پنهنجي ڌرتي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    پنهنجي ڌرتي
    عباس ڪوريجو
    ”هيلو“
    ”هيلو! سيٺ رامو مل از اسپيڪنگ!“
    ”سيٺ ظلم ٿي ويو قهر ٿي ويو!“
    ”اڙي وري ڇا ٿي ويو!“
    ”سيٺ سمجهه ته ڌرتي ڦاٽي پئي!“
    ”اڙي ڇا زلزلو آيو!؟ ڪٿي ڌرتي ڦاٽي پئي!،
    ”سيٺ ڪهرام ٿيو تنهنجي گهر!!“
    ”ڇاٿيو آ منهنجي گهر!؟“
    ”طوفان آيو ۽ سڀ ڪجهه اڏاري کڻي ويو!“
    ”اڙي تون آهين ڪير!؟ ڳجهارتون ڇوٿو ڏين!“
    ”مان” ڀولو“ پيو ڳالهايان.....بس ظلم ٿي ويونه، ڌرتي اونڌي ٿي وئي نه، بس ....“
    ”اڙي ڀولا! آخر ٿيو ڇا آهي..... جلدي ٻڌاءِ مان دل جو مريض آهيان.“
    ”هڪ ڌڪ سان ٽي قضيا.... ٽي لاش تنهنجي گهر پيا ٿي.“
    ”ڪنهن جا لاش؟؟“
    ”تنهنجن ٽنهي شارپي ڪتن جا!“
    ”پر انهن کي ڪنهن ماريو ۽ ڇو ماريو!“
    ”مان....! ڇو ته ڪالهه تون منهنجي ٿلهي پيءُ کي چيوته هن جي شڪل تنهنجي شارپي ڪتن سان ملي ٿي ۽ تون هن کي پنهنجي ٿلهن شارپي نسل جي ڪتن جا فوٽو به ڏيکاريا هئا.“
    ”ها! مان ته اهو ساڻس ڀوڳ ڪيو هو.“
    ”تو ته ڀوڳ ڪيو هو پر بابو ويچارو صدمي ۾ مري ويو. اڄ کيس دفنايو آهي.“
    ”ڀولا! تون ڪوڙ پيو بڪين!“
    ”مان سچ ٿو چوان.... شڪ ٿي ته اڄوڪي اخبار پڙهي ڏس، جنهن ۾ لکيل آهي ته هڪ پوڙهو گرمي جي سٽ نه سهي مري ويو.“
    ”پوءِ ڏس نه ته هو گرمي جي ڪري مري ويو آهي.“
    ”شڪر ڪر ته اخبار ۾ تنهنجو نالو نه ڏنو نه ته ٻچا ٻير ته چڙهي وڃي ها! ڇو جو هو تنهنجي ئي ڪري مري ويو.“
    ”پر مان ته تنهنجي پيءُ کي نه ماريو!“
    ”مري ته تنهنجي ڏنل صدمي جي ڪري ويو نه....ياد رک سيٺ تون مون کي يتيم ڪيو آهي مان تنهنجي ٻارن کي يتيم ڪندس.
    تنهنجي پٽ وجي ڪمار کي يتيم ڪندس!“
    ”ڀولا! آخر تنهجو مقصد ڇا آهي!؟“
    ”منهنجو مقصد آهي ته تون مون کي ٻه ٽي هزار ڏي ته مان بابي جي جماڻي جي ماني ڪريان.“
    -x-
    ”هيلو!“
    ”هيلو! سيٺ رامو مل از اسپيڪنگ.....“
    ”سيٺ مون کي سڃاڻين ٿو....!“
    ”بابلا! مان فون تي تنهنجو فوٽو ته ڪونه ٿو ڏسان!“
    ”سيٺ! مان ڪلال مڪراڻي ٿو ڳالهايان.“
    ”اڙي ڪلو خوش آهين، ماڻهين پڻهين خوش آهن!؟“
    ”سيٺ! تو سٺو ناهي ڪيو!“
    ”اڙي بادشاهه! مان ڇا سٺو ناهي ڪيو؟“
    ”سيٺ! تو ٽي ڏينهن اڳ منهنجي ماءُ کي اوڌر تي ڪپڙو نه ڏنو هو!“
    ”اڙي بادشاهه! توهان ڏي اڳيان پئسا به رکت ڪيل آهن. اهي ناهن مليا!“
    ”سيٺ! ۽ مان جو توکان چئن مهينن جي ”منٿلي “ ناهي ورتي.“
    ”چڱو چڱو بادشاهه ڪلو! ماڻهين کي موڪل ته هزار جو ڪپڙو وٺي وڃي..... چڱو .....نمستي!!“
    -x-
    ”هيلو السلام عليڪم!“
    واليڪم السلام! سيٺ..... رامو مل از اسپيڪنگ!“
    ”سيٺ! مان سڃو ٿي ويو آهيان، ڌنڌي ۾ مزو ناهي!“
    ”هائو، وزير ڇا حال اٿئي!؟“
    ”سيٺ! گهر جا خرچ وڌي ويا آهن، ٻنهي گهر وارين سان پڄي نٿو سگهان!“
    ”ته پوءِ هڪڙي ڀلا کپاءِ!“
    ڪا چڱي پارٽي جاچي ڏي کپائيندو مانس!“
    ”گهڻا ڏوڪڙ وٺندين!“
    سودي تي ٺهي ٿا پئو پر هڪڙي ڳالهه ٻڌ......اٺ ڏهه ڏينهن اڳ مان ڪوهه مري ويو هئس. تنهنجو پٽ وجي ڪمار به اتي آيل هو!هڪڙي ڏينهن اتي تارن ۾ لٽڪندڙ دٻن (ڪيبل ڪار چيئر لفٽ) جي هڪڙي دٻي ۾ مان پنهنجين گهر وارين سان گڏ ويٺو هوس ته منهنجي نظر تنهنجي پٽ وجي ڪمار تي پئي، جيڪو اڳين ”چيئر لفٽ“ جي دٻي ۾ ويٺو هو..... منهنجي گهر وارين کي ڏسي عجيب اشارا ڪري رهيو هو.... مان ڀي غلط اشارا ڏنا مانس ته ڀونڊا ڏيڻ لڳو ۽ خبر اٿئي مون کي غيرت چڙهي وئي هئي، اتي ئي ماريانس ها پر تنهنجي سر ڏي ڏسي ماٺ ڪئي!“
    ”وزير وجي کي ٻه ڪلاڪ ٿيا آهن دڪان تان لهي ويو آهي خبر ناهي ڇو دير ڪئي اٿئين!“ مان پاڻ پريشان آهيان، اچي ته سبق سيکاريانس ٿو.“​
    ”سيٺ! توڏي برادري جو منهن اٿئي!“
    ”هائو ابا وزير پرواهه نه ڪر!“
    -X-
    ”هيلو..... رامو مل!!؟؟“
    ”جي جي ! رامو مل اسپيڪنگ!“
    ”مان ڌاڙيل نظرو ٿو ڳالهايان!“
    ”خير ته آهي! بادشاهه هاڻي ڇا ”پروگرام آهي!؟“
    ”پروگرام؟؟؟ ها ها ها.... ها ها! وجي سنڀاليو اٿئي! ته ڪٿي آهي!؟“
    ”ٻه ڪلاڪ اڳ دڪان تان لهي ويو هو، ٻئي دڪان تان ڪپڙن جا ٿان کڻڻ!“
    ”ها ها ....ها ها!...آ هاڻي ڳالهائينس، مون وٽ مهمان اٿئي!“
    ”نمستي پتا.... مان نظرو وٽ آهيان!“
    ”تون ته دڪان تان ڪپڙن جا ٿان کڻڻ ويو هئين!؟“
