• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڳوٺاڻي عورتن جا هڪجهڙا حق ـ

جواب: ڳوٺاڻي عورتن جا هڪجهڙا حق ـ

سنڌ جي قديم ۽ خوبصورت علائقي عمرڪوٽ مان هن اڱڻ تي ڪهي آيل ڀيڻ شاهده سمون، آءُ اوهانکي سنڌ سلامت جي سائبر اوطاق تي ڀليڪار ٿو چوان ۔۔۔ اوهان جيڪا سائيٽ ٻڌائي آهي، انساني حقن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪارائتي سائيٽ آهي ۔۔۔ اها ته برائوز پئي ڪبي ۽ حقن ناحقن کي ويٺو پڙهبو ۔۔۔
پر حقيقت پڇو ته اوهانکي پنهنجي اڱڻ تي ڏسي ۔۔۔ انتها جي خوشي ٿي، ان جو ڪارڻ ته اسانجي هن اوطاق ۾ تمام ٿوريون ڀينرون اچن ٿيون ۔۔۔ هن اوطاق ۾ سنڌ جون سرتين جي نالي تي هڪ ڪمرو (ڌاڳو) به مخصوص ٿيل آهي پر ڪيتري عرصي کان ڪنهن به ڀيڻ ان ۾ اچي ڪو ونڊ نه ڪيو آهي ۔۔۔

آءُ سنڌ جي سڄاڻ ڀينرن کي عرض ڪندس ته هو ان ڪمري ۾ اچي پنهنجي ڪچهري مچائن ته جيئن سنڌ جي نوجوان طبقي کي هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۾ ڪا مدد ملي ۔۔۔ ۽ ڀائرن ڀينرن جا مسئلا جي رابطي جي ڪميءَ سبب حل نٿا ٿين سي حل ٿين ۔۔۔

رب العالمين اسان سڀني سنڌين (ڀينرن ۽ ڀائرن) کي پنهنجي پناه ۾ رکي ۽ حقن جي سمجهه عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
 
Back
Top