نرالي انداز، رنگ ۽ ڍنگ سان ٿري لباس پائي پاڻ مڃرائڻ واري فنڪاره شازيه خُشڪ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    نرالي انداز، رنگ ۽ ڍنگ سان ٿري لباس پائي پاڻ مڃرائڻ واري فنڪاره شازيه خُشڪ
    تحقيق ؛ عبدالرزاق ميمڻ

    سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڄامشوري ۾ 16 سيپٽمب 1970ع ۾ ڄم وٺندڙ، سدا بهار، خوش لباس، هر وقت مسڪرائيندڙ ، با ادب شازيه خُشڪ، سنڌ يونيورسٽي ءَ مان ايم اي اُڙدو ادب ۾ ڪئي آهي.  سندس شادي 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي ئي هڪ پوليٽيڪل سائنس جي پروفيسر مُحترم محمد ابراهيم خشڪ سان ٿي. 1998ع ۾ ، سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو ۾ هڪ ڪانوويشن ٿيو جنهن ۾ شازيه خشڪ کي موسيقيءَ جي فيلو شپ ڊگري ڏني وئي. سنڌ يونيورسٽي پاڪستان جي پهرين يونيورسٽي آهي جنهن راڳ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن کي ڊگري ڏني آهي. اُن وقت سنڌ جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر نذير مُغل ۽ چانسلر مُعين الدين حيدر هو جيڪو ساڳئي وقت سنڌ جو گورنر پڻ هو.

    شازيه جي مادري زبان ڪشميري آهي، تنهن هوندي به پاڻ سنڌي، سرائڪي، ٿري، اڙدو، پنجابي، بلوچي،، براهوي، گُجراتي، ڍاٽڪي، ميمڻي، گوجري، پهاڙي، ڪشميري ۽ انگريزي زبان ۾ ڳائيندي آهي. شازيه ۾ هڪ سُٺي عادت آهي ته هُوءَ پنهنجي پرستارن جي خطن ۽ فونن جا بروقت جواب ڏي ٿي ۽ کيس جيڪي به خط ملندا آهن، انهن کي نه صرف سانڍي رکندي آهي پر انهن جا جواب به ڏيندي آهي، هن وٽ خطن جو رڪارڊ هر تعلقي ۽ ضلعي وائيز فائلن ۾ محفوظ آهي، ايستائين جو سندس الاهي پرستار ته ساڻس ملڻ لاءِ سندس گھر به اچي چُڪا آهن.

    شازيه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چُڪي آهي جن ۾ آمريڪا، ڪيناڊا، برطانيا، آسٽريليا، جاپان، عرب امارات، سنگاپور، هالينڊ، اُردن، ٿائلينڊ، مالديپ، سريلنڪا، ازبڪستان، ترڪمستان، قطر سر فهرست آهن. ترڪمستان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان مان 1915ع کان 1936ع جي وچ ۾ جيڪي بروهي لڏي وڃي اُتي آباد ٿيا هُئا ۽ اڄ اُتي سندن بادي 36 هزار آهي، تن نه صرف اُتي بروهي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي زنده رکيو آهي ۽ شازيه کي سندس ترڪمستان جي دوري دوران گھُرائي تمام گھڻو قرب ۽ مان ڏنو.

    شازيه کي فني خدمتن جي عيوض ڪيترا ئي ايوارڊ ملي چُڪا آهن جن مان هڪ ايوارڊ امريڪي سينيٽر ڪارول موزلي، آمريڪا ۾ سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير لياقت علي جتوئيءَ ۽ پاڪستان جي سُڌ سماءَ جي وزير مُشاهد حُسين جي موجودگيءَ ۾ هڪ محفل ۾ ” آرٽسٽ آف دي ورلڊ ايوارڊ“ ڏنو. جاپان حڪومت طرفان به کيس ايوارڊ ڏنو ويو. آسٽريليا جي صوبي ڪينبرا جي وڏي وزير ڪيٽ ڪارنيل به شازيه کي ” يونق پرفارمنس ايوارڊ“ ڏنو. شازيه ” قلندر لال شهباز ايوارڊ“ به ماڻي چُڪي آهي.

