ڪانچ، قميص، اجرڪ جو پٽڪو، هٿ ۾ يڪتارو گھنگھرن وارو ڏنڊو کڻي الو ميان ڪندڙ علڻ فقير

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏17 فيبروري 2010۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڪانچ، قميص، اجرڪ جو پٽڪو، هٿ ۾ يڪتارو گھنگھرن وارو ڏنڊو کڻي الو ميان ڪندڙ علڻ فقير
    تحقيق ؛ عبدالرزاق ميمڻ

    علڻ فقير 1932ع ۾ جمعي جي ڏينهن پنجين شعبان تي ضلعي دادوءَ جي تاريخي شهر آمريءَ ۾ ڄائو. سنس والد جو نالو ڌمالي فقير ۽ ذات جو مڱڻهار هو ۽ وقت جو مشهور دُهلاري هو. علڻ فقير جو خاندان دُهل شرناءِ ۽ وڄائڻ کان علاوه ڳائيدو به هو، اهڙيءَ ريت کيس ڳائڻ ڄڻ ورثي ۾ مليو هو. علڻ فقير جو اصل نالو ٽئونر (گُل)فقير هو، جيڪو اصل ۾ سندس ڏاڏي جو نالو هو. سندس ڄم وقت سندس ڏاڏي جيئري هُئي تنهنڪري هُن سنڌي سماج جي رسمن رواجن موجب پنهنجي مُڙس جو نالو پنهنجي پوٽي تي رکيو. جيئن ته وڏن جي نالي جي احترام ڪري کيس انهن نالن سان پڪاريو نٿو وڃي اُن ڪري هُن کي علي ڏنو ڪري سڏڻ لڳا، جيڪو پوءِ ڦري علي بخش ۽ آخر ۾ علڻ فقير سڏجڻ لڳو. ڪيس علڻ ۽ ڪڏنهن ڪڏنهن بخسڻ به ڪري ڪوٺيو ويندو هو.

    علڻ پاڻ سان گڏ هروقت هڪ ڪشتو ۽ هڪ ڏنڊو، جنهن ۾ گھنگھرو ٻڌل هوندا هُئا کڻي گھمندو هو. کيس وڏن مڻين وارا ڪنڄا پاتل هوندا هُئا ۽ ڪڏنهن ڏڏنهن جوڳين وري مخصوص ٽوپي به پائيندو هو، اها ٽوپي رَليءَ وانگر مُختلف رنگين اڳڙين يا ڪپڙي جي ٽڪرين ما ٺهيل هوندي هُئي. اُن سان گڏ هو ڪانچ، قميص ۽ اجرڪ ڳو پٽڪو ٻڌندو هو، پاڻ سان يڪتارو يا گھنگھرن وارو ڏنڊو کڻي هر وقت الو ميان جھوگاريندو رهندو هو. جيڪو 0سندڙن ۽ ٻوڌندڙن کي موهي مست ڪري ڇڏيندو هو، هن کي نچڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو، جڏنهن مور وانگر نچندو هو ته پنڊال ۾ ويٺل پبلڪ به اُٿي هُن سان مدهوش ٿي نچڻ لڳندا هُئا.

    هو اسٽيج تي ڳائڻ ۾ وڏي مهارت رکندو هو ۽ اسٽيج ڪرافٽ کان چڱيءَ طرح واقف هوندو هو. علڻ فقير پهريائين ڳائڻو بلڪل ڪون هو، پر هڪ مزاحي. اداڪار يا سولي سنڌيءَ ۾ چئجي ته مسخرو هوندو هو. هو دُهلن ۽ شرناين تي مست ٿي نچندو هو ۽ پوءِ آهستي آهستي شادين ۾ لوڪ گيت، ڳائڻ ۽ دهل وڄائڻ لڳو. شروع شروع ۾ هو دادوءَ کان حيدر آباد وايند ۽ ڪوٽڙي وغيره ۾ ۽ ان جي وچ ۾ هلندڙ بسن ، ريل گاڏين ۾ مُسافرن کي لطيفا ۽ شاه جا بيت ٻوڌائي پيٽ گُذر ڪندو هو. موکي چٽيءَ طرح ياد آهي ته جڏنهن مان هالا جي ڀرسان پنهنجي ڳوٺ نيو سعيدآباد جي ڊي سي هاءِ اسڪول ۾ اٺون درجو پڙهندو هوس ۽ ڪنهن ڪم واسطي رسيس ۾ پنهنجي دُڪان تي پُهتس ته نواب شاه کان ويندڙ ڪنهن بس جي ڪنڊيڪٽر علڻ کي ڀاڙو نه ڏيڻ ڪري اسانجي ريزڪي دُڪان جي سامهون بس مان ڌڪا ڏئي لاهي ڇڏيو هو ۽ ٿاٻڙجي ڪري پيو هو ۽ مُهنجي والد کيس شانت رکڻ لاءِ دڪان وٽ ساه پٽڻ لاِ ءِ ترسائي ماني وغيره کارائي ته پوءِ هُن يڪتاري تي شاه جو ڪلام جهونگاريو ته شهر جا ماڻهو جمع ٿي ويا ۽ پوءِ مُهنجو ننڍو ڀاءُ عبدالجبار ميمڻ (جاويد جبار) جيڪو اسڪول ۾ سپاف جو صدر هو اُن کي اسڪول وٺي ويو جتي هُن الاهي ڪلام چيا ۽ ڪافي پئسه ڪمايائين ۽ ٻي بس ۾ ڀٽ شاه لاءِ روانو ڪيو.

    پوءِ هو ٻٽي دفعا اسان وٽ نيو سعيد آباد آيو پر هڪ عجيب هُلئي ۾ يعني پينٽ ۽ شرٽ پائي . جيئن ته ان وقت ڳوٺ ۾ پئنٽ شرٽ جو رواج بلڪل نه هو، ڳوٺ وارا هُن کي ڏسي کلندا هُئا ۽ جمع غفير ٿي ويندو هو ۽ ڪي شيطاني ٻار کيس تنگ به ڪندا هوا جنهن جي اسان ڍال به بڻندا هُئاسون. هن پنهجا تفصيل ٻوڏايا ته هو شاه سائين جو مُريد آهي ۽ پوري سنڌ ۾ گھمندو وتندو اهي ۽ جتي به شاديءَ جي خبر پوندي هُيس اُتي وڃي ڳائي پيٽ گذر ڪندو آهي ۽ ميلن ملاکڙن ۽ مختلف درگاهن تي به فن جو مظاهرو ڪندو آهي.

    علڻ جي پهرين مُلاقات ممتاز مرزا سان 14 آڪٽوبر 1961ع تي حيدر آباد جي بسنت هال ۾ ٿيل هڪ ڪل سنڌ مزاحيا ڪانفرنس ۾ ٿي. اها ڪانفرس ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مخدوم طالب المولي جي ڪوششن سان ٿي هُئي ۽ ان ڪانفرنس ۾ علڻ پنهنجي فن جو مُظاهرو ڪرڻ آيو هو. فني دنيا ۾ علڻ فقير کي اُڀارڻ وارا چار شخص هُئا جن ۾ ممتاز مرزا صاحب، غلام حُسين شيخ صاحب، ظفر ڪاظمي صاحب ۽ منصور ويراڳي صاحب. ڪاظمي ۽ منصور واراڳي سندس ڳوٺائي هُئا جڏنهن ته ممتاز مرزا ۽ شيخ غلام حوسين حيدرآباد جا هُئا. ممتاز مرزا مرحوم کيس حيدرآباد ريڊئي تي وٺي آيو ۽ شيخ صاحب کيس فني دنيا ۾ اُڀاري ڇڏيو. مرزا صاحب کيس پي ٽي وي تي پڻ وٺي ويو جتي مرحوم عبدالڪريم بلوچ کيس مُتعارف ڪرايو.

    ڪُل سنڌي مذاحيه ڪانفرنس کان پوءِ ريڊئي پاڪستان جي نالي واري پروڊيوسر مرحوم شيخ ابراهيم جي شاديءَ ۾ جڏنهن کيس ممتاز مرزا نچندي ڏٺو ۽ پوءِ جڏنهن کيس ڀالوا ڳوٺ ٿر ۾ ٿيندڙ مارئيءَ جي ميلي ۾ مرزا صاحب علڻ کي شاه جا بيت ڳائيند ٻُڌو ته هو سمجھي ويو ته علڻ ۾ ڪا مڻيا آهي، تڏنهن ئي هُن کي هو ريڊئي پاڪستان حيدرآباد وٺي آيو هو.

    علڻ فقير کي فني خدمتن جي مڃتا ۾ مختلف ايوارڊ به ڏنا وي جن ۾ پاڪستان سرڪار جو سُهڻي ڪارگُذاريءَ جو تمغو، شاه لطيف ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ ۽ قلندر شهباز ايوارڊ به شامل آهن. علڻ ترڪيءَ، انگلينڊ، آمريڪا، جرمني، جاپان، سنگاپور، سبئي، منيلا، بيلجيم، اٽلي ۽ روس وغيره ۾ به پنهنجي لافاني فن جو مُظاهرو ڪيو هو.

    علڻ ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج کان علاوه فلمن لاءِ به ڳيو هو. هن سنڌي فلم طوفان جا نغما رڪارڊ ڪرايا ها، شاه ، سچل ۽ قلندر جي ميلي تي به ڳائيندو هو. هن سنڌي، اُڙدو، ۽ سرائڪيءَ ۾ ڳايو آهي، هُ شاه جي درگاه تي روزانو يا هفتيوار ڳائيندو رهندو هو، هُن 14 آگسٽ ۽ 23 مارچ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ فلوٽن ۾ به پنهنجي لافاني فن جو مُظاهرو ڪيو هو. فن جي خدمت ڪندي بل آخر علڻ فقير 4 جولاءِ 2000ع تي الله سائين کي پيارو ٿي ويو.

    هو.. هو.. هو.. هُما.. هُما.. اپ پياري.. هُما .. هُما او سياڻي..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    پوءِ هو ٻٽي دفعا اسان وٽ نيو سعيد آباد آيو پر هڪ عجيب هُلئي ۾ يعني پينٽ ۽ شرٽ پائي . جيئن ته ان وقت ڳوٺ ۾ پئنٽ شرٽ جو رواج بلڪل نه هو، ڳوٺ وارا هُن کي ڏسي کلندا هُئا ۽ جمع غفير ٿي ويندو هو ۽ ڪي شيطاني ٻار کيس تنگ به ڪندا هوا جنهن جي اسان ڍال به بڻندا هُئاسون. هن پنهجا تفصيل ٻوڏايا ته هو شاه سائين جو مُريد آهي ۽ پوري سنڌ ۾ گھمندو وتندو اهي ۽ جتي به شاديءَ جي خبر پوندي هُيس اُتي وڃي ڳائي پيٽ گذر ڪندو آهي ۽ ميلن ملاکڙن ۽ مختلف درگاهن تي به فن جو مظاهرو ڪندو آهي.
     
  3. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    سنڌ جي لوڪ فنڪار علڻ فقير بابت سٺو ليک آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو