السلام عليڪم دوستو مونوٽ ٻٽن ڏينهن کان فائر فاڪس ۾ پرابلم اچي پيو هر اڌ ڪلاڪ ۾ اهو پرابلم ٿئي پيو ، ايڊ اينڊ رمو و مان ان انسٽالن ڪري وري ٻيهر ڪيو آهي پر ته به ساڳيو مسئلو آهي حل ٻڌائيندا اسڪرين شاٽ هي آهي 3044 اٽيچمينٽ ڏسو
سائين هن پرابلم کي ختم ڪرڻ لا هيٺ هدايتن تي عمل ڪريو سڀ کان پهرين هن کي بند ڪرڻ جي لا ٽول مينيو ۾ وڃي آپشن تي ڪلڪ ڪريو۔پو اتي ايڊوانس تي ڪلڪ ڪريو اتي لکيل هوندو submit crash report ان کي ان چيڪ ڪريو وڏيڪ لا هيٺ شارٽ اسڪرين ۾ ڏسو اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويو هوندو
ادا مونوٽ پرابلم برقرار آهي ، مونوٽ آپشن ۾ سبمٽ ڪريش رپورٽ ڪونه پئي اچي! 3046 اٽيچمينٽ ڏسو 3046 اٽيچمينٽ ڏسو
گوگل ڪروم وانگر هاڻي فائرفاڪس به پنهنجي نون ورشنس ۾ مختلف پلگ ان شامل ڪرڻ شروع ڪيا آهن۔۔۔ پر جيئن ته ڪمپيوٽر يوزر اڳ ئي ايڊوبي فليش پليئر يا ايڊوبي پي ڊي ايف ريڊر پنهنجي سسٽم ۾ انسٽال رکندو آهي ان ڪري برائوزر جي بلٽ ان پلگ انز ۾ ڪمپيٽيبلٽي جا اشوز سامهون ايندا رهندا آهن۔۔۔ فائر فاڪس جي پراڻي ورشن ۾ Quality Feedback Agent نالي هڪ آپشن موجود هيو جنهن سان ڪريش رپورٽ کي سنڀالي سگهبو هو۔۔۔ پر نئين ورشن ۾ ان کي ختم ڪندي هڪ ڊائلاگ باڪس آندو ويو آهي۔۔ جنهن کي غير فعال بنائڻ لاءِ بظاهر فائرفاڪس ڪجهه نه رکيو آهي۔۔۔ ان ڪري اهڙي قسم جا ايررس اچي سگهن ٿا۔۔۔ ادا فاروق جو حل ڪافي حد تائين موثر آهي۔۔۔ پر جي توهان چاهيو ته اهڙن ايررس کي مڪمل طور غير فائل هڪ غير معمولي ۽ نسبتن ڏکي ٽرڪ سان ڪري سگهو ٿا۔۔ ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريان اسٽارٽ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري Run پروگرام کوليو جنهن ۾ %programfiles%\Mozilla Firefox پيسٽ ڪري ڪيبورڊ تان انٽر پريس ڪريو يا وري پروگرام فائيلز جو فولڊر کولي موزيلا فائرفاڪس جو فولڊر کوليو۔۔۔ جتان application.ini نالي فائيل کي ورڊ پيڊ پروگرام ۾ کوليو۔۔۔ فائيل جي آخر ۾ توهان کي هيٺيو ڪوڊ نظر ايندو پي ايچ پي: [Crash Reporter]Enabled=1ServerURL=https://crash-reports.mozilla.com/submit هتي ڪريش رپورٽ کي فعال رکڻ لاءِ Enabled=1 ڪوڊ لکيو ويو آهي۔۔۔ توهان ڪوڊ ۾ معمولي تبديلي ڪندي انگ 1 کي زيرو ۾ تبديل ڪريو يعني Enabled=0 ڪريو۔۔۔ هاڻي فائرفاڪس کي ريسٽارٽ ڪريو۔۔۔ سامهون ايندڙ ايرر جو مستقل خاتمو ٿي چڪو هوندو۔۔۔