    شازيه خشڪ پنهنجي نرالي انداز، رنگ ۽ ڍنگ سان پوري دنيا ۾ پاڻ مڃرايو آهي. هن پنهنجن مخصوص لباسن ذريعي اهو ثابت ڪيو آهي ” ته راڳ رُڳو ٻُڌڻ سان نه پر ڏسڻ سان به واسطو رکي ٿو.“ هُن ڳائڻ ۾ سڀ کان پهرين ٿري لباس پاتو ۽ ڏسندڙن جي دل ۽ دماغ تي قبضو ڪري ويٺي، ڏسندي ڏسندي هاڻ سنڌ کان علاوه پنجاب جون به ڪيتريون راڳيڻيون شازيه جھڙو لباس پائينديون آهن. شازيه کي ڳائڻ سان ٿوري گھڻي دلچسپي ته هوندي هُئي پر رُڳو شوق جي حد تائين، ان ڏس ۾ هن پهريون ڀيرو سنڌ يونيورسٽيءَ ڄامشورو پاران ٿيل بين الاقوامي سنڌي ڪانفرنس ۾ ابراهيم مُنشيءَ جو هي ڪلام ڳاتو. ” سُهڻي کائي پئي سُرَ، ورو وانجھيو، سانوَڻ سيِر درياه جي. “

    1992ع ۾ جڏنهن پروفيسر ابراهيم خُشڪ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچيء ۾ پروڊيوسر سميع بلوچ جي ادبي پروگرام ۾ مهمان جي حيثيت ۾ آيو ته پاڻ سان گڏ شازيه کي به ٽيليويزن ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويو. جتي پي ٽي ويءَ جي پروڊيوسر ۽ هاڻوڪي هَم چينل جي مالڪ، سنڌ يونيورسٽي ءِ جي سابق وائيس چانسلر صديقي صاحب جي زال محترمه سلطانه صديقيءَ جڏنهن شازيه کي ڏٺو ته هُن کي پنهنجي ” ماروي ڊرامي “ ۾ مارويءَ جي ڪردار جي آفر ڪئي پر شازيه کيس ورندي ڏئي اهو چيو ته ؛کيس ڳائڻ جو شوق آهي سو اداڪاري نه ڪنديس“ ۽ ڪجھه ڏينهن کان پوءِ سلطانا کيس ڳائڻ لاءِ گھُرايو ۽ سڀ کان اڳ ۾ شازيه جي آواز ۾ ٿري لوڪ گيت ” مارا اُڏتا پکيئڙا، ڪڏنهن آ نه ماري ديس “ رڪارڊ ڪرايو.

    ان گيت ڪري شازيه کي تمام گھڻي موٽ ملي ۽ اُنهيءَ سال کيس شاه عبدالطيف ڀٽائي گھوٽ جي عرس تي ڳائڻ لاءِ گھُرايو ويو جتي گھڻي ڀاڱي سينيئر فنڪارن کي گھُرايو ويندو آهي، شازيه لاءِ اهو ان ميلي ۾ گھُرائڻ ئي وڏو اعزاز هو، هُن کي اُتي صرف هڪ ئي نغمي ڳائڻ جي اجازت ملي ۽ پوءِ جڏنهن ماڻهو جيڪي وڻن ، ڀتين تي ب، چڙهي ويٺا هُئا سندس ڳائڻ تي جھُمريون پائي نچڻ لڳا ۽ زوردار تاڙين جو وسڪارو ٿي ويو ته هُن کي چئن ڪلامن ڳائڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. ڀتين تي ويٺل ڪي ماڻهو ڀتين تان تاڙيون وڄائندي ڪري به پيا ۽ ڪرڻ کان پوءِ به جوش ۾ اُٿي نچندا ۽ جھُمريون پائڻ لڳا.

    اهو سڄو لقاءُ بي بي سي ٽيليويزن جي ٽيم رڪارڊ ڪري رهي هُئي. بي بي سي جڏنهن اهو پروگرام ڏيکاريو ته سڄي دنيا ۾ ان کي اهڙو ته پسند ڪيو جو هر مُلڪ م شازيه جي واه واه ٿيڻ لڳي. اهو پروگرام ڏسي جاپان حُڪومت، پاڪستان سرڪار کان ان ڳائڻيءِ جو تفصيل طلب ڪيو، اُن جي جواب ۾ پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس جي تڏهوڪي سربراه غلام حيدر صديقيءَ شازيه جي گھڻي رهنمائي ڪئي ۽ جاپان سرڪار کي سمورا تفصيل لکي موڪليا پوءِ تُرت ئي شازيه ۽ سندس سموري ٽيم کي جاپان دعوت ڏئي گھُرايو.

    جيڪا ٽيم جاپان وئي اُن ۾ شازيه جو مُڙس پروفيسر ابراهيم خشڪ به هڪ چنگُ وڄائيندڙ جي حيثيت م، ريڊيو پروڊيوسر نثار ميمڻ ٽيم جي سربراه ۽ پروڊيوسر جي حيثيت م، موسيقار غلام علي، سازندا مصري جوڳي، محمد سومار (ڍولڪ نواز) ، الهه بچايو (گھڙي نواز) ۽ استاد علي نواز (شرنائي وارو) شامل هُئا. جاپان ۾ کين تمام گھڻي موٽ ملي ۽ پوءِ جاپان وارن شازيه بابت ڊاڪومينٽري ٺاهڻ جي گھُر ڪئي، جنهن جي رڪارڊنگ به پاڪستان ۾ ٿيڻي هُئي، پر جيئن ته شازيه جي فني سفر جو آغاز ٿي چُڪو هو وقت ڏئي نه سگھي. جاپان وارن ٻئي سال ڊاڪو مينٽري ٺاهڻ جي پلاننگ ڪئي ۽ ڪجھه سالن کا پوءِ پاڪستان آيا ۽ مُني ڪلاڪ جي ڊاڪو مينٽري ٺاهي ورتائون. جنهن لاءِ کين پاڪستان ۾ مهنو کن رهڻو پيو ، اها ڊاڪو مينٽري عام طور هتي جي موسيقيءَ ۽ خاص طور شازيه خُشڪ بابت هُئي، هُنن انهيءَ ڊاڪو مينٽريءَ ۾ ڪالام، ٽيڪسلا ۽ (موئن) موهن جي دڙي کي به اُن ۾ شامل ڪيو ۽ شازيه بابت عوام جا ويچار به شامل ڪيا ويا .

    شازيه لاءِ 19992ٿ ڀاڳن وارو سال هو، انهيءِ سال ٽي وي تي آئي، انهيءِ سال شاه جي عُرس تي ڳايئين ، انهيءِ سال جاپان وئي، ۽ ريڊئي تي به اُنهي سال ڳائڻ شروع ڪيائين. ريڊئي پاڪستان تي کيس پروڊيوسر ڪوثر ٻُرڙي مُتعارف ڪرايو هو. توهان کي اهو پڙهي حيرت ٿيندي ته شازيه مُسيقيءِ جي تربيت ڪنهن به اُستاد کان ڪو نه ورتي آهي. پاڻ چئي ٿي ته مون پنهنجن ئي موسيقارن کان گھڻو سکيو آهي جن ۾ اُستاد نٿاز حوسين، فتح علي حيدرآباد وارو، ۽ رجب علي رضا شامل اهن. چوي ٿي ته تنهن کان سوا جن به مُسيقارن جي موسيقيءَ ۾ مون ڳايو آهي، انهن وٽان ئي سکيو آهي، هُن جن موسيقارن جي مسيقيءَ ۾ ڳايو آهي انهن ۾ فيروزالدين، امانت گُل، غلام علي، فتح علي خان، اُستاد نياز حُسين وغيره آهن. ڪراچي ٽيليويزن تي جيترا به ميوزڪ پروڊيسر آهن انهن مان اڪثر پروڊيوسرن شازيه کي رڪارڊ ڪيو اهي. :اهور مرڪز تي فرخ بشير ۽ مُنيزه هاشمي، ڪوئٽيا تي آصف قاضي ۽ اسلام آباد تي خواجه نجم الحسن کيس رڪارڊ ڪيو اهي.

    سندس پرستار ۽ مداح ته چڻ سندس روحاني عاشق آهن، مونکي ياد آهي ته 2003ع ۾ قاسم اباد حيدراباد م هڪ پروگرام ٿيو هو ۽ ان م جڏنهن شازيه ڳايو ته ڳائڻ دوران هڪ نئين ڪنوار پنهنجيون سونيون چوڙيون لاهي شازيه کي اسٽيج تي پارائڻ شروع ڪيون، جيڪي بعد ۾ شازيه تمام گھڻي سمجھائڻ کان پوءِ واپس ڪيون ۽ چيائينس ته ” مُهنجي لاءِ تنهنجي مُحبت ئي ڪافي آهي، تنهنڪري پاڻ وٽ هي سُهاڳ جون نشانيون سانڍي رک “.

    هڪ ڇوڪري جنهن جو واسطو ضلعي نوشهرو فيروز جي ڳوٺ ٺٽ ڳورهُو سان هو، جنهن جو نالو بشيران سومري هو، سا مائٽن کان چوريءَ شازيه وٽ اچي پُهتي ، اها ڇوڪري سلائي ڪري گُذر سفر ڪندي هُئي، اڻپڙيل هُئي، پورهي جو پئسو جمٿ ڪري ڀاڙو ڪر، ڏس پتو پُڇندي پُڇندي شازيه وٽ اچي پُهتي هُئي. شازيه لاِ ڪُجه پئسه به کڻي آئي هُئي، پر شازيه کيس مان ڏيندي ، سندس پئسه نه وٺي بلڪه گھڻيون سُوکڙيون پاکڙيون ڏئي پاڻ وٽ ٻه ڏينهن رهائي کيس مائٽن ۾ ڇڏي آئي.

    ساڳئي نوشهري فيروز مان ٻي ڇوڪري شبيران جيڪا پڙهيل ڳڙهيل هُئي، پڻ وٽس آئي، اُها به ڪجهه وقت ساڻس رهي، شازيه جي سمجھائڻ تي مائٽن ڏانهن هلي وئي.

    هڪ ٽي ڇوڪري جنهن جو نالو فرزانا هو ۽ هُن جو واسطو پنجاب جي شهر خانيوال سان هو اُها ته ڄڻ شازيه جي عشق ۾ چري ٿي پئي هُئي، مائٽن سندس علاج ڪرايو، سائڪلاجسٽن ۽ سائڪياسٽرن وٽان علاج ڪرائڻ کان پوءِ جيڪا اُن جي بيماري ڊاگنوز ٿي هُئي ته هوءَ ڪنهن به شي يا ماڻهوءَ کي جُنون جي حد تائين چاهڻ واري بيماريءَ م مبتلا آهي، ۽ جڏنهن خبر پئي تي سندس چاهت جو اُهو محبوب شخص شازيه ئي آهي ۽ جيسين هو شازيه سان نه ملندي ته ٺيڪ نه ٿيندي، مائٽ کيس پنجاب مان شازيه وٽ وٺي آيا ۽ پوءِ هوءِ مهنو کن شازيه وٽ هُئي ۽ ٺيڪ ٿي وئي.

    شازيه جون الاهي آڊيو ۽ وڊيو ڪيسٽون مارڪيٽ ۾ اچي ويون اهن، جڏنهن سنڌين جو پهريون سيٽلائيٽ چينل ڪي ٽي اين کوليو هو ته ڪي تي اين جيڪو پهريون سنڌي نغمو پروڊيوس ڪري ٽيليڪاسٽ ڪيو هو اُهو شازيه جو ڳايل هو. ان نغمي کي ٻين چئنلن به هلائڻ شروٿ ڪيو ۽ ڪي ٽي اين جي اها پهرين پروڊڪشن هُئي جيڪا ٻين چئنلن کنئي هُئي اها هُئي قلند شهباز جي ڌمال جيڪا قلندر جي روضي اندر فلمائي وئي هُئي.

    شازيه کي ڳائڻ کان سوا پڙهڻ لکڻ سان به دلچسپي آهي، پڙهڻ ۾ گھڻي ڀاڱي مُوسيقيءَ جا ڪتاب پڙهندي آهي، ٻاهرين مُلڪن مان جيڪا گھڻي ۾ گھڻي خريداري ڪندي آهي اُهي ڪتاب ئي هوندا آهن، هوءَ ليکڪ به آهي ۽ سفر ناما لکندي آهي، هُن جاپان جو سفر نامون پڻ لکيو اهي. سندس گھهر ۾ آڊيو لائبرريءِ آهي جنهن ۾ سنڌي، اُڙدو، هندي، ۽ ٻين ٻولين توڙي فنڪارن جون ڪيسٽون رکيل آهن، جن کي هوءَ واندڪائيءَ ۾ ٻُڌندي رهندي آهي.

    سندس فني سفر اڃا جاري آهي، پر هن ڪُجھه عرصي کان ڳائڻ دوران اُهو ٿري لباس جيڪو سندس سڃاڻپ بڻيو پائڻ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين لباسن سان دنيا جي اسٽيج تي جلوه افروز ٿئي ٿي، _ ڏسجي پيو ته کيس ان روپ ۾ ڪهري موٽ ملي ٿي.

    هو.. دانپَ دانه..
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: نرالي انداز، رنگ ۽ ڍنگ سان ٿري لباس پائي پاڻ مڃرائڻ واري فنڪاره شازيه خُشڪ

    جي ادا سائين محترمه شازيه خشڪ انتهائي محنتي ۽ هار نه مڃڻ واري فنڪاره آهي، آءُ کيس تڏهانڪر سڃاڻان جڏهن هوءَ پنهنجي مڙس سميت سائين محترم شمشير الحيدريءَ وٽ ايندي هئي ۽ ادب ۽ شاعريءَ تي بحث ڪندي هئي ۽ ٽي ويءَ تي گيت ڳائڻ جي لاءِ کيس مدد ڪرڻ لئه چوندي هئي ۔۔۔ سندس موسيقي لئه چاهه ۽ جدوجهد ڏسي آءُ ان وقت ئي سمجهي ويو هيس ته ادڙي ڪنهن منزل تي ضرور پهچندي ۽ اڄ ماشاء الله سنڌ سميت پاڪستان جي ٻين قومن ۾ پڻ سٺو مقام حاصل ڪري چڪي آهي ۔۔۔
     
  3. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    شازيه جي مادري زبان ڪشميري آهي، تنهن هوندي به پاڻ سنڌي، سرائڪي، ٿري، اڙدو، پنجابي، بلوچي،، براهوي، گُجراتي، ڍاٽڪي، ميمڻي، گوجري، پهاڙي، ڪشميري ۽ انگريزي زبان ۾ ڳائيندي آهي. شازيه ۾ هڪ سُٺي عادت آهي ته هُوءَ پنهنجي پرستارن جي خطن ۽ فونن جا بروقت جواب ڏي ٿي ۽ کيس جيڪي به خط ملندا آهن، انهن کي نه صرف سانڍي رکندي آهي پر انهن جا جواب به ڏيندي آهي، هن وٽ خطن جو رڪارڊ هر تعلقي ۽ ضلعي وائيز فائلن ۾ محفوظ آهي، ايستائين جو سندس الاهي پرستار ته ساڻس ملڻ لاءِ سندس گھر به اچي چُڪا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو