مغربي طاقتون، انقلاب ۽ بغاوت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عمران درويش سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏29 آگسٽ 2013۔

  1. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    مغربي طاقتون، انقلاب ۽ بغاوت
    ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملي کانپوءِ اسلامي ملڪن ۾ دهشتگريءَ خلاف جنگ جي نالي سان ٻاريل باهه اهڙي ريت ڀڙڪي جو اڄ تائين وسامڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي، جنهن جون تباهيون مختلف مسلمان ملڪن ۾ جاري و ساري آهن. مصر ۾ حسني مبارڪ جي حڪومت جي خاتمي تي انقلاب جي فتح جو جشن ملهائيندڙ ماڻهن جي ذهنن تي مغربي ملڪن جي ڦوڪيل منتر جو اثر هڪ دفعو ٻيهر زور شور سان ڪم ڪري رهيو آهي، ماڻهون پنهنجي زندگيءَ جي معمول کي پاڻ متاثر ڪيون ويٺا آهن. روزانو سوين ماڻهون آباديءَ جي ڪتابن مان خارج ٿي رهيا آهن. انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي شام ۾ هلندڙ مذهبي فساد آهي، جنهن کي شام جي صدر بشارالاسد خلاف بغاوت جو نالو ڏنو پيو وڃي. هڪ پاسي انقلاب ته ٻئي پاسي بغاوت اهي ٻئي آمريڪي جادوئي منتر آهن جي اسلامي ملڪن جي عوام جي ذهنن ۾ اهڙي طرح ڦوڪيا ويا آهن جو انهن منترن 100 سيڪڙو کان به وڌيڪ اثر ڏيکاريو آهي. اهڙن انقلابن ۽ بغاوتن (فسادن) جو ڀوت فقط انهن ملڪن ۾ ڇوٿو بوتل کان نڪري جن ملڪن ۾ تيل جا وڏا قدرتي زخيره موجود آهن؟؟ هي جنگ نه ڪي مذهبي آهي ۽ نه ئي جمهوري موجوده حالتن کي جيڪڏهن سپريئر گيم سڏجي ته به ڪنهن صورت غلط نه هوندو، ڇاڪاڻ ته قدرتي معدنيات سان مالامال ملڪن کي فرقه واريت ۽ مذهبي دهشتگرديءَ جي زنجيرن ۾ اهڙي ريت ٻڌو ويو آهي جو اهي پنهنجو پاڻ ڇڏائيندي انهن زنجيرن ۾ وڃن ٿا وڌيڪ وچڙندا!!! انهن ملڪن جي معيشت تي زوال ايندو وڃي ٿو جنهن سبب عالمي مارڪيٽ مي سندن سڪي (Currency) جو ملهه تيزيءَ سان ڪرڻ لڳو آهي. اهڙا ملڪ جن جو عوام متحد آهي اتي (Western countries) مغربي ملڪن جا جادوئي منتر آسانيءَ سان ڪم ڪري وڃن ٿا، پر جنهن ملڪن جو عوام پاڻ ۾ متحد نه آهي ۽ پنهنجي همت، جرائت ۽ خود اعتماديءَ کي دٻائي هر قسم جي حالات سان سمجهوتو (Compromise) ڪرڻ جو عادي ٿي ويندو آهي ته اهڙي صورتحال ۾ مغربي طاقتن کي اتان جي حڪمران سان دوستي، پاڙيسريت ۽ جهڪاءَ جو ڊرامو ڪرڻو پوندو آهي. اهو ڊرامو فقط عوام ۽ ميڊيا کي بيوقوف بڻائڻ خاطر هوندو آهي ۽ اندر ئي اندر هڪ پراڪسي وار جاري هوندي آهي. هن وقت امريڪا ۽ گڏيل قومن جو (مونڊي) ترجمان ادارو هڪ مونجهاري ۾ ورتل آهي، سندس مونجهاري جو سڀ کان وڏو سبب هڪ ئي وقت ٽن وڏن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هڪ افغانستان مان اتحادي فوجن جي نيڪالي، مصر ۾ سندس ٻريل باهه جي مسئلو ۽ ٽيون ايران ۽ روس پاران شام جي حمايت. انهن ٽنهي مسئلن کي حل ڪرڻ جي بجاءِ هاڻي )(Focus Tactics ڌيان مٽائن جي گيم کي استعمال ڪيو پيو وڃي شام ۾ صورتحال هٿ مان نڪرڻ کانپوءِ مصر ۾ عوام جي مٿان ٽئنڪون چاڙهن جي بريڪن نيوز پيدا ڪئي ويئي جنهن سبب عالمي ملڪن ۽ ميڊيا جو سمورو ڌيان اوڏانهن مرڪوز ٿي ويو. ساڳئي طرح جڏهن مصر ۾ عوام مٿان ٽئنڪون چاڙهڻ واري مسئلي تي عالمي رد عمل وڌڻ لڳو ته شام ۾ ڪيميائي هٿيارن جي استعمال جو شوشو اٿاري پوري دنيا جو ڌيان مصر مان هٽائي شام ڏانهن مرڪوز ڪيو ويو آهي. پر اصل حقيقت سامهون تڏهن آئي اهي ته جڏهن گڏيل قوم جي اداري سندس رپورٽ ۾ ڪيميائي هٿيار حڪومت پاران نه پر باغين پاران استعمال ڪرڻ جو ڄاڻايو ويو آهي ته تحقيقاتي ٽيم تي باغين پاران حملو ڪري ان رپورٽ تان ڌيان هٽائڻ جو منصوبو ٺاهي ان تي عملدرآمد ڪيو ويو. چوندا آهن ته وقت هميشه هڪ جهڙو ناهي رهندو هاڻي ڏسجي ته مغربي ملڪ سندن سپريئر گيم کي دهشتگردي خلاف جنگ، انقلاب ۽ بغاوتن جو نالو ڏئي ڪيترو وقت عوام کي بيوقوف بڻائي سگهندي.


    [​IMG]
    عمران درويش سومرو
    03312296956



    ۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    درويش اوهان جي ڳالهين سان 100 فيصد سهمت آهيان۔

    اسلامي دنيا خاص ڪري اهي ملڪ جتي معدنيات موجود آهي اتي ئي ان قسم جا انقلاب برپا ٿيا آهن۔ ڀلا سعودي عرب ۾ اهو سڀ ڇو نه پيو ٿئي؟ اتي به بادشاهت آهي؟ اتي به تيل جا ذخيرا آهن؟

    جواب ايندو ته سعودي ته امريڪا جو پٺو آهي۔۔۔ جيئن آمريڪا چاهي ايئن ڪندو۔۔۔۔۔ اها حالت قطر جي به آهي جتي آمريڪا کانپوء دنيا جو سڀ کان وڏو بحري بيس موجود آهي۔

    پاڪستان به ان ڪري ان قسم جي حالتن جي ور آهي جو ان جي جاگرافيائي بيهڪ وڏي اهميت واري آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو