شاه عبداللطيف جو فڪر ٌء اسان جو نوجوان نسل شاه صاحب صرف سنڌ جو وڏو شاعر ناهي پر هڪ عالمگير شاعر آهي جنهن جو فڪر عالمگير فڪر آهي شاه صاح جي شاعري امن شانتي پيار ء محبت جو درس ڏئي ٿي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جو نوجوان نسل غالب، اقبال، ء شيڪسپيئر کي ته پڙهڻ پسند ڪندو آهي مگر شاه جي شاعري کي ناهي پڙهندو.جڏهن ته شاه صاحب غالب، اقبال ، ء شيڪسپيئر کان ڪئين دفعه وڏو شاعرآهي . اگر ڪوئي پڙهي ته ڏسي. منهنجا ڀائرو منهنجي صلاح وٺو ٫ اڄ ئي شاه صاحب جي شاعري کي پڙهڻ ء سمجهڻ شروع ڪريو . ء پنهنجي مٺي ٻولي اباڻي ٻولي سنڌي ٻولي سانپيار ء محبت جو ثبوت ڏيو. مون توهان لاء هن ميل ۾شاه جي شاعري جا رسالا ء ان جون لنڪون ڏنيون آهن شاه جي شاعري آسان سنڌي ۾ پڻ معني ء تشريح سان ڏني وئي آهي صرفپڙهن وارابڻجو ٌء شاه جي فڪر ء درس کي سمجهو. {} شاه جو رسالو پنجابي زبان ۾ http://www.apnaorg.com/poetry/shahjorisalo/ شاھ سائين جو رسالو( وائيس آف سنڌ وارو) http://www.voiceofsindh.net/sindhiadab/poetry/shah/shah.htm شاه جو رسالو سنڌي معني ۽ تشريح سان http://www.sindhlibrary.com/sindhibooks/poetry/shah jo risalo.pdf لطيفيات ڪارنر ( سنڌي ادبي بورڊ ) http://www.sindhiadabiboard.org/Catalogue/Lateefyat/Main_Latifyat.HTML شاه عبداللطيف ڀٽائي لنڪ http://n.domaindlx.com/jamalimusic/sindh map/Shah-Poetry-main.htm شاه سائين جا بيت آواز سان گڏ http://www.mehrantv.tv/video/bait11.html شاه جو ڪلام هڪ سهڻي آواز ۾ http://www.youtube.com/watch?v=G1sxiBidY9w شاه جو ڪلام سنڌي اردو ۾ ڳايل علڻ فقير ۽ شيخي جي آواز ۾ http://www.youtube.com/watch?v=bf6FrPIO7R8 شاه سائين جي ميلي جو هڪ منظر http://www.youtube.com/watch?v=k1EIPpQmB8s&feature=related نوٽ سنڌي شاه جو رسالومعني٪ وارو ۽ هڪ ٻه ٻيا ڪتاب PDF فائل فارميٽ ۾ آهن ۽ انهن کي پڙهڻ لاءِ توهان کي ايڊويب ايڪروبيٽ ريڊر جي ضرورت پوندي. جنهن کي ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو. http://ardownload.adobe.com/pub/adobe/reader/win/6.x/6.0/enu/AdbeRdr60_enu_full.exe
جواب: شاه عبداللطيف جو فڪر ٌء اسان جو نوجوان نسل سهڻا دوست، اوهانجو پيغام اکين تي بيشڪ سنڌي ٻوليءَ کي جيئرو رکڻو آهي ته لطيف کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي اڳتي وڌڻو آهي ۔۔۔ لطيف فقط هڪ شاعر ئي نه سنڌي ٻوليءَ جو محسن ئي نه پر هڪ مفڪر ۽ هڪ پيغام پڻ کڻي آيو هو ۔۔۔ ان پيغام تي توجهه ڏبو ته سندس رتبو شاعر ۽ اديب کان گهڻو ۽ گهڻو مٿاهون آهي ۔۔۔ سندس پيغام آفاقي آهي ۔۔۔ جيئن اول الله عليــــــم، اعلا عــــــــالم جـــــو ڌڻــي، قادر پنهنجــــي قدرت سين، قائـــم آهي قديم، والــــــي واحـــــــــد، وحــده، رازق رب رحيـــــم، سو ســــاراه سچو ڌڻي، چئـــــي حمد حڪيم، ڪري پاڻ ڪريم، جوڙئون جوڙ جهان جي۔
جواب: شاه عبداللطيف جو فڪر ٌء اسان جو نوجوان نسل سنڌ سلامت جا ڄاڻو دوستو، يار ايئن نه ڪريو ادي بشير احمد، مس ڪا شئي گهري آهي ۔۔۔ مونکي ته سمجهه ۾ نه آئي ته اهو يونيڪوڊ ڇا آهي ۔۔؟ پر جادوگر دوست (رشيد) يا ڪنهن ٻي دوست کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ۽ انجو ڪو حل هجي ته پورو ڪيو وڃي ۔۔۔ دوست بشير احمد، لڳي ٿو ته ڪجهه ڏينهن مصروف هئا جو اڱڻ تي ڀيرو ئي نه ڪيوَ، حقيقت پڇو ته آءُ اشتهار ڏيڻ وارو هيس، بس اڃان صبر جي پيالي ۾ ڪي ڍڪ باقي هيا ته اوهان اچي نڪتا ۔۔۔ مهرباني اوهانجي ۔۔۔ ڀيرو ڀڃندا ڪريو ۔۔۔ سنگت مان ڪو ڪجهه ڏينهن غائب ٿئي ته چنتا وڌيو وڃي ۔۔۔ shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
جواب: شاه عبداللطيف جو فڪر ٌء اسان جو نوجوان نسل مٺا ممتاز وگهيا لطيفي، واقعي مرشد ڪريم لطيف سائين جِي شاعري، اول کان آخر تائين محبت ۽ پيار سان ٽمٽار لڳي پئي آهي، لطيف سائين جي جنهن به بيت کي پڙهون ٿا اصل ٺريو پئون۔ لطيف جو ڪو سُر کڻي جڏهن پڙهان ٺريو پوان، ڪڏهن نه مُور ڍاپجان، ورِي پڙهي، پڙهيو پڙهان ، رڳون رباب دوستو، رَلِيو نه منهنجو رُوح آ، حسين کان جميل تر سُشيل سنڌ جِي جُوء آ
جواب: شاه عبداللطيف جو فڪر ٌء اسان جو نوجوان نسل سائين توهان سائين ماجد ڀرڳڙي جي سائيٽ تي وڃي ڪاپي پيسٽ ڪري ڪجهه ئي ڏينهن ۾ شاه جو رسالو يونيڪوڊ ۾ حاصل ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