    ”هائو بابا! مان جڏهن پنهنجي دڪان تان لهي، شاهي بازار جي موڙ وٽ پهتس ته ڪنهن پٺيان سڪ ڪري گاڏي ۾ ويهاريو. هاڻي نظرو وٽ آهيان.“
    ”خبر آهي پٽ! پنهنجي ڌرتي ماتا اگر ”ديش پرائو“ ٿي وئي آهي! پوءِ به ڀونءِ ته پنهنجي آهي، جنهن کي ماتا چوڻ سان لونءَ لونءَ ٺري پوي ٿي، جنهن جو ناءُ وٺڻ سان ائين لڳندوآهي، ڄڻ زخمن مٿان برف اچي وئي هجي!“
    ”بابا! نظرو ويهه لک ڀنگ گهري ٿو!“
    ”پنهنجي ڌرتي تي لڪي ساهه کڻون، اهو ڀلو آهي ان کان جو هتان هليا وڃون.“
    ”سيٺ رامو مل صاحب! هاڻي مان اوهان جو خادم نظرو ٿو ڳالهايان.....گهڻو ملهه رکون”وجي ڪمار“ جو!“
    ”جيڪي تون گهرندين........“
    ”سيٺ! ويهه لک مناسب آهن...... ٿي سگهيو ته خاص رعايت ملئي! هونئن به پئسا نه ڏيندڙن جا لاش ويران جڳهن تان لڌل لاشن جا فوٽو ته اخبارن ۾ جام ڏٺا هوندئي! ائين نه ٿي جو وجي جو لاش به.........“
    ”نظرو! وجي کي ڪجهه نه چئجانءِ تون پنهنجي پئسن جو مالڪ!“
    ”ڏاڍو تڪڙو مڃي ورتئي!“
    ”نظرو ڌرتي جو مون تي قرض آهي، ان جو حصو مان توکي ضرور ڏيندس.“
    ”چڱو، پوءِ ڪڏهن ٿو ”پکي“ پڃري مان آزاد ڪرائين!“
    ”مان ٽن ڏينهن ۾ رقم تو تائين پهچائيندس!“
    ”.......۽ ٻڌ چالاڪيءَ جو نتيجو وجي جو لاش بڻجي ملندئي!“
    ”چڱو! سيٺ صاحب، دعائن ۾ ياد!“
    ”چڱو.....!“
    ”سيٺ! دعائن ۾ ته ياد ڪونه رکندين! باقي پاراتا اثر نه ٿا ڏيکارن..... چڱو! سدائين گڏ!“
    -x-
    ”هيلو! ڊي پي او جاويد احمد.“
    ”هيلو! رامو مل از اسپيڪنگ!“
    ”رامو مل صاحب! اوهان جو پٽ وجي ڪمار ڪٿي آهي؟“
    ”وجي!!!؟ وجي شهر کان ٻاهر ويل آهي.“
    ”توهان وڏي غلطي ۾ آهيو.“
    ”اهو ڪيئن، ڊي پي او صاحب!؟“
    ”وجي ڪڏهن ۽ ڪهڙي شهر ويو آهي.“
    ”وجي ڪالهه نڪري ويو آهي ۽ ٻڌ ايو نه هئين!“
    ”وجي ، ڌاڙيل نظروءَ وٽ هو!“
    ”ڇا......؟؟ نظروءَ وٽ!“
    ”۽ ڪالهه سڄي ضلعي جي پوليس ڪچي ۾ نظروءَ جي بدنام ٽولي سان مقابلو ڪيو، جنهن ۾ رهزن نظرو پنهنجي انجام کي پهتو ۽ ڏک جهڙي ڳالهه آهي ته هڪ مغوي، جنهن جي سڃاڻپ اوهان جي پٽ وجي ڪمار طور ٿي آهي سو به ديهانت ڪري ويو......
    هيلو.....هيلو،.....
    ”هيلو.....هيلو!!؟“
    ”جي، رامو مل از اسپيڪنگ!“
    ”توهان فون ڇو بند ڪري ڇڏي!؟“
    ”بدنصيب پيءُ پٽ جي ديهانت جو ٻڌي ريسور هٿ مان ڪيرائي وجهندو آهي..... پر پوءِ به مان خوش آهيان ته شمشان گهاٽ ۾ وجي جي بچيل هڏڙين کي پنهنجي ماتا ڌرتي جي گود نصيب ٿيندي، پنهنجي ڌرتي تي وهندڙ سندوءَ جي ڇولين جو قرار نصيب ٿيندو، جيڪو ماتا جي لولين کان وڌيڪ سڪون ڏيندڙ آهي.
    ڊي پي او صاحب! وجي کي ته پنهنجي ڌرتي جو قرار نصيب ٿيو، باقي رهيو رامو مل، ته ان جو جيڪو نصيب!!!
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڪاشف علي ميمڻ

    ڪاشف علي ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    6
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Hyderabad, Sindh
    اسان وٽ اقليتن سان واقعي ناانصافي پئي ٿئي، ڀوري ڀيل وارو واقعو اسان جي اڳيان آهي۔
     
  3. مسيح مگسي

    مسيح مگسي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2012
    تحريرون:
    161
    ورتل پسنديدگيون:
    411
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    قمبر
    آئون سوچيان ٿو عباس جي ان ڪهاڻي کي ڊرامائي تشڪيل ڏيان. سنڌ م هن وقت واقعي به ااهڙي ئي صورت حال اهي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا اسان جي سماج جي هر ڏتڙيل ماڻهون سان اها ويڌن آهي هي رامو مل جي مالڪ جي نه پر هر جاءِ جي ڪهاڻي آهي اوهان کي هڪ ڀوري ڀيل جو لاش رليل نظر پيو اچي هتي اوهان ڏسو ته هر روز نئين انداز ۾ لاشن جا ٽڪرا نظر ٿا اچن. اها زيادتي صرف ڪنهن اقليتي برادري سان ناهي ٿي رهي الائي ڇو اسان هر حقيقت جو صرف هڪرو پاسو ڏسڻ جا عادي ٿي ويا آهيون جنهن ۾ اسان جي ميڊيا جو به گهڻو قصور آهي جيڪو صرف انسان جي احساسن سان کيڏڻ کي پنهنجي خبر بڻائي پيش ڪري رهي آهي مونکي ڀوري ڀيل توڙي خادم حسين زرداري . نظير ڪلال شاهنواز جوڻيجي جي ڏک ۾ ڪو فرق نظر نه پيو اچي.
    اهري ڪهاني لکو جنهن ۾ هي وکريل قوم گڏ ٿيئڻ جي ڪوشش ڪري اهڙو پروگرام جوڙيو جنهن ۾ درد جي دوا هجي.
    اسان وٽ مصيبت اها آهي ته ٻئي کي غلط چئي اسان پنهنجو حقا دا ڪرڻ جا عادي ٿي ويا آهيون.
    جڏهن رزاق آباد وارو واقعو ٿيو ته آءُ ان وقت هاسپيٽل ۾ ڊيوٽي تي هيس خدا اهي منظر ڪنهن دشمن کي به نه ڏيکاري جيڪي اسان ڏٺا ۽ اسان کان وڌيڪ انهن جي ڀائرن پوڙهن پيئرن ڏٺا ٽن نوجوانن جون ٻئي اڍيون ضايع ٿي چڪيو هيون اکين جي جاءِ تي بارود سان ڀريل مٽي هئي چهرا چيچريل ها جسمن مان رت وهي ريهو هو هر طرف ڪهرام هو اهي سڀ جا سڀ هن سنڌ ڌرتي جا پُٽ ها جن جون عمرو 25 سالن کان مٿي نه هيون.
    اوهان ڪنهن هڪ ماڻهون جي ڪهاڻي کي ڊرامائي شڪل نه ڏيو جي ڪرڻ به چاهيو ٿا ته گذارش آهي اهڙي ڪهاڻي بڻايو جنهن ۾ اهو احساس وڌي ته هتي انسانيت سان ظلم ٿي رهيو آهي انساني قدرون تباه حال آهن.
    جانورن کان زندگي بدتر آهي .




    جنهن ڏينهن ماڻهون کي اها ڳالھ مسجھ ۾ اچي وئي ته مخلوق سان محبت خالق تائين پهچڻ جو زريعو آهي ان ڏينهن امن قام ٿي ويندو.
    و
    سلام
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو