ماٺ ۾ ماتام آ

'مقالا' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ماٺ ۾ ماتام آ
    سعيد سومرو

    درد ــــــــ ڪارڻ آهي. پهريتو ۽ پڇاڙڪو. دلي تخليق جي اُونهائپ جو. {وچ ۾ جيڪي به ’ڳالهوڙيُـون‘ پکـڙيل آهن، سي ڪجھه به ناهين، فقط واءُ تي اُٿـيـل ڌُڌڙ / رئي مثل آهن}
    وڏو خالُ آهي، محسوس ڪرڻ ۾ ۽ ڀـوڳڻ وچ ۾. پُـوراءُ نه ٿي ڪري سگهي، ڪا به لفظن جي اُوساري ـــــ ماڻهوءَ ـــ مـنَ جي خـالَ کي ، ڀـري ٿي شاعري. [ڪجهه محبوبَ جون ساروڻـيـون ڀي] شاعري .... جيڪا سُپـرين جھڙي، آيل جي لُـوريءَ جيان .... آٿت + ڄڻ ’ڪنهنجو‘ ساٿ سانجھه سمي.
    اڪثر بنا شيوءَ واري شخص ’مسيح‘ جي شاعري؟
    شام جھڙي حَسين؟
    يا
    صبوح وانگي سينگاريل؟
    فيصلو ؟
    اڻ نبريل.
    ڏسو!
    چؤڏسا پنهنجي ـــــــــ بي حسي/لاپرواهي/ڪروڌ/نفرت ..... ٽٻٽار ڏسجي پئي، ماڻهوءَ ماڻهوءَ جي من ــ مُک تي. اُلڪو ناهي، ڪنهن کي به ڪنهن ٻئي جو ـــــ احتجاج ڪرڻ ڏيو ، هَن ديش سان، جتي (ٿورڙن بنهه ٿورڙن موقعن کي ڇڏي) قدرُ نـٿو ڪيو وڃي. سچ/ ساڃاهه/ انسانيت/ ڀـوڳنائون ڀـوڳيندڙ ليکارين (پيغمبر) جو.
    ڏسو!
    پنهنجي ....... قوم جا حالَ ! ٺونشا/مُڪون هڻجن، هن قوم کي. نه اُٿندي، جيئري ـــ يقين ڪريو. هڪ کٽوليءَ تي، چئن ڪُلهن جي سفر(موت) پڄاڻان ــــ مينهن وسندو، اوهان جي فن/فڪر تي، مڃتا جو.
    (خدارا، پنهنجي پنهنجي انائن سبب، جن کي اوهان جيئري رتا رابيل نه ارپيا ها، مُئي بعد، لوڪ ڏيکاءَ لئه، سندن روح رنجائڻ لاءِ ڦول [مُگرا، چنبيلي، گلاب، موتيا، سورج مُکي] نه ارپيو ته مهرباني. لَـک ٿورا)
    ڏينهون ڏينهن سماج ۾، قبرن واري ڪار،
    جوڳين جي جھونجھار، لهرو لهرو ٿي وئي.
    (مسيح)
    ڏسو!
    ادب ـــــ آڳر تي. ڳاڻاٽي کان ٻاهر شاعر، وٺ وٺان، هڻ هڻان جيئان، لـِکُ لـِکـَان؛ ڇپ ڇـپان ـــــ وري چاڪيءَ جي ڏاند وانگر هڪ هنڌ ئي ڦيرو ـــ ڪنهن نئين، وڻندڙ سڳنڌ/سواسَ/لطف/کان ناآشنا ـــ رهجي وڃن ٿا قاريءَ جا حواس خالي ـــــــ پورو ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ به. ڪجهه نٿو ملي. روح/دل کي!
    ڏسو!
    ادبي ٺيڪيدار/سرڪاري ادارا/چند گروهه/ مختلف نمونن سان ـــ لُوئن ٿا، نڪور شاهڪارن کي، اڳتي وڌڻ نٿا ڏين، انمول ساهتُ سرجيندڙن ساهن کي ــ رڳو پنهنجي هڪ هَـٽي برقرار رکڻ لاءِ !!
    نجي سطح تي اُسرندڙ سٺا ليکاري؟ احساسِ محروميءَ جي پڃري ۾ ــــــ سچ چوڻ تي، ماڻن ٿا پيا، روز روز، ڪچين گارين جا آجياڻا.
    ڏسو!
    اهڙين اڻڀـيـن حالـتن ۾، ٻاٽَ هاڻِي ويـلَ ۾ ....... پـيسجي رهيا آهن، ’مسيح‘ پارا، ڪيترا ئي گم نامي جي گهاڻي ۾ ـــــ
    ايوارڊن/ميڊلز/انعامن لائق آهن، اُهي، جن پاڻ موکيو آهي، رڳو پنهنجي هانوَ جي ڏڍ تي. نراس نيڻ کـڻي، نه ڏٺو اٿئون، قوم ڏانهن. ڏيندا رهيا آهن، پنهنجي حصي جو حوصلو.
    ’مسيح‘ مگسي
    [اصلوڪو نانءُ؛ عبدالرحمان مگسي. جنم؛ ڇڄڙا. ايم اي (جرنلزم) سماجي سڃاڻپ: پرائمري استاد]
    (طويل گمنامي جي غار کان ٻاهر نڪرندي سنڌ جي ساهه ساهه کي ’عشق آزاد آ‘ جو عالمي مڃتا رکندڙ تصور آڇي پيو. قنبر جي اُتر پاسي ۾ ’ڇڄڙن‘ ڳوٺ جي ور وڪڙ گهٽين ۾، پنهنجي ڪچي گهر جي آڳنڌ ــ ڪنڊ تي، خدا جھڙي اڪيلائيءَ ۾ ، ڪلا ڪامڻيءَ سان ننڍڙيون وڏڙيون رهاڻيون رچائيندڙ ڪوي)
    لڳندو آ جنم: (علي آڪاش چواڻي) انقلابن جي خوابن وارن لمحن جو. رتُ هاڻيل روڊن جو. احتجاجن جو. مارشل لا (جبر) وارن ڏهاڙن جو.
    هُن ۾ ؛ هُن جي سٽن ۾. ان سبب شايد، جھد/ماڳ لئه اُڻ تڻ، زندگيءَ سان اُنس: آهي ڀريل ــــ ائين، جئين: کيرَ ــ ڪٽورو بادامي/پستي/نيزي سان. سکي سونهن سان. ڀتيون نعرن سان. نموريون ٻُـور سان. هيئيون پياريءَ جي پُـور سان.
    ناڪاميءَ/نراسائپ/ويڳاڻپ /ٿڪَ اڳيان ـــ نو اسٽاپ no stop جو بورڊ. روان دوان، ساهت ــ سمنڊ ۾، ڪلا ــ مڪڙي ’مسيح‘ جي.
    طبيعتن: حساس/ماٺيڻو/پنهنجيءَ ۾ مگن/ سادو/ پياڪُ (نيرن نيڻن کان مڌُ ـــ پيالن تائين) ڀانءِ: ڪو ڀڪشو. جيڪو منَ ــ قرار جي ڇهاءَ لئه ڀٽڪندو هجي، نامعلوم دشائن ۾ ــ نامعلوم جنمن کان.
    نه ويندا هن؛ پيرا مذهب جا. ميڪدي جي واٽ ڏانهن؛ گم ٿي ويون، جن کان. پرينءَ جون پاڪ اکڙيون. شگفته ساهن جون سرگوشيون. روئندا آهن، اُهي ئي ڀاڪر پائي. مڌو شالا جي ديوارن سان.
    جام جي رقص. موکيءَ ـــ مرڪ جا طالبو. هوندا آهن، اُهي ئي. سپرين جي صحبت کان ڇڳل. سانجھيءَ ٽاڻي، هونديون آهن، نگاهون تن رندن جون، محبوب جي گهٽين جي طواف ۾ يا مُوکيءَ ـــ مٽن ۾.
    اُپٽن ٿا، اوندهه ۾ جڏهن، ڪرڻا ڳوٺ جا: سُڪل چپ دانهن ٿا بڻجن.
    پاڻ کي اوتي پيئون ٿا، پياس ۾ پاڻ ئي،
    رُڃَ، راهون، رات ڪاري، قلم خالي آ!
    ڪيرُ سنڀالي مئخاني کي؟
    هــيــڏا جــام ٽــٽـل،
    پياسا پهچن پيا!
    اوتـجـي ٿـي اچـي پـيـاسَ رڳـو،
    ماڪ ۾ رهي به هُو، مڌم نه ٿيو.
