يو پي ايس ۽ بيٽري جو درست انتخاب، استعمال ۽ احتياطي تدبيرون...

'مختلف موضوع' فورم ۾ ممتاز قريشي طرفان آندل موضوعَ ‏31 آگسٽ 2013۔

  1. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    دوستو۔۔ اڄڪلهه لوڊ شيڊنگ جي عذاب کان هر ڪو پريشان آهي ڇو جولائيٽ اسان جي زندگي جي هڪ اهم ضرورت بڻجي وئي آهي۔ گهر هجي يا آفيس جيستائين لائيٽ نه اچي تيستائين بيزاري جي ڪيفيت ۾ وقت گذرندو آهي۔ لوڊ شيڊنگ جي تڪليف کان بچڻ لا اڪثر ڪري جنريٽر يا يو پي ايس (uninterrupted power supply) جو استعمال ٿيندو آهي۔ بدقسمتي سان عام ماڻهو کي يو پي ايس جي مناسب استعمال بابت ڪا به اگاهي ۽ درست رهنمائي موجود نه آهي۔ نيٽ تان ورتل هي معلومات اميد ته دوستن لا مفيد ثابت ٿيندي۔



    [​IMG]
    يو پي ايس جو انتخاب
    • توهان کي يو پي ايس تي ڪهڙيون شين هلائڻيون آهن ان جو تعلق يو پي ايس جي واٽ (Watts) سان آهي ۽ ڪيتري دير هلائڻيون آهن ان جو تعلق بيٽري جي قوت (Capacity) تي آهي۔
    • سڀ کان پهرين اهو حساب لڳايو ته توهان کي ڪهڙيون شيون هلائڻيون آهن۔ توهان جي آساني لا عام استعمال ۾ ايندڙ ڪجهه شين جا واٽ هن ريت آهن۔
    1. سيلنگ فين (ڇت وارو پکو) ڪنهن سُٺي ڪمپني جو مثلن پاڪ فين، يونس فين يا رائل فين 75 کان 80 واٽ ، عام سيلنگ فين 100 واٽ۔
    2. پيڊيسٽل فين (زمين وارو پکو) ڪنهن سُٺي ڪمپني جو مثلن پاڪ فين، يونس فين يا رائل فين 135 کان 150 واٽ، عام پيڊيسٽل فين 160 کان 170 واٽ۔
    3. اينرجي سيور وچولي سائيز جو 25 واٽ۔
    • 500 واٽ جي يو پي ايس تي وڌ م وڌ 400 واٽ جو لوڊ وجهي سگهجي ٿو ، 700 واري تي 550 واٽ ۽ 1000 واري تي 800 کان 850 واٽ۔
    • عام طور تي 500 واٽ واري يو پي ايس تي 3 پکا ۽ 3 اينرجي سيور آرام سان استعمال ڪري سگهجن ٿا۔
    • يو پي ايس هميشه ڪنهن سُٺي ڪمپني جو خريد ڪريو جنهن ۾ ٽرانسفارمر جي تار ۽ ڪَوَر سُٺي ڪوالٽي جو لڳل هجي۔ ياد رکو غير معياري يو پي ايس ۾ بيٽري چارجنگ ۾ بجلي گهڻي ضايع ٿيندي آهي ڇو جو ان جي تار ۽ ڪور جي ڪوالٽي سُٺي نه هوندي آهي۔ فرض ڪريو توهان غير معياري يو پي ايس لڳرائي ڇڏيو آهي۔ جنهن ۾ چارجنگ جي دوران 30 واٽ ضايع ٿي رهيا آهن ۽ روزانو 6 ڪلاڪ بيٽري چارج ٿيندي آهي ته ضايع ٿيندڙ بجلي اندازن 180 واٽ ٿيندي يعني 5400 واٽ هر مهينو۔!!
    • اگر سُٺي ڪوالٽي جو يو پي ايس لڳراجي ته پنهنجا پيسا 3 کان 5 سالن ۾ ڪڍي وٺندو آهي۔
    • اگر توهان جو گهر ٻه منزله آهي ته هر منزل لا الڳ الڳ يو پي ايس لڳرائڻ گهرجي۔
    يو پي ايس خريد ڪرڻ وقت هيٺين ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي
    1. عام طور تي يو پي ايس ۾ بيٽري لا اوور وولٽيج ڪٽ آف (over voltage cutoff) ته هوندو آهي پر انڊر وولٽيج ڪٽ آف (under voltage cutoff) نه هوندو آهي جيڪو ضرور هجڻ گهرجي۔ اهو انڪري ضروري آهي ته اگر بيٽري جو وولٽيج تمام گهٽ ٿي وڃي ته يو پي ايس بند ٿي وڃي۔
    2. اگر ڊجيٽل وولٽيج ميٽر(بيٽري لا) لڳل هجي ته تمام بهتر آهي۔
    3. جيڪي تارون يو پي ايس مان بيٽري ۾ لڳن ٿيون اُهي ٿلهيون هجڻ گهرجن،ڇو جو سنهيون تارون جلد گرم ٿي وينديون آهن۔
    [​IMG]
    بيٽري جو انتخاب
    • 500 ۽ 700 واٽ جي يو پي ايس کي سنگل بيٽري ۽ 100 واٽ جي يو پي ايس کي ڊبل بيٽري لڳندي آهي۔
    • 500 واٽ يو پي ايس ۾ 125AH کان 175AH تائين جي بيٽري ڪافي آهي ، 700 واٽ يو پي ايس ۾ 125AH کان 190AH تائين بيٽري ۽ 1000 واٽ ۾ 125AHکان 150AH جون ٻه بيٽريون ڪافي آهن۔
    [​IMG]
    [​IMG]

