• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پـــــــراٿنا

عاجز سمون

سينيئر رڪن
" اشو ٿاماـ جي"
پـــــــراٿنا
ـ او طوفان نوح
آڻڻ وارا "
اوسيلابن سان
سمنڊ سمان
پيداڪندڙ
او دريائن جاڌڻي
اسان وٽ
ايتروبہ پاڻي ڪونهي
جو توکي
لڙڪن جي رشوت ڏئي
روئي ٻاڏايون ؟
 
جواب: پـــــــراٿنا

دوست اوهين ته آهيو ئي عاجز، عاجزي ۽ انڪساريءَ سان ته طوفان نوح جو مالڪ ۽ آسمان ۽ زمين مان پاڻي هلائڻ وارو به جوش ۾ اچي ويندو آهي، ۽ لوح محفوظ ۾ لکيل قسمتون به بدلائي ڇڏيندو آهي ۔۔۔ بس لطيف چواڻي ؛
ليلائي نه لهين تان پڻ ليلائج ۔۔۔ سڄڻ تمام گهڻو ٻاجهارو آهي ۔۔۔ هٿ مٿي کڻي ته ڏس !!! مايوسي ڪفر آهي ۔۔۔ پڪ ڄاڻ ته خلوص سان ڪيل ڪلام جو جواب ضرور ملندو ۔۔۔ ڏک ڏولاوا، تڪليفون ۽ پريشانيون ته امتحان آهن ۔۔۔ بس امتحان ڏئي ته ڏس ۔۔۔ نتيجي جي پرواه ڪرڻ بنهه!!! توڪل جي ترهي تي چڙهي ته ڏس ۔۔۔ ڪناري تي پهچڻ جي لالچ کان بنهه ۔۔۔!!!
 
جواب: پـــــــراٿنا

" اشو ٿاماـ جي"
پـــــــراٿنا
ـ او طوفان نوح
آڻڻ وارا "
اوسيلابن سان
سمنڊ سمان
پيداڪندڙ
او دريائن جاڌڻي
اسان وٽ
ايتروبہ پاڻي ڪونهي
جو توکي
لڙڪن جي رشوت ڏئي
روئي ٻاڏايون ؟

دوست عاجز، زندگيءَ جو سارو حُسن شايد پاڻي ۾ ئي سمايل ٿو نظر اچي توهان کي، جو اشو ٿاما جي پراٿنا کي توهان اسان سان ونڊ ڪئي آهي، اسان سنڌ جي گهوٽ لطيف جي شاعري کان پاڻي جي باري ۾ پڇي ٿا ڏسون۔ لطيف سائين جن فرمائن ٿا۔
سارنگ سار لهيج، الله لڳ اُڃين جي،
پاڻي پوج پٽن ۾ ارزان ان ڪريج،
وطن وسائيج ته سنگهارن سُک ٿئي!​
 
Back
Top