نيٺ ٻن سالن جي طويل انتظار کان پو جپان جي اداري پاران منهنجو ڊومين عباس ڪوريجو ڊاٽ ڪام خارج ڪيو ويو ۽ هڪ دفعو ٻيهر مون رجسٽر ڪرائي ورتو آهي، فلحال 4 سال پراڻي ساڳي ويب سائيٽ جو بيڪ اپ رکي ڇڏيو آهي، انشا الله تمام جلد نئين رنگ ۽ ڍنگ سان اوهان آڏو پيش ڪئي ويندي۔
خوشي ٿي ته اوهان جي ويب ٻيهر بحال ٿي۔ اميد ته اوهان جي ويب سائيٽ هاڻي اڳ کان اڳري رهندي سنڌي ٻولي جي ترقي لاء ڪوشان رهندي۔ اوهان جي ويب سائيٽ جو ڀيرو ڀريم ۔۔۔ سٺو لڳو ۽ خوشي ٿي
ادا عباس صاحب توهان جي ويبسائٽ وزٽ ڪيم، بهترين ترتيب ڏنل آهي۔ توهان کي ٻيهر ويبسائيٽ رجسٽر ڪرائڻ تي مبارڪ هجي۔ اميد ته توهان سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندا رهندو۔ سنڌ آن لائن لائبريري بلاگ
(عباس ۔۔۔ هاڻ ڪوششون ڪري وائس آف سنڌ کي به بحال ڪجي ۔۔۔ مان اوهان سان هر مدد ڪرڻ لاء تيار آهيان) پيارا ۔۔۔۔ وائيس آف سنڌ واري ويب سائيٽ اسان جو سرمايو آهي، آفتاب سان رابطو ڪري کيس گذارش رکون ٿا۔
اها خبر هڪ وڏي خوشخبري آهي جو ادي عباس ڪوريجي جي محنت سان تيار ڪيل ويب ٻيهر آن لائين ٿي وئي آهي اڃا به ڪافي دوستن جون ويبآهن جيڪي کلڻ جو انتظار ڪن ٿيون جن مان سنڌي ساهت، صئي سنڌي ۽ وائيس آف سنڌ ڌڻي جي در دعا آهي ته اهي به جلد کلي وڃن
دعا کان وڌيڪ ضرورت آهي انهن دوستن کي آمادهه ڪجي ته اهي ويب سائيٽون ٻيهر شروع ڪن ۽ انهن سان درپيش مسئلن کي حل ڪري وٺجي۔
ادا هر هڪ سنڌي نه ٿو چاهي ته اهي ويب بند ٿي وڃن پر مالڪن جي ڪي مجبوريون هونديون انهن مجبورين کي ظاهر ڪن ته هر هڪ انهن جي مدد ڪرڻ لا تيار هوندو اهو ڪووڏو مسئلو نه آهي باقي مالڪ خود سست آهن ته دوست ڇا ڪندا
دوستن کان مشورو وٺڻو آهي ته عباس ڪوريجو ڊاٽ ڪام تي جوملا جي ڊائنامڪ ويب سائيٽ رکان يا فورم سافٽ ويئر؟؟؟
دوستن کي اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ڪري رهيو آهيان ته مذڪورهه ويب سائيٽ پنهنجي شروعاتي مرحلن مان گذري رهي آهي۔۔۔۔ وڌيڪ رايا ڏيڻ لاِ ويب سائيٽ وزٽ ڪريو۔ عباس ڪوريجو ڊاٽ ڪام