    مـوکـيءَ مـٽَ م ڇـڏيـا، ڇـڏي ويــو جـھــانُ،
    سو ئي هو مهانُ، جنهن اُوتي ڏنو عشق مان.
    ڇو چريو! مون کان جام کسي ٿو،
    مـئـخـانـي ۾ مـيـنـهـن وســي ٿــو!
    تـوڙي مـسجد پـٺـيـان هـو مئـخانـو،
    چين جي ڪٿ نه ڪا گهڙي آهي!
    ڪو نه پـهتـو آ اڃـا ڇـالئه ’مسيـح‘؟
    مئڪدي ۾ شام ٿيندي پئي وڃي.
    حُسناڪيءَ جا هماليه آهن. سندس سمورين لکيل صنفن ۾. پر ڀانيان: آزاد نظم/غزل/وائي ۾. سرس سڳنڌ جو جادو. خيالن(فڪر) جو وهڪرو، بنا ڪنهن رنـڊَ جي. اڃا به نظم ۾ رواني. ڄڻ لهرن پويان لهرون. ترتيب سان ڇُهڻ اچن، ميريءَ ڪنڌيءَ جي چهري کي ـــ ڄڻ: ڪنهن ٽڪيٽ ـــــ گهر جي ڳڙکيءَ ۾، هٿ کان پوءِ هٿُ. ڄڻ: مينهن ــــ جلَ جو پـهاڙ تان پنڌ ــ
    هُن جي ڪُل ڪلا جي ٻُولي، عام فهم/ مترنم/ سادي پر گهرائي واري ۽ ڪجھه ڪجهه Abstract ڀي.
    هُو وٺي ٿو، پراڻن متروڪ لفظن مان، اڻ ڏٺيون/ اڻ ٻُـڌيون/ نيون نيون معنائون. نيون تمثيلون/ ساڳين لفظن مان اڻ ڇهيا استعارا.
    سندس آزاد نظم/نظم؟
    تخليقي تپش جو عرؤج ـــ يڪسانيت جي برف ۾ ڄَمي ويل ، تصورن جي پـڻڇين لاءِ ، نئين اڏار جو سينههُ ـــ مڪمل وجداني ناچ جو نماءُ ــــ هڪ هڪ سٽ: الڳ الڳ پرويل. پوءِ به پاڻ ۾ ٻُٽ. انقلابي/روماني/ فلسفي/عالمي ترجماني ڪندڙ تصور.
    ڇا، ڇا نه آهي منجھن!
    ’امدادن جي آس پٺيان‘ ــ ’ڪير چوي ٿو‘ ــــ ’بابري مسجد پٺيان‘ـــ ’لفظ به ساهه کڻڻ ٿا چاهن‘ ـــ کان ’عشق آزاد آ‘ ـــ ’سُڏڪڻ جا سببَ پُڇندين‘ ـــ ’سويرو سويرو نه هو‘ ــ ’ڪئين مڃان؟‘ ـــ ’هي وقت وڏو واپاري آ‘ ــ تائين.
    ڪهڙو آزاد نظم/نظم ناهي، جيڪو ، دستڪ نٿو ڏئي ، احساسن جي بند دروازن تي. تاڪ نٿو کولي، ٻيڪڙيل دلين جا.
    هُن جي فڪر ۾، پيڙا آهي، هجرت ڪري ويل پکين جي ڳوڙهن جي. هُـو شاعر آهي، انُهن سڏڪن جو، جن کي ٻُڌو آهي، فقط بند ڪمري جي گونگين ڀتين. هُـو آواز آهي، اُنهيءَ ماءُ جو، جيڪا ماٺ آهي، ڳڀرو پٽ جي حادثي کان پوءِ.
    مسيح جي وائي؟
    ٻهراڙيءَ جي مائيءَ جيان سادي ــ پڃري ۾ ڪوئل جا واڪا ـــ ٺوٺ سُڪل من ــ ڌُرت مٿان، بوند بوند جو احساسُ ــ ماٺيءَ مند ۾، پڙاڏا پکيڙيندڙ.
    ’جوڳيئڙا جھونجھاري ويا‘ ــــــ ’صدائون اسان جون صليبن مٿان ــ ‘ ’پياسا پهچن پيا‘ ـــ ’زندگي نه هئي‘ـــ ’سرجي وئي آ شاعري‘ ـــ ’اُڻ تڻ آ‘ ـــ
    جھڙا انيڪ نڪور وراڻا. ڪي ڪي سٽون ڇَنڊو هڻن ٿيون، آٿت جي جـلَ جو، دُکـندڙ دل مٿان.
    ڌيان طلب:
    (جديد وائيءَ ۾ روايتي وراڻا، انهن سان روايتي نڀاءُ. يڪسانيت رکندڙ فن/فڪر. پيش ڪندڙ اڄوڪن شاعرن جي گهڻائي، ڪابه نواڻ پيش ڪرڻ کان ڪوهين پري بيٺل، جديد وائيءَ جي نالي ۾ ڪاغذ ڪارا ڪري، رڳو پنهنجو ’شعري تعداد‘ پيا وڌائن.)
    مسيح جا بيت؟
    بم + گولا = شعلا. طبقاتي/اڻ برابريءَ خلاف.
    منُ مانڌاڻ ۾، پو به لال لهوءَ جو وهڪرو. رمزن سان ڀرپور شيئون. از خود ورائي ورائي پڙهڻ جي نيـنـڍ. واهه واه .مڪرر. ارشاد. رنگين پين سان ٽڪ مار ڪرڻ جھڙا.
    اڻــڀـن اڻـڀـن وارن ۾، مـَـهـٽـي پـئـي مـيـندي،
    سا خوشبو ڏيندي، نـياپو مون کي نينهنَ جو.
    ڌرتي! تنهنجا دکَ، ڪائـنـر سمجهي ڪو نه،
    ڇا چاندي ۽ سون، مُلهه ڪيا ٿئه ماڻهپي جا!؟
    ڌرتي! تنهنجي دزَ مان، جُڙيو آهيان آنءُ،
    ڪهڙو کڻان نانءُ، نانءُ ته ناهي نينهن ميان!
    ماٺ م ڪندو مُوج ۾، ماٺ تان ٿئي موتُ،
    آهي سو ته اڇوتُ، چُـپ ۾ جو چـيـهاڙجي.
    ٻُوسٽَ ۾ ٻوڙي ڇڏيئه، پـنُ مَ چُـري ڪو،
    تـوڏي وَري ٿـو، هيـئـنــڙو سـاڻـو سُـوڙهه ۾.
    ٻُـولَ سَـلـوڻا، پنهنجائپ سان ڀـريل. ڄڻ: ڪنهن ’پنهنجيءَ‘ جون ڳالهيون ڪَـنـن ڀرسان. بنا ڪنهن وڌاءَ جي. جديد بيت جو شانُ وڌائيندڙ. تجنيس حرفي کان وٺي، فني/ فڪري طور مڪملتا جو جلوو.
    ڀائنجي ٿو، عجب درد آهي ڊگهو. ’مسيح‘ جي ڪوتا ڪامڻي وٽ. (مظهر الاسلام جي احساساتي ڪهاڻين جي ڪردارن جھڙو) دردُ .... چوڙين وانگي ٽـُٽل خوابن جو . اکڙين ۾ اٽڪي پـيل اڌوري آکاڻيءَ جو. ذرد پـَتـن جي ماتمي منظرنگاريءَ جو . وڻجارن جي واتَ تي وڌل وَنـگن جو. بندگيءَ جي لِبادي ۾ لِڪيل مُنڪرن جو. ڌرتيءَ جي جھوليءَ ۾ پـيل ٻرندڙ ٽانڊن جو.
    آسوند آهي ’مسيح‘ـــ انتُ ايندو، المينِ جي لنگر جو. هُو طالبو آهي: آشائن جي سهڻي سانجھه جو/دادليءَ ڌرتيءَ جي مڃتا جو/سانوڻين جي سُکائن جو/محبوبـڙي بسنت ورڻ جو/ڳُـتيل پـروليءَ جي پنڊوري کُـلڻ جو/سچ واري سورج جي سهڪار جو/ چنبيليءَ جئين آڪههِ جي ٽـڙڻ جو.
    غزل پڙهي ’مسيح‘ جا:
    محسوس ٿيندي تازگي. ڄڻ: سج اُڀري سمي؛ وهنتل وهنتل هوءَ. آئي هجي اُٿارڻ. راتوڪين رهجي ويل چُمين سان. لذيذ چُونڊڙين سان. ڄڻ: ٻارڙيءَ جي وڻندڙ مرڪ. ڄڻ : جوانيءَ جا پهريان مدهوش ڏينهڙا.
    ساحلن کي چئو ماٺ ڪن،
    سمنڊ مونکي سمهاري پيو.
    منـزل ڪارڻ، پنڌ پڇائي موٽن ٿا،
    خيال صدين جا در کڙڪائي موٽن ٿا.

    پيرُ پيرن ۾ ڏئي جو وئي هلي،
    زندگيءَ کي ڪڏهن رحم نه ٿيو.

    گُهنج اچن پيا ڪاهيندا ڪنهن رهزن جيان!
    چـهـرا ٿـيـا جـو چـڪـنـاچـور ، جواني وئي.
    مــوت ســان هـرڪـو مـلائي هـٿ پـيـو!
    زنــدگـيءَ سـان ويـڙهه وارو جي هُجي!
    هُن تي ويساهه ڀي ڪجي ڪهڙو!
    راءِ هُـن جـي، ٻِـٽـي ٻِـٽـي آهي!
    ڪيئن لاباري جيان آهي لُـبـي،
    ڪڻڪ جھڙي ڪا ڪنواري زندگي.

    هُن جي غزلن جا نرم رديف. خاص چونڊيل. گهڻا تـڻا ماترڪ ڇندَ جي ٿڌي ڇانوَ ۾، هلڪڙن رڌمن تي لکيل. {موٽن ٿا/ ويٺو آ/. خالي آ/. سُڪي پيو آ/. هندوري ۾/. مونجھاري ۾/. ڪجهه سوچيو/. جواني وئي/. هلڪو ٿيو/. پراڻو آ/. بار بار/. اوچتو/. اڙجي وياسين/. جھڙا گهڻا رديف} گواهه آهن، مسيح جي غزل جي، طويل عمرجا. سندس ڏاهيءَ ڏات جي بقا جا.
    گهٽ غزل گوئن وٽ، آهي ڏانءُ اهڙو ـــــ جهڙو آهي مسيح جي غزل کي. لفظ لفظ ۾ سادگي سان گهرائي. ڪنهن عاشق/ مجذوبيءَ جي وارن جھڙي بي ترتيبي.[بي ترتيبيءَ ۾ به پنهنجو نکار هوندو آهي. پر ترتيب ئي اصل جُھد جو پهريون پير هجڻ گهرجي] کوکلن لفظن بدران. معنائن جا مينار. ’مسيح جي سٽ سٽ ۾.
    ’عشق آزاد آ‘ ــــــ سچيت ڪويسر جو پهريتو مجموعو. پهريون سڃاڻپ ڪارڊ. سنڌي ادب جي وڏن ڏاتـوندن وچ ۾ . بنهه پراعتمادُ. اُڀي ڳاٽ سان آڇي پيو. اصل تخيّل جو تجلوو.
    روح ـــــ رباب ڇيڙڻ جو فن. هُو به خوبي ڄاڻي ٿو. هُو سمجھي ٿو، اصل ليکاري اُهو آهي، جيڪو، اڻ لکيل کي پڙهي/پُرجھي/ سمجھائي.
    رڻ ۾ ڊُڪي ڊُڪي ماٺ ڪري ويٺل هرڻ جو دهڪندڙ هانءُ ــــ ڄڻ آهي منهنجي شاعر ’مسيح‘ جو ڏانءُ.
    مختصر لفظن ۾: هُو مظهر آهي، خدا جي اڻـبرابر ورهايل ڏات جو ـــ جنهن کان ڪو دهريو ئي ٻوٽي سگهي ٿو سمورا نيڻ ـــ
    ’عشق آزاد آ‘/ ’مسيح‘ مگسيءَ جو ظهور ٿيڻ ـــــ سٺو سنئوڻ.
    اُن سنڌي ادب جي اسٽيج لئه؛ جتي نام نهاد ناٽڪ نويس ڄامڙن جي لُوڌ ـــ پنهنجا ’قد‘ وڌائي پئي، هُلڙبازيون ڪري.
    سندس تخليقي پورهيي جي سڦلتا ۾ هم قدم ٿيڻ ــ اعزاز آهي ’ڪنول پبليڪيشن‘ لاءِ.
    پراٿنا آهي:
    ’مسيح‘ نڪوري نينهن جھڙا؛ چِٽَ چِٽي. ڪلا جي ڪينواس تي.
    امرتا ماڻي. اڃا وسيع ٿي. هُن جي شاعريءَ جو شهرُ.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو