سائين مون کي لڳي ٿو ته توهان جي سسٽم ۾
AddLyrics نالي مالويئر جو حملو ٿيو آهي۔۔۔ هي وائرس اڪثر يوٽيوب وڊيوز سان گڏ اپلوڊ ڪيو پيو وڃي۔۔۔ جيڪو وڊيو پلي ڪرڻ دوران اڳيان اڀرندي واعدو ڪندو آهي ته انسٽال ڪرڻ سان وڊيوز بغير لوڊنگ ڪندي تڪڙو پلي ٿيندي۔۔۔ گهڻن سسٽم ۾ ته ڪجهه ٻڌائڻ بنا ئي انسٽال ٿيو وڃي۔۔ جيئن ته پاڪستان في الوقت يوٽيوب بند آهي ان ڪري هتي اڃان عام ناهي ٿيو۔۔ پر ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي۔۔۔
جيئن ته هن مالويئر جو حدف برائوزر ٿين ان ڪري توهان جي سسٽم جو ڊيفالٽ برائوزر کلندي ئي مالويئر کي سسٽم جو فعال اينٽي وائرس پڪڙيو وٺي پر هر دفعي ڊيليٽ ڪرڻ جي باوجود مالويئر مڪمل ختم نه ٿيندو آهي ڇو ته هي مالويئر سٿرو ختم نه ٿيندو آهي۔۔۔ ان مالويئر کي پاڙان ختم ڪرڻ لاءِ توهان کي سڀ کان پهريان ڪنٽرول پينل مان وڃي ان انسٽال پروگرام ونڊوز کولڻي پوندي جتان
AddLyrics ڳولي ان انسٽال ڪرڻو پوندو۔۔۔ ڏسو تصوير۔۔
ان کانپوءِ گوگل ڪروم برائوزر جي سيٽنگ ۾ وڃي ايڪسٽينشن کوليو۔۔ جتان پڻ
AddLyrics نالي ايڪسٽينشن ڳولي ريموو ڪريو۔۔ ڏسو تصوير
بهتر رهندو ته اهڙي قسم جو ايڪسٽينشن فائرفاڪس ۽ انٽرنيٽ ايڪسپلورر مان پڻ ريموو ڪريو۔۔۔ ڏسو تصويرون
۽ آخر ۾ انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ دوران بڻجندڙ ٽيمپرري فائيلز کي ريموو ڪريو۔۔۔ اميد ته اهڙا قدم کڻندي توهان جي سسٽم مان اهو مالويئر مڪمل طور انسٽال ٿي ويندو۔۔۔