• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا ليٽي پڙهڻ نظر لاءِ نقصان ڪار آهي۔۔۔؟

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
ان سوال جو درست جواب ته سائين حڪيم محمد يوسف کتري يا اکين جو ماهر ئي ٻڌائي سگهي ٿو ۔۔۔۔ پر منهنجي ناقص راءِ موجب اهڙو عمل اکين لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو۔۔۔۔ ان باوجود ڇو ته اهڙي طرح پڙهڻ سڪون ڏياريندڙ عمل آهي ۽ ڳچي کي ٽيڪ به ملي ٿي ان ڪري مان هميشه ڪوشش جي باوجود ليٽي ڪتاب پڙهڻ کان پاڻ کي روڪي نه سگهيو آهيان۔۔۔
ها ان دوران جيڪڏهن ڪا پريشاني سامهون آئي به آهي ته اها آهي ڪتاب جو درست طريقي سان نظر نه اچڻ ۔۔۔۔ جنهن ڪري بار بار ڪتاب کي مٿي يا هيٺ ڪرڻ سان گڏو گڏ ڪنڌ کي ويهاڻي تي درست طريقي سان رکڻ جي جدو جهد شامل هوندي آهي۔۔۔ جنهن سان پڙهڻ جو مزو مجروح ٿيندو آهي ۔۔۔ خاص طور جاسوسي ناول پڙهندي۔۔۔
پر هاڻي انگريز ڪمپني Hammacher Schlemmer هڪ اهڙو چشمو تيار ڪيو آهي جنهن ذريعي توهان ليٽي ڪتاب کي آرام سان پڙهي سگهو ٿا۔۔۔ جنهن سان وهاڻي کانسواءِ ڪنهن ٻئي سهار جي ضرورت ئي نه رهندي۔۔۔۔

glass2e.jpg

اهڙي طرح توهان پنهنجي پڙهڻ جي عادت کي ختم نه ڪريو ۔۔۔۔ هن 50 پائونڊ واري چشمي کي استعمال ڪري آرام سان بيهي۔۔۔۔ ويهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يا ليٽي سڪون سان ڪتاب پڙهو ۽ ٻين کي به پڙهڻ سيکاريو۔۔۔۔

glass1.jpg
 
جواب: ڇا ليٽي پڙهڻ نظر لاءِ نقصان ڪار آهي۔۔۔؟

مطلب ته ننڊ ۾ به نظر ايندو ۔۔۔ ان نموني ليٽي پڙهڻ سان پاڻکي پنجن منٽن جي جهٽڪي ۾ ننڊ اچيو وڃي ۔۔۔ جهٽڪي کان پوءِ خبر پوندي آهي ته پاڻ وارو چشمو ٽيڙو ٿي ويو آهي ۽ ڪتاب ڇاتيءَ تي هوندو آهي ۔۔۔

پڙهڻ جا ٻه قسم آهن ۔۔۔ هڪ تحقيقي ۽ ٻيو جمالياتي ۔۔۔ تحقيقي پڙهڻ لئه خاص ڪمرو خاص ميز ۽ خاص ماحول جي ضرورت هوندي آهي ۔۔۔ باقي مزي لئه پڙهڻ وقت ماڻهون آرام سان ويهي، سمهي (اونڌو يا سڌو) يا بيٺڙ، مطلب ته هر انداز سان مزو وٺي سگهي ٿو ۔۔۔

سائين رشيد صاحب، چشمو ڪارائتو آهي، سنڌ ۾ اچي ته ڏسون ۔۔۔ اصل نه به ته لالو کيت ۾ نقل ته ضرور ملي ويندو ۔۔۔
 
جواب: ڇا ليٽي پڙهڻ نظر لاءِ نقصان ڪار آهي۔۔۔؟

سائين مطالعي جي شوق ۾ ائين ئي ٿيندو آهي جو ماڻهو ويهي ويهي ٿڪجي پوندو آهي پر ڪتاب مان دل نه ڀرجڻ ڪري بستري تي به ڪتاب جو ساٿ نه ڇڏيندي ڪتاب سيني تي رکي پڙهڻ ۾ مزو محسوس ٿيندو آهي بهر حال سائين اوهان ڪارائتي چشمي جي ڳالهه ڪئي آهي اهڙي شيء دستياب ٿئي ته پوء وري سنگت کي آگاه ڪرڻ جي عنايت فرمائيندا۔
 
Back
Top