عابد بلوچ
سينيئر رڪن
سڀاڻي
جيڪو آيو ناهي
اچڻو آهي،
سڀاڻي جيڪو
تنهنجي وجود جي دَرَوازي تي
ڪنهن ضدي پينو فقير وانگر بيٺو آهي.
سڀاڻي
جيڪو اڃان ڪونه آيو آهي
سو چوريءَ اچي
تنهنجي اندر جي اڱڻ ۾
فٽ بال کيڏندڙ ننڍي ٻار کي
سنجيده ۽ فڪرمند ڪري ويندو
تون جنهن ڇوڪريءَ کي چاهين ٿو
”سڀاڻي“ ان کي به ڪونه ڇڏيندو
سندس چنڊ جهڙي پيشانيءَ تي
ننڍڙي ٻار جي ڊرائنگ ڪاپيءَ تي ليڪيل
ابتين سبتين ليڪن جهڙيون
لڪيرون وجهي ڇڏيندو
سڀاڻي ممڪن آ
تنهنجا دوست به دوست نه رهن
۽ دشمن
دوست ٿي وڃن
سڀاڻي جو ٻڌي
تون هينئر ئي
خزان جي پن وانگر ڏڪي رهيو آهين
سوچ سڀاڻي ايندو ته ڇا حال ٿيندو...!!؟
پر بيهه!
اڄ بازار ۾ ڪنهن چيو پئي ته
”سڀاڻي ڪڏهن به ڪونه ايندو“
ڪاش اهو سچ هجي. !!!
**
جيڪو آيو ناهي
اچڻو آهي،
سڀاڻي جيڪو
تنهنجي وجود جي دَرَوازي تي
ڪنهن ضدي پينو فقير وانگر بيٺو آهي.
سڀاڻي
جيڪو اڃان ڪونه آيو آهي
سو چوريءَ اچي
تنهنجي اندر جي اڱڻ ۾
فٽ بال کيڏندڙ ننڍي ٻار کي
سنجيده ۽ فڪرمند ڪري ويندو
تون جنهن ڇوڪريءَ کي چاهين ٿو
”سڀاڻي“ ان کي به ڪونه ڇڏيندو
سندس چنڊ جهڙي پيشانيءَ تي
ننڍڙي ٻار جي ڊرائنگ ڪاپيءَ تي ليڪيل
ابتين سبتين ليڪن جهڙيون
لڪيرون وجهي ڇڏيندو
سڀاڻي ممڪن آ
تنهنجا دوست به دوست نه رهن
۽ دشمن
دوست ٿي وڃن
سڀاڻي جو ٻڌي
تون هينئر ئي
خزان جي پن وانگر ڏڪي رهيو آهين
سوچ سڀاڻي ايندو ته ڇا حال ٿيندو...!!؟
پر بيهه!
اڄ بازار ۾ ڪنهن چيو پئي ته
”سڀاڻي ڪڏهن به ڪونه ايندو“
ڪاش اهو سچ هجي. !!!
**