مڪلي جا ڪجهه نوان تصويري منظر

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ عباس ڪوريجو طرفان آندل موضوعَ ‏3 سيپٽمبر 2013۔

  1. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    مڪلي جون ڪجهه نيون تصويرون۔
    [​IMG][​IMG]
     
    20 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين تصويرون
     
  3. عباس ڪوريجو

    عباس ڪوريجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    930
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    شاگرد ۽ استاد
    ماڳ:
    قمبر، سنڌ
    مڪلي اسان جي تهذيبي تاريخ جو اڻ مٽ اثاثو آهي۔
     
  4. راهب ماريجو

    راهب ماريجو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏26 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نوڪري
    ماڳ:
    ڪراڇي
    مڪلي اسان جي تهذيبي تاريخ جو اڻ مٽ اثاثو آهي۔ پر مون کي نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي ت اسان پنهنجن اثاثن کي انتھائي بيدردي سان برباد ٿيندو ڏسي رهيا آهيون۔ انهن اثاثن کي بچائڻ م اثآر قديما کاتو ڪي ب اپاو ن وٺي رهيو آهي۔
     
  5. ايس ايم درس

    ايس ايم درس
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2012
    تحريرون:
    388
    ورتل پسنديدگيون:
    875
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    School Operator SEF
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو ملير ڪراچي
    بهترين تصويرون ادا
     
  6. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    ادا بلڪل مڪلي اسان لا وڏي اثاثو آهي. تمام بهترين شيئرنگ آهي.
    آئون عيد جي ٻئي ڏهاڙي مڪلي تي دوستن سان گڏ ويو هئس.
    ڪجهه مڪلي جي باري ۾

