ڪير ٿو چوي ته سنڌ جو آواز ختم ٿي ويندو ۔۔۔۔ سنڌ جا اهڙا پٽ جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايندا ته سنڌ جو آواز نه فقط دنيا ۾ گونجندو بلڪ هڪ ڏينهن سوڀارو پڻ ٿيندو ۔۔۔۔ پي ايس 69 تان اليڪشن کٽي ايوان ۾ پهچندڙ پ پ ايم پي اي سيد سردار علي شاهه جي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيل زبردست تقرير ضرور ٻڌندا.هڪ ٻي ڳالهه به نوٽ ڪندا ته سردار شاهه جنهن وقت سنڌ لاءِ تقرير ڪري رهيو آهي ته اسپيڪر سراج دراني کيس ٽوڪي ۽ روڪي رهيو آهي ۽ پنهنجي وڏيراڻي سوچ ظاهر ڪري رهيو آهي. ان مان صاف ظاهر آهي ته وڏيرو ڪڏهن به سنڌ پرست نه ٿيندو.سيد سردار علي شاهه کي سچ تي مبني تقرير ڪرڻ تي سلام پيش ڪجي ٿو https://www.facebook.com/video.php?v=695792847114454
سنڌ ۽ سنڌي عوام کي هميشه سردارن ۽ وڏيرن ئي هر ميدان ۾ پوئتي ڌڪيو آهي، ڀلي هو تعليم جو ميدان هجي، سياست جو ميدان هجي يا راند جو ميدان هجي اسان سڀني کي سردار شاهه تي فخر آهي ۽ چاهيون ٿا ته سنڌ جو هر واسي پنهنجي سنڌ لا اڳتي وڌي آواز اٿاري۔۔۔ جيئي سنڌ، سنڌ سلامت
سردار شاهه پهريان به ڪاوش ۾ سنڌ جي مسئلن تي لکندو رهيو آهي ۽ هو سنڌ جي تاريخ، ثقافت ۽ قدرن کان چڱي ريت واقف آهي۔ سندس اها تقرير سچ ته يادگار تقرير آهي۔ افسوس جو دراني جهڙي روايتي وڏيرن جي ڌٻڻ مان پاڻ ڇڏائڻ ڏينهون ڏينهن ڏکيو ٿيندو وڃي۔