زندگيءَ جو
وياج ڀريندي ڀريندي،
اسين پنهنجا
هٿ ۽ پير بوائل ڪري
ڪڏهون ڪا کائي چڪاسين
هاڻي ته
اسان جي انساني ۽
قومي شناخت جي بدلي ۾
ڪو پنج رپئي واري
ڊبل روٽي ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونهي.
مفلسي آ!
قيامت جي مفلسي آ!!
اچ ته
جسم جو ڀانڊارو ڀڃي
آخري بچيل
روح جو سڪو ڪڍي وٺون