انگريزن جي حڪومت واري دور کان اڳ ننڍي کنڊ جي تعليمي نظام ۾ عربي ۽ فارسي ٻوليء جو نهايت ئي اهم ڪردار رهيو آهي. تنهن دوءر ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن زندگيء جي مختلف ميدانن، جهڙوڪ، سائنس، ادب، سياست ۽ معيشيت وغيره ۾ ڪيل علمي ۽ عملي ڪارنامن کي دنيا آڏو صرف انهن ٻن ٻولين ۾ پيش ڪيو ويندو هو. تهذيب، ثقافت، مذهب ۽ مسلمانن جي قديم تواريخ بابت مواد به انهن ئي ٻن ٻولين ۾ موجود هو. ان دور جي تعليمي نظام ۾ انگريزي ٻولي ته موجود نه هئي پر پوء به ڪيترائي عالم، فاضل ۽ ڏاها پيدا ٿيا. سندن خوشحالي، مساوات ۽ علمي سرگرميون اوج تي هيون جيڪا ڳالهه انگريزن کي سخت نا پسند هئي.نيٺ ڪافي تحقيق ڪرڻ کانپوء هو ان نتيجي تي پهتا ته هن قوم کان هنن جي ثقافت، تهذيب و تمدن، ۽ خاص ڪري هنن جو تعليمي نظام کسيو ته هي قوم پاڻ ئي اچي پٽ پوندي. آخر ڪار، 1835ع ۾ لارڊ مڪالي پنهنجي ان پَليد مقصد تي ڪم شروع ڪيو. سندس چوڻ اهو هو ته، ”هُو هن قوم کي رنگ ۽ نسل ۾ هندوستاني، ۽ ذهني ۽ روحاني طور تي برطانوي ڏسڻ چاهي ٿو.“ هو آخرڪار پنهنجي ان مقصد ۾ ڪامياب ٿيو ۽ هنَ ننڍي کنڊ جي رهواسين کي پنهنجو فرسودا ۽ اخلاقيات کان خالي تعليمي نظام ڏئي سندن قديم تعليمي نظامَ، ثقافت ۽ تهذيب کان پري ڪري سندن ذهنن ۾ اهڙو ته غلاميء جو ٻج ڇٽي ڇڏيو جو اڄ تائين به ڪنهن نه ڪنهن نموني سان اسين اها غلامئ واري زندگي گھاري رهيا آهيون. اڪبر الله آباديء جي اها ڳالهه به هاڻ سمجهه ۾ اچي ٿي جيڪا هن پنهنجي هڪ شعر ۾ هن ريت چئي ته ، ”شيخ مرحوم کا قول اب مجہے ياد آتا ہے ، دل بدل جائين گے تعليم بدل جا نے سے.“ تعليم بدلجي وڃڻ سان هن قوم جي دل، دماغ، ۽ سڀ طور طريقا تبديل ٿي ويا ۽ معاشرو ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويو. هڪ طبقو پنهنجي ان قديم ۽ پائيدار تعليمي نظام جي حق ۾ هو جيڪو نظام صدين کان هلندو ٿي آيو ته ٻيو طبقو ان جديد انگريزي تعليمي نظام پويان لڳي ويو، سر سيد احمد خان به ان ٻئي طبقي جي پٺڀرائيء ڪئي. هاڻي ڇاڪاڻ جو اڄ به اسين انهن ٻن طبقن ۾ ورهايل آهيون سو اسانجي لاء اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل آهي ته سر سيد احمد خان اسانجي قديم ۽ ڪامياب تعليمي نظام جي ورڇ جي پوئواري ڪري صحيح ڪيو يا غلط. پر حقيقت ۾انگريزن جو ته مقصد پورو ٿي ويو، اها سندن هڪ وڏي ڪاميابي هئي جو هنن صدين کا هڪ سوچ ۽ فڪر رکندڙ معاشري کي اڌَ ڪري زوال جي رستي تي لڳائي ڇڏيو، ۽ اهو سلسلو اڄ تائين هلندو ٿو اچي. پوئين صدي جي ٻئي حصي ۾ 1970ع واري اليڪشن کانپوء پاڪستان جي وزيرِ اعظم ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سوشلسٽ نذريعي تحت سياسي، سماجي ۽ تعليمي ميدانن ۾ سڌارا آڻڻ لاء ڪيتريون ئي تبديليون آنديون. جن ۾ صنعتن وانگي تعليمي ادارن کي به نيشنلايز ڪيو ويو. مطلب ته ان وقت جيڪي به خانگي تعليمي ادارا هئا سي گورنمينٽ جي ڪنٽرول هيٺ اچي ويا. هن تبديليء جو مقصد تعليم کي هر طبقي سان تعلق رکڻ وارن جي لاء عام ۽ هڪجهڙي ڪرڻ هو. برابري جي بنيادن تي تعليم عام ڪرڻ وارو ڀٽي صاحب جو اهو خواب پنهنجي تعبير نه ماڻي سگھيو ۽ ان تبديلئ جا سٺا نتيجا نه ملڻ ڪري 1980ع واري ڏهاڪي ۾ انهن مڙني تعليمي ادارن کي ڊِي-نيشنلائز ڪري پنهنجي ساڳي حيثيت ۾ بحال ڪيو ويو. جنهن جو بنيادي ڪارڻ لارڊ ماڪالي جي اها سازش پڻ ٿي سگھي ٿي جيڪا ان وقت ماڻهن جي ذهنن ۾ هڪ وڏي وڻ جيان پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري چڪي هئي. اهو زوال پاڪستان جي موجوده تعليمي نظام ۾ هلندو پيو اچي، جنهن جو مثال هن ريت ڏجي ته اڄڪلهه جو تعليمي ڍانچو ٽن حصن ۾ ورهائجي چڪو آهي. 1ـ ڪيمبرج جو تعليمي نظام؛ هن نظام ۾ فقط هڪ مخصوص طبقي جا ٻار ئي تعليم حاصل ڪن ٿا.اهو طبقوElite Class سڏرائجي ٿو. هن طبقي جا ٻار ڪيمبرج جي نظام تحت تعليم ڏيندڙ اسڪولن ۾O-Level ۽ A-Level ڪري گھڻو ڪري ته پاڪستان ۾ رهڻ، وڌيڪ پڙهڻ ۽ نوڪري ڪرڻ پسند ئي ڪونه ڪن. ڇاڪاڻ جو ان تعليمي نظام ۾ نه ته ٻارن کي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت بابت ڪجھ ٻڌايو وڃي ٿو نه ئي وري پنهنجي مذهب جي بابت ڪا ڄاڻ ڏني وڃي ٿي، جنهن کانپوء ٻار مغربي معاشري جو ايترو ته اثير ٿيو پوي جو کيس پنهنجو وطن به اوپرو لڳڻ لڳي ٿو. هڪ ٻئي پس منظر ۾ جيڪڏهن ان نظام تي غور ڪجي ته داخلا جي فيسن مان ڪمايل ناڻو به سِڌو سنئون برطانيه پهچيو وڃي، ۽ ٻار به نه هِتان جو ٿو رهي نه وري هُتان جو. ظاهر آهي نتيجو پوء اهو ئي ٿو نڪري ته معاشرو طبقن ۾ ورهائجيو وڃي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ ڪو سُٺو سوڻ ناهي. 2. سيڪنڊري تعليمي نظام؛ هي نظام وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ٻارن يا غريب غُربي لاء آهي. پاڪستان ۾ سرڪاري يا پرائيويٽ اسڪولن ۾ هن نظام تحت تعليم ڏني وڃي ٿي. هنن اسڪولن ماڻ پڙهي لکي نڪرندڙ ٻارُ جيڪڏهن ته تمام ذهين آهي ۽ سٺيون مارڪون کنيون اٿس، ۽ سندس مائٽن وٽ وڌيڪ تعليم لاء پئسو به آهي ته پوء اڳتي وڌي سگھي ٿو نه ته غريب غُربي جو ٻار يا ته ڪلارڪيء، پٽيواليء يا ڪنهن هلڪي ڦُلڪي نوڪريء سان لڳي ويندو يا وري دوڪان کولي ويٺو گذر سفر ڪندو. 3. مدرسن وارو تعليمي نظام؛ پنهنجي ملڪ ۾ موجود هن تعليمي نظام ۾ گھڻو ڪري ته غربت جي لڪير کان هيٺ رهندڙ ڪٽنب پنهنجي ٻارن کي مدرسن ڏانهن موڪلين ٿا، ڇاڪاڻ جو انهن مدرسن ۾ تعليم مفت ڏني وڃي ٿي. پوء انهن مدرسن کي ڪير فنڊ ڪري ٿو ڪير نه ٿو ڪري اهو ته هڪ الڳ بحث آهي. پر انهن مدرسن ۾ سواء ڪجھ وڏن مدرسن جي ڪابه سائنسي تعليم نه ٿي ڏني وڃي ته جيئن اهو ٻار ٻاهر نڪري دنيا سان قدم ملائي هلي سگھي. ان سبب جي ڪري ئي مدرسن جا ٻار يا ته مسجد جا پيش امام بڻجيو پون يا وري نڪاح ڪرائيندا وتن. پاڪستان جي عالمي شهرت رکندڙ مذهبي اسڪالر ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر زاهد منير عامر جي تعليمي نظام ۾ تحقيق جا ڪجھ نقطا مٿي پيش ڪرڻ کانپوء اهو پتو پوي ٿو ته تعليمي نظام جي ايڏي وڏي پيماني تي ورڇ ڪو معمولي مسئلو ناهي. ظاهر آهي انگريزن اسانجي تعليمي نظام کي ورهائي ڪري جيڪي ظلم اسان سان ڪيو آهي انجو نتيجو اسانجي ايندڙ نسلن کي به ڀوڳڻو پوندو. اسانجي ثقافت، تهذيب و تمدن، اخلاقيات ۽ مذهب جا اعلى معيار زوال ڏانهن تيزيء سان وڌي رهيا آهن جيڪا اسانکي خبر به آهي. پر ان کان اڳ جو مغرب جو جلوو اسانجو نالو نشان مٽائي ڇڏي، اسانکي اکيون پَٽڻيون پونديون، ۽ اسانکي اهو سوچڻو پوندو ته اسانجي موجوده تعليمي نظام ۾ ڪيل طبقاتي ورڇ کي ڪيئن ختم ڪيو وڃي. اهو مسئلو انفرادي طور تي ته حل نه ٿو ڪري سگھجي، پر اجتماعي طور تي اسانکي پنهنجي تعليمي نظام ۾ سُڌارا آڻڻ لاء هنگامي بنيادن تي جوڳا اُپاء وٺڻا پوندا. ڇاڪاڻ جو ڪنهن ملڪ جي مستقبل جو دارومدار انجي تعليمي معيار تي آهي، سو اسانجو ملڪ تيسيتائين ترقي نه ٿو ڪري سگھي جيسيتائين پوري ملڪ ۾ هڪئي تعليمي نظام ۽ نصاب لاڳو ڪيو وڃي، نتيجي ۾ اسين ان طبقاتي ورڇ مان پڻ آجا ٿي سگھون ٿا.
اهم مضمون آهي ۔۔۔ تعليمي نظام جي ورهاست جتي ٻٽا معيار پيدا ڪيا آهن اتي، معاشري جي طبقاتي ڪلاسن سبب به ورهاست ڪئي آهي۔ ان نظام سبب اسان وٽ ڪيئي مسلا به پيدا ٿيندا رهيا آهن۔ هڪ ٻيو اهم مسئلو بورڊن جو پڻ ٿي رهيو آهي ۔۔۔۔ هڪڙا انٽرميڊيٽ نظام سان سلهاڙيل آهن ته وري ڪي ، وفاقي بورڊن سان۔۔۔ اڄڪلهه ته وري آغا خان بورڊ جو پڻ واڌارو ٿيو آهي۔ اهي شاگرد پريشان ٿين ٿا جڏهن سندن والدين جي بدلي ڪنهن شهر ۾ ٿئي ۽ اتي نظام تعليم ٻيو هجي۔ لک قرب اوهان اهم معاملي تي مضمون لکيو آهي۔
سائين سليمان وساڻ صاحب وقت ڪڍي آرٽيڪل پڙهڻ جي لاء اوهانجو احسان مند آهيان۔ بورڊن جو مسئلو واقعي آهي ان تي لکڻ لاء ڪٍ دوستن صلاح ڏني آهي۔ انشاالله ضرور ان مسئلي تي به لکبو۔۔۔ ٻيو ته بورڊن وارو مسئلو هن آرٽيڪل ۾ بيان نه ٿي سًگھيو جنهن جو ڪارڻ اهو هو ته هن ليک ۾ بنيادي مسئلي طبقاتي ورڇ کي سامهون آڻڻو هو۔۔ ان جا سبب ۽ حل به پيش ڪيو، پر هاڻي ان حل تي ڪير ايگري ڪري يا نه ڪري اهو هڪ ٻيو مسئلو آهي۔۔۔ لک لائق، آباد رهو