مهاجر لبريشن آرمي+ مفروضو يا حقيقت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏31 آگسٽ 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    مهاجر لبريشن آرمي+ مفروضو يا حقيقت
    ڪجهه ڏينهن کان اسان وٽ افواهه هلي رهيو آهي ته ڪراچي ۾ ”مهاجر لبريشن آرمي“ ڪم ڪري رهي اهي ۽ اها پاڪستان آرمي سان وڙهڻ چاهي ٿي ، وٽس هٿيارن جا گدام اهن ۽ هو پاڪستان آرمي سان 20 سالن تائين مقابلو ڪرڻ چاهي ٿي !!!!! يا مقابلو ڪري سگهڻ جي طاقت رکي ٿي !!!
    اچو ته ڪراچي بابت اصل حقيقتون ڏسون ۽ پو، اهو به ڏسون ته شاعريءَ جا شوقين اسان سنڌي ڪٿي گاهه چري رهيا آهيون .
    پريز مشرف جي اقتدار کان اڳ ايم ڪيو ايم لڳ ڀڳ ڪارنر ٿي چڪي هئي ، هڪ مهاجر جي آرمي چيف ٿيڻ ايم ڪيو ايم کي ٽه طرفو مضبوط ڪيو ، کين اقتدار ڏنو ويو بلڪ سنڌ سندن حوالي ڪئي وئي،کين هڪ سازش تحت نيٽو جي افغانستان ايندڙ اسلحي مان بي تحاشا اسلحو ڏنو ويو ۽ مستقبل جي پلاننگ تحت کين بي انتها ڪرپشن ڪرڻ جي اخازت ڏني وئي .
    ٻيو ته پرويز مشرف جي دور ۾ هنن کي جيڪا به پلاننگ ڪرڻي هئي اها هنن ڪئي ، ان کان پو، پ پ حڪومت پنهنجي پهرين پنجن سالن ۾ هنن کي سڀ ڪجهه ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    ڇاڪاڻ ته اسلحو هنن وٽ پاڪستان آرمي کان وڌيڪ جديد آهي، وڙهڻ وارا اڻ پڙهيل مهاجر جام آهن ۽ پئسو هنن کي پاڪستان کي ٽوڙڻ وارن وٽان به جام پيو ملي، ان ڪري هي ايم ڪيو ايم مان مهاجر لبريشن آرمي ٿي پيا آهن !!! بهترين اسلحو هنن وٽ هجڻ جي حقيقت سپريم ڪورٽ اف پاڪستان به مڃي آهي !!!!
    هن ملڪ ۾ احتساب نه هجڻ ڪري حالتون سنگيڻ هجڻ جي نشاندهي ڪن ٿيون ، جنهن ملڪ جو آرمي چيف هڪ تنظيم کي ايترو وڏي تعداد ۾ اسلحو فراهم ڪرڻ ۾ ملوث هجي ۽ ان ملڪ جي سپريم ڪورٽ ان جو احتساب نه ڪري سگهي ته باقي ادارن مان ڪهڙي توقع رکي سگهون ٿا؟؟؟
    باقي ايم ڪيو ايم واران ”مهاجر لبريشن آرمي“ طرفان طاقت جي مظاهري جي ڳالهه ڪئي آهي سو انهن 12 مئي تي به ڪيو هو ۽ ڪراچي ۾ اهو مظاهرو روز پيو ٿئي.
    ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته ڪنهن نموني ڪراچي ۾ آرمي آڻي، آپريشن ڪري اهو اسلحو واپس ورتو وڃي، جنهن جي پاڪستان جي خفيا ادارن کي مڪمل معلومات آهي !!!!
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    1978ع ڪراچي گهمڻ جو موقعو مليو هو ان وقت بسن ۾ شاهراهن گهٽين باغن ۽ خاص طور پڪنڪ پوائنٽ تي وڏي پيماني تي ايم ايف ايف MFF لکيل ڏٺو هيم ، جن دوستن مٽن مائٽن وٽ رهڻ ٿيو انهن کان پڇيو هيم ته اهو ايم ايف ايف MFF ڇا آهي ڇا جو مخفف آهي ؟ ته سڀني سڄڻن کلي کلي پئي چيو ته هي پان خور هاڻي اسان سان وڙهندا انهن پنهنجي فوج ٺاهي آهي۔ MFF مهاجر فائيٽر فورس ۔ ان وقت به اسانجا وڏڙا ننڊ پيا هيا ۽ اڄ اسان ننڊ ۾ آهيون ۔ ڪراچي اسانجي ملڪيت ، ان وڙهن ٿا وري پٺاڻ ، پنجابي ۽ مهاجر۔ هن وقت اسان اصل وارث ڪٿي آهيون ؟ ڇا ٿا ڪيون ؟ اسان جن کي هڙون ۽ وڙون ( سوچ ۽ ووٽ ) ڏيون ٿا ، آهي ڪو انهن کان پڇڻ وارو ؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  3. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    معصوم معلومات ۾ اضافو ڪرڻ لا لک ٿورا۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سڀني کي خبر آهي ته ايم ڪيو ايم کي طاقتور ڪرڻ ۾ سڀ کاب وڏو هت فوج جو ئي آهي۔ 19 هزار هٿيارن سان ڀريل ڪنٽينر ڪاڏي ويا؟ لنڊن سيڪريٽريٽ ۽ ڪراچي آفيسن جو خرچ ڪيئن ٿو هلي؟ آمدني جا سورس ڪهڙا آهن ۔۔۔ سڀني ڳالهين جي جانچ ٿئي ۽ پيرا کڄن ته ڳالهه وائکي ٿي ويندي ۔۔۔۔ ته اها مهاجر لبريشن آرمي واري ڳالهه به سچي آهي يا نه ۔۔۔۔ !!!!
     
  5. میر چند

    میر چند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    جوھي
    ''اچو تہ ڪراچي بابت اصل حقیقتون ڏسون ۽‎ ‎پو ، اھو بہ ڏسون تہ شاعريءَ‎ ‎جا شوقین اسان سنڌي ڪٿي گاھ چري رھیا آھیون۔‎''‎
    بلڪل اوھان ھڪ‎ ‎ڪڙي حقیقت بیان ڪئي آھي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو