جيڪڏهن توهان چاهيو ته ميڊيا پليئر ۾ البم آرٽ جي جاءِ تي پنهنجي پسند جي تصوير لڳائي سگهو ٿا. ڪرڻو هي آهي ته جتي توهان جي ويڊيو فائيل پئي آهي، اتي ڪابه جي پي جي فارميٽ جي تصوير رکو ۽ انهيءَ جو نالو تبديل ڪري Folder رکي ڇڏيو. جڏهن توهان ويڊيو Play ڪندا ته البم آرٽ ۾ اُهائي تصوير نظر ايندي.