ڪراچي جون وسنديون ۽ سٽي ناظم مصطفه ڪمال

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اسلام عليڪم سنڌي ساٿيو ۔

    دوستو هت مان محترم ارشاد لغاري صاحب جو هڪ خط ڏيڻ چاهيان ٿو۔ پڙهي ڪجهه سوچيو۔

    vighio

    ڪراچي جي پئرس بڻجڻ واري ڪهاڻي


    گذريل ڪجهه سالن کان يورپي ملڪن خاص طرح سان آمريڪا ۽ برطانيه جي سفارتي عملدارن پاران ڪراچي جي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال کي سربراهه مملڪت جو پروٽوڪول ڏنو پيو وڃي. ڳچ عرصو اڳ مخصوص ميڊيا هڪ بي بنياد خبر هلائي کيس دُنيا جو ٻيو نمبر بهترين ميئر قرار ڏنو هو، جنهن خبر جي بعد ۾ نه صرف ترديد ڪئي وئي، پر اُن کي غلط پروپگينڊا جو هڪ حصو قرار ڏنو ويو هو. سٽي ناظم طرفان مسلسل اهي دعوائون ڪيو پيون وڃن ته هن ڪراچي کي پئرس ڪري ڇڏيو آهي، پر اڄ ڪراچي جون سنڌي ۽ بلوچ وسنديون مڙني بنيادي سهولتن کان محروم آهن ۽ ترقياتي اسڪيمن ۾ سنڌي ۽ بلوچ وسندين کي نظر انداز به ڪيو ويو آهي. هن شهري حڪومت طرفان ڪيترائي دفعا قديمي ڳوٺن تي سٽي ڪميونٽي پوليس ذريعي چڙهايون به ڪيون ويون ۽ سنڌي ڳوٺن کي مسمار ڪرڻ جون ڪوششون مسلسل جاري ۽ ساري آهن. سٽي ناظم ڪراچي کي ڪيترو پئرس بڻايو آهي، ان راز تان پردو عالمي تحقيقاتي رسالي ”اڪنامسٽ“ کنيو آهي. اڪنامسٽ جي انٽيليجنس يونٽ طرفان جاري ڪيل هڪ تازه ترين رپورٽ موجب ڪراچي جو شمار دنيا جي 10 بد ترين شهرن ۾ ڪيو ويو آهي. اڪنامسٽ رسالي طرفان دنيا جي مختلف شهرن جي ريڪنگ امن، صحت، تعليم، ماحول، ثقافت کي نظر ۾ رکي جاري ڪئي وئي آهي. اڪنامسٽ موجب دُنيا جي 132 بدترين شهرن ۾ 10 بدترين شهرن جي لِسٽ ۾ ڪراچي ڇهين نمبر تي آهي، اُن کان اڳ ۾ جڏهن ڪراچي جو سٽي ناظم نعمت الله خان هو ته ان وقت ڪراچي کي دُنيا جي بدترين شهرن جي لِسٽ مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو. موجوده سٽي حڪومت طرفان ڪراچي کي پئرس بڻائڻ جي دعويٰ سبب اميد هئي ته ڪراچي بهتر شهرن جي ريڪنگ ۾ پهرئين يا ٻئي نمبر تي ايندو، پر نتيجو ته اُن جي اُبتڙ سامهون ايو آهي، جنهن سان ڪراچي جي ناظم مصطفيٰ ڪمال جي دعوائن کي زبردست ڌڪ لڳو آهي. ان انڪشاف کانپوءِ ڪراچي جي قديم وسندين جي رهواسين طرفان نظر انداز ڪرڻ واريون دانهون ۽ ڪوڪون درست ثابت ٿيون آهن. هاڻي سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڇا اڃا به ڪراچي کي پئرس بنائڻ واريون دعوائون جاري رهنديون يا همراهه ڪجهه هوش کان به ڪم وٺندا.

    ارشاد لغاري/چمبڙ



    Mumtaz Ali Vighio
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو