسمم) جي اندر جهيڙا ڪرائڻ جو بنياد وجهه جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته جيڪي به اڳواڻ يا ڪارڪن کنڀجڻ کان پو آزاد ٿيا آهن اهي ڪا نه ڪا ڊيل ڪري پو ٻاهر آيا آهن ڪاريهرن افضل کي چيو ته ذوالفقار ڪولاچي ۽ سرائي قربان کي ڪنهن ماريو آهي ته جنهن تي افضل وراڻيو ته ذالفقار کي آءِ ايس آءِ بم حملو ڪري شهيد ڪيو جڏهن ته سرائي صاحب کي اوهان جيئري ساڙي ڇڏيو. اتي هڪ ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ذاولفقار ۽ سرائي وارن واقعن ۾ ٻه مختلف ڌريون ملوث آهن يعني جن سرائي وارن کي شهيد ڪيو انهن ئي افضل کي ماريو آهي، افضل جي جواب تي ڪاريهرن چيو ته ذوالفقار ۽ سرائي کي ماري سگھون ٿا ته پوءِ تون ڪهڙي ڳالهه آهين، يعني ٻئي واقعا ڪندڙ ڌريون الڳ آهن پر ڪم ٻنهي جو ساڳيو آهي. ڪاريهرن افضل کي چيو ته ميڊيا جي سامهون هلي قبول ڪر ته جسمم دهشتگرد پارٽي آهي پر افضل ائين ڪرڻ کان به انڪار ڪيو يعني جسمم کي جن ڌرين دهشتگرد قرار ڏنو آهي اهي ئي ڪارڪنن کي مارن ٿيون ۽ جسمم تي پابندي ڪنهن لڳائي آهي اهو به مان گذريل لکڻي ۾ ڄاڻائي چڪو آهيان، ڪاريهرن افضل کي اهو به ٻڌايو ته هنن مظفر ڀٽو کي ماري ڇڏيو آهي ڇو ته هن ڊيلنگ نه ڪئي جيڪڏهن تو به ڊيل نه ڪيو ته توکي به مظفر جيان ماري ڇڏينداسين. آخري ڏينهن ۾ افضل کي ماني ۽ پاڻي ۾ ڪيميڪل ملائي کارايو ويو، ماني ۾ شيشي جا ننڍڙا ذرا ملائي کائرايا ويا. جنهن سبب ڦڦر ۽ گڙدن تي گھرا زخم ٿي ويا. منهنجي ڪرنگهي جي هڏي تي روزدار ڌڪ هڻي مون کي معزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. خراب ٿيندڙ طبيعت ڏسي هڪ سال جي مسلسل عذاب کان پوءِ 12 جون 2012ع تي نئون ڪوٽ ڀرسان مرڻينگ حالت ۾ ڦٽو ڪيو ويو. افضل کي مظفر جي قتل بابت ٻڌايو ويو ته آزادي وقت ڌمڪي ڏني وئي هئي ته جيڪڏهن جسمم جي سياست ڪئي ۽ ميڊيا جي سامهون آءِ ايس آءِ کي بدنام ڪيو ته توکي به هن دفعي گوليون هڻي مارينداسين.يعني اهو ثابت ٿيو ته مظفر کي به ساڳين ڌرين کنڀي قيد ڪرڻ کان پو کوليون هڻي چچريل لاش َڦٽو ڪيو هو ۽ افضل کي به گرفتار ڪرڻ کان پو گوليون هڻي تشدد ڪري مظفر وانگر لاش ڦٽو ڪيو ويو. شهيد افضل پنهور جي هڪ تصوير جيڪا سوشل ميڊيا تي هلي رهي آهي ان کي ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته سندس لاش ٻوڙن ۾ پيل ۾ آهي جنهن جي چوڌاري پوليس وارا بيٺل آهن ۽ اهي مڙهه کڻڻ لا آيا آهن، افضل کي ان وقت قميص به تن تي ناهي صرف ڪاري رنگ جو ٽرائوزر پاتل آهي يعني صرف ٽرائوزر ان وقت استعمال ڪيو ويندو آهي جنهن وقت اوهان گهر ۾ يا ڪنهن هنڌ پرسڪون حالت ۾ هجو جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته افضل پوليس سان ڪو مقابلو ناهي ڪيو پر کيس کنڀڻ کان پو ماريو ويو آهي، ٻي اهم ڳالهه پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڪئي وئي آهي ته افضل جي جسم تي فائر آرم جا 7 زخم هئا ۽ مڏي اوزار (لٺ، بٽ، لانگ بوٽن جا ڌڪ)جا ڌڪ لڳل آهن جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٻانهن ۽ ڄنگهه سلامت نه رهي، يعني افضل کي جڏهن پهريان کنڀيو ويو هو ته ان وقت به ساڳئي طرز جا ڌڪ هنيا ويا هئا ۽ هاڻي به ساڳيئن ڌرين سندس جسم تي وار ڪيو آهي، ان کان علاوه اها ڳالهه به غور قابل آهي ته ريل تي هلايل گوليون رائفل جون هيون جيڪي ٻار کي لڳيون هيون پر افضل وٽان رائيفل نه، پسٽول هٿ اچڻ جو چيو ويو آهي، جنهن مان به اهو واضح ٿئي ٿو ته کيس پڪڙي ماري لاش اڇلايو ويو ۽ ڪاريهرن ڪاريگري ڪندي کيس ڪوٽڙي ۾ ريل ٿيل حملي واري ڪيس ۾ اڙي ڇڏيو ۽ مقابلو ڄاڻائي ڇڏيو ته جيئن ڪاريهر ڪنهن به قانوني ڪارروائي کان آجا هجن، ان ڪري ئي ڏاڍن هٿن پهريان کنڀيو ماريو ۽ پو لاش ڏيڻ لا مقابلي مقابلي جو ڊرامو رچايو ويو جڏهن ته عامر کهاوڙ ۽ سجاد مرکنڊ کي به گرفتار ڪرڻ کان پو ئي لاش ڏنو ويو هو. مظفر ڀٽو ۽ سميع الله ڪلهوڙو کي کنڀڻ کان پو ماريو ويو هاڻي افضل لا به ساڳيو ئي طريقو اپنايو ويو، افضل جو مقابلو ڪوڙو آهي ڇو ته ساڳئي ڏينهن مڌو ڳوٺ ۾ به فورسز ضامن شاهه ۽ ٻين کي ماري مقابلي جي دعويٰ ڪري چڪي آهي. هڪ ٻي ڳالهه اها توجهه لائق آهي ته 14 آگسٽ تي رينجرز ترجمان جو جاري ڪيل بيان رات جو ٻي وڳي ڪراچي مان ٽيليويزن تي ٽڪر جي صورت ۾ هلي رهيو هو ته ڪوٽڙي ويجهو ڪالعدم تنظيم خلاف آپريشن ڪيو ويو آهي جڏهن ته افضل سان گڏ ڪوٽڙي مان گرفتار ٿيل هڪ ساٿي جيڪو زخمي حالت ۾ آزاد ڪيو ويو آهي ان کي ڪهڙي بنياد تي ڇڏيو ويو اهو به اڄ تائين واضح ناهي ڪيو ويو ۽ گذريل ڀيري افضل کي ڪنهن فون ڪئي هئي اهو به معاملو اڃا تائين سامهون ناهي اچي سگهيو جنهن ڪري اهو شڪ پيدا ٿي رهيو آهي ته سندن ساٿين مان ڪنهن جو ڪاريهرن سان واسطو آهي جنهن ڪري ئي ”اڄ مقتل جو ميدان آ سنڌڙي بڻي“ ڇو ته ڳجهن ادارن پاران جڏهن به ڪنهن اڳواڻ يا ڪارڪنن کي کنڀيو ويندو آهي ته ان لا وڏي منصوبابندي ڪئي ويندي آهي ۽ جسمم وارا ته پنهنجو اندورني سرگرميون ڳجهيون رکندا آهن جنهن بابت صرف سندن ويجهن کي خبر هوندي آهي ته اهي ڪهڙي وقت ڪهڙي سرگرمي ڪرڻ وارا آهن جنن بابت جسمم جا سچا ڪارڪن پاڻ پتو لڳائين ۽ سنڌ جي سچن ڪونڌرن جون جانيون ڪاريهرن کان محفوظ بڻائن.
mansoornisar786@gmail.com