1. جيڪو بوتل نٿو پياري سگهي، ان مان بريانيءَ جي اميد نه رکو. 2. جيڪو فيس بوڪ تي ناهي اهو ڄائو ئي ناهي. 3. اڳي ڪتاب پڙهبا ها، اڄ اسٽيٽس ۽ ٽوئيٽس. 4. يار اهو ڀلو، جيڪو وقت تي ايزي لوڊ ڪرائي. 5. ڪپڙن کي ڪير ٿو ڏسي... رڳو ڪمينٽس ڀلا هجڻ کپن. 6. جيڪو رتُ پيئي، اهو ڪراچيءَ ڄائو. 7. ڪراچي ڪنهن جي؟ ڇڏ مذاق!!! 8. غيرت پونسٽان جي ٽڪي ناهي. 9. گوگل مون کي ڳوليندي پاڻ گم ٿي وئي. 10. انٽرنيٽ تان کاڌو ڊائونلوڊ ناهي ٿيندو.
جيڪو بوتل نٿو پياري سگهي، ان مان بريانيءَ جي اميد نه رکو. هاهاهاها ۔۔۔ هائو ٻيلي اهڙا گهڻا آهن، بلڪه گهڻن ته ڪم جي بهاني وعدا به ڪيا ته برياني کارائيندسون پر ڪم لٿو ڊکڻ وسريو۔ سڀ ڳالهيون دل سان لڳيون خير ذيشان رشيد به ان ڳالهه جي تائيد ڪندو
ادا اسلام عليڪم! هنن نوان اقوال زرين ته سچ مچ دل جون ڳالهيون اشڪار ڪيون آهن۔ پڙهي مزو آيو، جاري رکندا۔