    • بيٽريون هميشه نيون وٺو۔ سيڪنڊ هينڊ يا مرمت ٿيل ڪڏهن به نه لڳرايو ڇو جو انهن ۾ چارجنگ دوران بجلي ضايع ٿيندي آهي۔
    • ماهرن جي تجربي مطابق اوساڪا(Osaka)، اي جي ايس (AGS) ۽ فوئينڪس (Phoenix) جون بيٽريون سٺيون آهن۔
    • مناسب ته اهو آهي ته هڪ ئي وڏي بيٽري لڳرائجي پر جيڪڏهن 500 يا 700 واٽ واري يو پي ايس ۾ 150AH جي بدران 75AH جون ٻه بيٽريون لڳل آهن ته بئي نيون هجن ۽ هڪ ئي وقت تبديل ڪجن۔ هڪ نئين ۽ هڪ پراڻي جو جڳاڙ ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪجي۔
    يو پي ايس جي فٽنگ ۽ استعمال
    [​IMG]
    • يو پي ايس اهڙي جڳهه تي لڳرايو جتي هوا جو گُذر ٿيندو هجي ڇو جو بيٽري چارجنگ جي دوران ان مان اهڙي گيس نڪرندي آهي جيڪا صحت لا هاڃيڪار آهي۔
    • اهڙي جڳهه جو استعمال ڪريو جيڪا توهان جي نظرن ۾ هجي، جتي آساني سان پهچي سگهجي ۽ سار سنڀال ۾ مشڪل نه ٿئي۔
    • عام طور تي اسان جا اليڪٽريشن يو پي ايس لا سنگل تار جي وائيرنگ ڪندا آهن جيڪا مناسب نه آهي۔ ان جو سبب عام ماڻهو نٿو سمجهي سگهي پر هميشه ڊبل تار جي وائرنگ لا اصرار ڪريو ڀلي ان ۾ ڪيترو به وڌيڪ خرچو ڇو نه ٿئي۔ اڪثر ڪري اهو ڏٺو ويو آهي ته سنگل وائرنگ جي ڪري بيٽريون جلد خراب به ٿي وينديون آهن۔ ڊبل تار جو مطلب هي آهي ته فيز ۽ نيوٽرل جون الڳ الڳ تارون هجن۔
    • بيٽري جي ٽرمينلز ۾ ڪنيڪشن کان پهرين ٿورو گريس ضرور لڳرايو ۽ پو ڪنيڪشن مضبوطي سان ٽائيٽ ڪرايو۔
    [​IMG]
    • جيئن پهرين چيو ويو آهي ته بيٽري ۾ ڊجيٽل وولٽيج ميٽر لڳرائجي ته بهتر آهي۔ اگر نه هجي ته اهو الڳ سان به وٺي لڳرائي سگهجي ٿو۔ (مارڪيٽ ۾ 450 کان 2000 تائين ملي ٿو۔)
    • چارجنگ جي دوران بيٽري جي وولٽيج 14.2 کان وڌيڪ نه ٿيڻ گهرجي ۽ جڏهن يو پي ايس استعمال ٿيندو هجي ته بيٽري جو وولٽيج 10.5 کان گهٽ ڪڏهن به نه ٿيڻ گهرجي۔ ان ڳالهه جي خبر توهان کي ڊجيٽل وولٽيج ميٽر مان ئي پوندي۔ انڪري جڏهن توهان ڏسو ته بيٽري اوور چارج ٿي رهي هجي يا استعمال دوران وولٽيج 10.5 کان هيٺ ٿي رهيو آهي ته پنهنجي يو پي ايس جي سيٽنگ ڪرائي وٺو ٻي صورت ۾ بيٽري 6 کان 9 مهينن ۾ خراب ٿي ويندي۔
    • موٽر واريون شيون مثلن گرائينڊر، جوسر وغيره تمام گهڻو ڪرنٽ کڻنديون آهن انڪري انهن کي يو پي ايس تي استعمال ڪرڻ خطرناڪ آهي۔
    • اگر يو پي ايس نئين بيٽري سان به درست هلي نه سگهي ته ان ڳالهه جي پڪ ڪريو ته واپڊا واري لائيٽ 220 وولٽ پوري اچي رهي آهي۔ اگر سپلائي 220 وولٽ کان گهٽ پئي اچي ته بيٽري صحيح چارج نه ٿي سگهندي اهڙي صورت ۾ يو پي ايس سان گڏ اسٽيبلائيزر جو استعمال ڪرڻ گهرجي۔
    • پکن کي يو پي ايس تي بلڪل آهستي نه هلائڻ گهرجي۔ ڊمر کي گهٽ ۾ گهٽ اڌ تي ضرور رکڻ گهرجي۔
    • اگر يو پي ايس تي 50 لوڊ وڌو وڃي ۽ روزانو 6 ڪلاڪ استعمال ڪيو وڃي ته بيٽري 12 کان 15 مهينا ڪڍي ويندي آهي۔ بيٽري ختم ٿيڻ جي واضع نشاني اها آهي ته يو پي ايس ٿوري دير هلي بند ٿي ويندو۔ ٻي نشاني هي آهي ته چارجنگ جي دوران بيٽري تمام گهڻي گرم ٿي ويندي آهي۔ اهڙي صورت ۾ بيٽري کي جلد از جلد تبديل ڪرڻ گهرجي نه ته بجلي تمام گهڻي ضايع ٿيڻ لڳندي آهي۔
    [​IMG]
    • شروع جا 3 يا 5 مهينا بيٽري ۾ پاڻي وجهڻ جي ضرورت نه پوندي آهي۔ توهان بيٽري جو پاڻي وقت به وقت چيڪ ڪندا رهو۽ بيٽري جو پاڻي لو ليول جي نشان کان هيٺ ٿيڻ بلڪل نه ڏيو۔اگر بيٽري خشڪ ٿي وئي ته ان جي ڪارڪردگي متاثر ٿيندي ۽ تمام جلد خراب ٿي ويندي۔ پاڻي گهٽ ٿيڻ جي صورت ۾ صاف پاڻي اُٻاري پو ٿڌو ڪري وجهڻ گهرجي پر بيٽري کي بلڪل فل نه ڀرڻ گهرجي۔
    • گهٽ ۾ گهٽ 3 کان 4 مهينن کانپو يو پي ايس کي کولي ان جي صفائي ضرور ڪندا ڪريو، اگر صفائي نه ڪئي ويندي ته ان جي سرڪٽ ۾ ڄميل مٽي اندر ئي اندر وائرنگ ۽ تارن کي خراب ڪري ڇڏيندي۔
    • اگر يو پي ايس استعمال نه ٿيندو هجي ته ان کي آف ڪري ڇڏيو ڇو جوڪو به لوڊ نه هجڻ باوجود بيٽري 1A,2A استعمال ڪندي آهي۔
    آخر ۾ دعا آهي ته الله پاڪ اسان جي حڪمرانن کي هدايت ڏئي ته جيئن اهي عوام جي بهتري لا درست قدم کڻن ۽ اسان کي لوڊ شيڊنگ کان نجات ڏيارين۔ آمين۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. گلزار احمد

    گلزار احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 جون 2009
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    313
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ماڳ:
    رحيم يار خان
    لوڪل ٺهيل يو پي يس بدران چائنه جا يو پي ايس استعمال ڪريو، انهن تي بيٽرين جي زندگي به وڌندي آهي ته ٽائمنگ به ڊبل ملندي۔
    بيٽريون اگر ڊرائي استعمال ڪريو ته بهتر آهي، مگر ڊرائي بيٽرين جو ٽيمپريچر 30 کان 35 ڊگريون سينٽي گريڊ هجڻ کپي۔
    ٿي سگهي ته سولر پينل ضرور لڳايو انهن سان گڏ سولر ڪنٽرولر به لڳايو ان سان بيٽريون سولر تان چارج ٿينديون  بجلي جي بچت ٿيندي۔
    اڄ ڪله 10 واٽ جون سنگل ايل اي ڊي لائٽون چائنه جي مارڪيٽ ۾ دستياب آهن، انهن جي روشني به گهڻي آهي ته بجلي جو واهپو تمام گهٽ آهي۔
    اگر وقت مليو ته سولر سسٽم لا لکبو جو مارڪيٽ ۾ سولر پينل کوڙ سارا دستياب آهن۔ مونو ڪتسٽلائين تمام سٺا پر مهانگا آهن، ڪنٽرول ايم پي پي ٽي ڀلا آهن، يو پي ايس هائبرڊ ڀلا آهن۔ هن هڪ لائين ۾ گهڻو ڪجه چيم، وقت مليو ته تفصيل ڏبي۔انشاالله۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. میر چند

    میر چند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    37
    ورتل پسنديدگيون:
    46
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    جوھي
    اوھان جا لک قرب‎ ‎امید تہ اوھان ان سلسلي کي جاري و ساري رکندا ۔ وقتائتي ونڊ۔
     
  4. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام ڪارئتي وند
    مهرباني
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لک قرب سٺو معلوماتي ليک آهي ۔۔۔۔۔ مان جنريٽر بجاء هميشه يو پي ايس کي ترجيح ڏيندو آهيان جو آواز جو پاليوشن مونکي پسند ناهي۔ هن دفعي الائي ڇو بيٽري جلدي پوري ٿي وئي ۽ بئڪ اپ نه پئي ڏئي۔۔۔۔ پر پوء به اوهان واري معلومات سان هاڻ بهتر ڪيئر ڪري سگهبي۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    لک ٿورا اوهان سٺيون ڳالهيون ۽ صلاحون ونڊ ڪيون آهن۔

    اوهان کي عرض آهي ته سولر پينل ۽ سولر سسٽم بابت اسنکي تفصيلي آگاهي ڏيو۔ مان پنهنجي ڳوٺ خيرپور ۾ سولر پينل لڳائڻ چاهيان ٿو پر گهڻا تفصيل موجود ناهن۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو