ورتل۔۔۔۔عوامي آواز۔۔سنڊي مئگزين۔25_08_2013 توهان وڏي واڪي ”انقلاب زنده آباد“ چئو ٿا. مون کي فرض ڪرڻ ڏيو ته توهان جو واقعي اهو مطلب آهي. اسان جي مطابق انقلاب لفظ جو مطلب موجوده سماجي نظام کي اکيڙي ڦٽو ڪري، ان جي جاءِ تي سوشلسٽ نظام لاڳو ڪرڻ آهي. انهيءَ ڪم لاءِ اسان جو تُرت مقصد طاقت حاصل ڪرڻ آهي. حقيقت ۾ رياست يعني سرڪاري مشينري حڪمران طبقي جي هٿن ۾ هڪ هٿيار آهي، جنهن کي هو پنهنجي مفادن جي دفاع ۽ ان ۾ تيزي آڻڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو. اسين رياست جو اهو هٿيار کسي پنهنجو مقصد پورو ڪرڻ لاءِ ان جو استعمال ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ اسان جو مقصد سماج جي نئين سِر يعني مارڪسي بنيادن تي جوڙ جڪ ڪرڻ آهي. انهيءَ لاءِ اسان سرڪاري مشينري سان وڙهي رهيا آهيون. انهيءَ سان گڏ اسان کي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻو پوندو ۽ اسان کي پنهنجي سماجي پروگرام لاءِ ماحول ٺاهڻو پوندو. تحريڪن وسيلي ئي اسان عوام کي بهتر طريقي سان شعور ۽ سکيا ڏئي سگهون ٿا. ڪنهن به انقلابي پارٽي لاءِ هڪ واضع پروگرام تمام ضروري آهي ۽ توهان کي علم هجڻ گهرجي ته انقلاب جو مطلب عمل آهي. ان جو مطلب اوچتي، غير منظم، پاڻمرادي تبديلي يا ٽوڙ ڦوڙ جي ابتڙ هڪ اهڙي تبديلي جيڪا منظم ڪم وسيلي آندي وڃي ۽ هڪ پروگرام جوڙڻ لاءِ هي ضرور ڏسڻ گهرجي: 1. شروعات ڪٿان ڪجي، يعني موجوده حالتون. 2. عمل جو رستو يعني ذريعا ۽ طريقا. 3. منزل جيستائين ڪنهن کي انهن ٽن ڳالهين جي سمجهه نه آهي، تيستائين اهو پروگرام بابت ڪجهه به نه ٿو ڳالهائي سگهي.اسان هڪ سوشلسٽ انقلاب چاهيون ٿا ۽ ان کان پهرين هڪ سياسي انقلاب لازمي آهي. سياسي انقلاب جو مطلب صرف رياست انگريزن کان انهن هندستانين جي هٿن ۾ منتقل ڪري ڏيڻ آهي، جيڪي آخري منزل تائين اسان سان گڏ هوندا. اڃان ٿورن لفظن ۾، طاقت انقلابي پارٽي کي عوامي حمايت ذريعي منتقل ڪرڻي آهي. ان کان پوءِ سڄي سماج جي سوشلسٽ بنيادن تي نئين سرجوڙجڪ ڪرڻي آهي. جيڪڏهن توهان هن کي انقلاب نه ٿا سمجهو، ته مهرباني ڪري رحم ڪريو ۽ انقلاب زنده آباد جو گوڙ بند ڪريو. انقلاب جو لفظ تمام گهڻو معتبر آهي، گهٽ ۾ گهٽ اسان لاءِ ان جو غير سنجيده استعمال يا غلط استعمال نه ڪيو وڃي. پر جيڪڏهن توهان قومي انقلاب جي ڳالهه ڪريو ٿا ۽ توهان جي جدوجهد جو مقصد آمريڪا جهڙي هندستاني رياست ٺاهڻ آهي ته پوءِ آئون توهان کان پڇان ٿو ته توهان ڪهڙين قوتن تي ڀاڙيو ٿا، جيڪي اهڙو انقلاب آڻڻ لاءِ توهان جي مدد ڪنديون؟. اهي ڀلي قومي يا سوشلسٽ هجن، اهي قوتون مزدور ۽ هاري آهن. جيڪڏهن توهان چئو ٿا ته هارين ۽ مزدورن ڏانهن وڃي انهن جي حمايت حاصل ڪنداسين ته اهي توهان جي جذباتي ڳالهين ۾ اچي بيوقوف بڻجڻ وارا نه آهن. اهي توهان کان بلڪل واضع طور پڇندا، ته اهي توهان جي انقلاب ذريعي ڇا حاصل ڪندا، جنهن لاءِ توهان انهن جي قرباني گهري رهيا آهيو. توهان پنهنجي ان مقصد لاءِ انهن کي استعمال نه ٿا ڪري سگهو. توهان کي سنجيدگي سان انهن کي سمجهائڻو پوندو ته انقلاب انهن جي لاءِ ۽ انهن جي بهتري لاءِ آهي. مطلب ته پورهيتن جو انقلاب پورهيت طبقي لاءِ. جڏهن توهان پنهنجي مقصدن لاءِ اهڙو واضع موقف جوڙي ورتو تڏهن توهان پنهنجي قوتن کي بلند حوصلي ۽ جذبي سان منظم ڪري هڪ اهڙي عمل لاءِ اڳتي وڌائي سگهو ٿا. هاڻي ٻن مختلف مرحلن مان توهان کي گذرڻو آهي. پهريون تياري ۽ ٻيو عمل. هڪ تحريڪ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ توهان کي سنجيده انقلابي ڪارڪنن ۾ بيزاري ۽ مايوسي نظر ايندي. پر توهان کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي. جذباتيات کي هڪ پاسي ڪريو ۽ حقيقتن کي منهن ڏيڻ جي تياري ڪريو. انقلاب هڪ انتهائي مشڪل ڪم آهي، انقلاب ڪرڻ ڪنهن هڪ ماڻهو جي وس کان ٻاهر آهي ۽ نه ئي ڪنهن مخصوص تاريخ تي آڻي سگهجي ٿو. اهو مخصوص سماجي ۽ معاشي حالتن ۾ ئي آڻي سگهجي ٿو. هڪ منظم انقلابي پارٽي جو ڪم مختلف واقعن جي ڪري پيدا ٿيل اهڙي موقعي مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻ آهي. عوام کي تيار ڪرڻ ۽ انقلاب لاءِ قوتن کي مضبوط ۽ منظم ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي ۽ ان لاءِ انقلابي ڪارڪنن جي عظيم قرباني گهربل هوندي آهي. مون کي اهو واضع ڪرڻ ڏيو ته جيڪڏهن توهان ڪاروباري ماڻهو آهيو، عيش و آرام جا خواهشمند آهيو يا خاندان ۾ جڪڙيل آهيو ته پوءِ مهرباني ڪري باهه سان نه کيڏو. هڪ ليڊر جي طور توهان جو پارٽي ۾ ڪو ڪم نه آهي. اهڙا ليڊر اڳ ۾ ئي گهڻا آهن جيڪي شام جا ڪجهه ڪلاڪ صرف تقريرون ڪرڻ لاءِ ڏين ٿا. اهي ڪنهن ڪم جا نه آهن. اسان کي انهن جي ضرورت آهي جن کي لينن ” کاهوڙي انقلابي“ چوندو هو، ڪل وقتي ڪارڪن جن کي زندگي ۾ انقلاب کان سواءِ ٻيو ڪو ڪم يا مقصد ناهي هوندو. جيترو انگ اهڙن ڪارڪنن جو هوندو، پارٽي اوتري منظم هوندي، ايترا وڌيڪ امڪان توهان جي ڪامياب ٿيڻ جا هوندا. باقاعدگي سان اڳتي وڌڻ لاءِ توهان کي وڌ کان وڌ مٿي ذڪر ڪيل ڪارڪنن جي ضرورت آهي، جن وٽ واضع موقف، سماج تي گهري نظر ۽ ترت فيصلي ڪرڻ ۽ قدم کڻڻ جي صلاحيت هجي. پارٽي جو سخت ڊسيپلين هجي ۽ ان کي زير زمين ڪم ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. پارٽي کي اهڙن ڪارڪنن جي ضرورت آهي جيڪي صرف نوجوانن جي تحريڪ وسيلي ڀرتي ڪري سگهجن ٿا. جيتوڻيڪ نوجوانن جي تحريڪ اسان کي پنهنجي پروگرام جو شروعاتي نقطو نظر اچي ٿي. ان تحريڪ کي اسٽڊي سرڪلز، ليڪچرز ڪرائڻ گهرجن ۽ ليفليٽ، پمفليٽ، ڪتاب ۽ رسالا ڇپائڻ گهرجي. اهو سياسي ڪارڪنن کي ڀرتي ڪرڻ ۽ تربيت ڏيڻ جو بهترين طريقو آهي. مٿي ٻڌايل طريقن سان پارٽي پنهنجي ڪم کي اڳتي وڌائي سگهي ٿي. هفتي وار، پندره روزه يا ماهوار گڏجاڻين ۽ ڪانفرنسن ذريعي مختلف موضوعن تي ڪارڪنن جي تربيت ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن توهان اهڙي طريقي سان ڪم شروع ڪريو ٿا ته توهان کي گهڻو سنجيدو ٿيڻو پوندو. پروگرام کي ڦهلجڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ويهه سال لڳندا آهن. جنهن لاءِ نه جذباتيت جي ۽ نه ئي موت جي ضرورت هوندي آهي، پر مسلسل جدوجهد، برداشت ۽ قرباني واري زندگي جي ضرورت هوندي آهي. پهرين پنهنجي ذاتيات کي ختم ڪريو. ذاتي عيش و آرام جي خواهشن کي ڦٽو ڪري پوءِ ڪم ڪريو. انچ به انچ توهان کي اڳتي وڌڻو پوندو. ان لاءِ همت، ثابت قدمي ۽ مضبوط ڪردار جي ضرورت آهي پوءِ سختيون ۽ مشڪلاتون توهان جا حوصلا پست نه ڪري سگهنديون، ناڪاميون ۽ غداريون اوهان جا دل نه ڏکوئينديون. برداشت ۽ قرباني جي سخت تجربي سان توهان ڪامياب ٿيندا ۽ اها هر هڪ ڪاميابي انقلاب جو قيمتي اثاثو آهي.