    تاريخي قبرستان مڪلي

    شاهه محمد مغل

    ٺٽو شهر ته پنهنجي دور جو هڪ بادشاهي شهر ٿي گذريو آهي، پنهنجي وقت ۾ هي شهر علم ۽ ادب جو عاليشان مرڪز ۽ ماضي ۾ سنڌ جو تخت گاهه پڻ رهيو آهي. علم ۽ فضل جو اهو عالم هو جو دنيا مان علم جا پانڌيئڙا ٻيڙين ذريعي هن شهر ۾ اچي علم جي اڃ اجهائي واپس ويندا هئا. جڏهن ته اديب، دانشور ۽ الله لوڪ بزرگ، اهل علم ۽ اهل دل هتي ئي رهائش اختيار ڪئي جيڪي پنهنجي وقت جو وارو ڄمائي آخر مڪلي جي قبرستان ۾ ابدي ننڊ وڃي ستا. مڪلي قبرستان ٺٽي شهر کان ٻن ميلن جي پنڌ تي ڪراچي ويندڙ شاهراهه جي لڳ پنهنجي زماني جي عظيم داستانن ۽ ڪهاڻين کي پڙهڻ ۽ پروڙڻ لاءِ هڪ کليل ڪتاب جيان نيري آسمان هيٺان موجود آهي، جنهن جي هڪ هڪ قبر ۽ هڪ هڪ مقبرو تاريخ ۽ تهذيب جا قصا ٻڌائين ٿا. هن تاريخي ۽ يادگار قبرستان ۾ ايتريون ته نامور شخصيتون آرامي آهن جو انهن جو ڪاٿو ڪرڻ تمام مشڪل آهي. چون ٿا ته مڪلي ٽڪري جي مقام ۾ ڏهه لک انسان لٽيل آهن، جن مان سوا لک ته بزرگ ستيون آرامي آهن. مڪلي قبرستان جي پکيڙ اٽڪل ساڍا تيرنهن ميل آهي. مڪلي ٽڪري هاڙهي جبل جي هڪ شاخ آهي جيڪا رني ڪوٽ جي ٽڪرين واري قطار مان شمار ڪئي وڃي ٿي. مڪلي قبرستان تي مڪلي نالو ڪيئن پيو ان لاءِ مختلف روايتون ملن ٿيون ته چون ٿا ته هڪ الله لوڪ بزرگ مڪي شريف ويندي هتي اچي ترسيو ۽ سندس اهڙي حالت پيدا ٿي جو هو وجد ۾ اچي ويو ۽ جوش ۾ چوڻ لڳو ”هٰذهه مڪته لي“ اهڙي طرح اهي لفظ بار بار ورجائيندو رهيو ۽ عام ماڻهن جي زبان تي هن ٽڪري جو نالو مڪلي پئجي ويو پر سنڌ جو ناميارو تاريخدان ۽ عالم پير حسام الدين راشدي لکي ٿو ته ڊيگامبر فرقي جي باني منڪلي جي نالي پٺيان انهيءَ ٽڪري تي مڪلي نالو پيو. مڪلي ٽڪري تي موجود قبرن تي ٿيل نقش نگاري نهايت خوبصورت ۽ ديده زيب آهي. مقبرن تي ٿيل چٽسالي ۽ گلڪاري فن تعمير جو اعليٰ نمونو پيش ڪن ٿيون مزارن مٿان پٿرن جي ٿيل اڪر جو مثال ئي ڪونهي جن کي ڏسي ڏسندڙن جو عقل دنگ رهجو وڃي ٿو. صديون گذري وڃڻ کان پوءِ به ائين پيو لڳي ڄڻ اها چٽسالي گذريل ڏينهن ڪئي وئي آهي. قبن ۽ قبرن تي ڪتبا به لکيل آهن جن جي پڙهڻ سان انهن نامور شخصيتن جي ڄمڻ، وفات، ڪارنامن، علمي لياقت، ڪردار ۽ سورهيائي جي ڄاڻ ملي ٿي، ڪن ڪن قبرن ۽ مقبرن تي فارسي ڪتبن کان علاوه قرآن شريف جون آيتون ۽ فارسي جا وڏا بيت اڪريل آهن، جيڪي خطاطي جو شاهڪار نمونو پيش ڪن ٿا. مڪلي ٽڪري قبرستان ۾ ڪيترائي پنهنجي وقت جا عالم، حاڪم ۽ امير دفن ٿيل آهن جن ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، شيخ عالي، شاهمراد شيرازي، مخدوم ابوالقاسم نقشبندي، مائي مڪلي، پير پٺو، جميل شاهه ڏاتار گر ناري، مير شيخ قانح، مرزا جاني بيگ، مرزا غازي بيگ، مرزا عيسيٰ خان ترخان، مرزا تزل بيگ، مرزا باقي بيگ، نواب امير خليل خان، ڄام نظام الدين، عبدالرحمان، ميئون سيد عالي شيرازي، امير سلطان محمود، سيد حسام الدين راشدي، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻيا هزارين بزرگ ۽ انسان ابدي ننڊ ستل آهن ياد رهي ته مشهور جرمن اسڪالر خاتون ڊاڪٽر ايني ميري شمل به مڪلي جي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري هئي، جنهن تي ان وقت جي حڪمرانن به ڊاڪٽر شمل جي انهيءَ خواهش کي منظور ڪيو هو. ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي آخري آرامگاهه لاءِ پير حسام الدين راشدي ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي جي مزارن جي پهلوءَ ۾ جڳهه مخصوص ڪرائي هئي. هونئن ته مڪلي جي هر مزار ۽ مقبرو نقش نگاري ۽ بناوٽ جي لحاظ کان پنهنجو مٽ پاڻ آهي، پر سمن جي حڪمران ڄام نظام الدين ۽ مرزا عيسيٰ خان ترخان جا مقبرا پنهنجي حسن ۾ ڪو به ثاني نٿا رکن. ڄام نظام الدين سمون جنهن کي ماڻهو پيار منجهان ڄام نندو به چوندا هئا. سندس حڪمراني ۽ رحمدلي، عدل ۽ انصاف جي ساراهه لاءِ سنڌ جون سموريون تاريخون ڀريون پيون آهن. سنڌ جي هن عظيم بادشاهه جو مقبرو جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن پاڻ پنهنجي جيئري تعمير ڪرايو هو. ڄام نندي سنڌ تي اٽڪل اڌ صدي حڪمراني ڪئي جنهن ۾ هر طرف امن، محبت، پيار ۽ علم و عرفان جو دور هو. ڄام نندي سن 900 هجري ۾ ننگر ٺٽي شهر جي نئين سر اڏاوت ڪئي، جيڪو دنيا جو مشهور مرڪز بڻجي ويو جتي هن 400 يونيورسٽيون، 1200 مدرسا ۽ مڪتب قائم ڪرايا. سنڌ جو عظيم سورهيه ۽ سپهه سالار شهيد دولهه دريا خان جو به مقبرو مڪلي تي آهي، شهيد دولهه دريا خان ڄام نندي جو خاص وزير هو جيستائين ڄام نندو زندهه هو تيستائين سنڌ تي ڪنهن به ميري اک کڻي نه ڏٺو. سنڌ مٿان ڄام نندي جي حڪومت ۾ جن به دشمنن ڪاهون ۽ حملا ڪيا ته کين دولهه دريا خان پنهنجي همت ۽ بهادري سان اهڙا ٽوٽا چٻايا جو وري هو سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جو ست نه ساري سگهيا. ڄام نندي جي وفات کان پوءِ سندس پٽ ڄام فيروز تخت تي ويٺو پر حڪومت جي معاملن ۾ بلڪل ڄٽ ۽ وڏو عياش هو. سندس ڪمزور حڪومت جو فائدو وٺي ارغونن سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ وڏي لڙائي لڳي. هيڏانهن دولهه دريا خان پنهنجي پوري همت ۽ بهادري سان ارغونن سان مهاڏو اٽڪايو پر ارغونن ڊوهه ڪري دولهه دريا خان کي شهيد ڪري ڇڏيو ۽ اهڙي ريت سنڌ ڌارين جي قبضي هيٺ اچي وئي ۽ سوين سال غلامي جو ڳٽ سنڌ ۽ سنڌين جي ڳچي ۾ پيو رهيو. مڪلي جي مقام ۾ حضرت عبدالله شاهه اصحابي جو مقبرو پڻ آهي، جيڪو اسلامي فن ۽ تعمير جو خوبصورت ۽ بهترين نمونو آهي. عبدالله شاهه اصحابي جو هر سال ٽي روزه عرس مبارڪ به نهايت عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. مشهور لوڪ داستان نوري ڄام تماچي جي ٻنهي مکيه ڪردارن نوري مهاڻي ۽ ڄام تماچي جون مزارون به آثار قديمه وارن جي سروي رپورٽ موجب مڪلي قبرستان ۾ آهن، جڏهن ته تمام مشهور آهي ته نوري ڄام تماچي جون قبرون ڪينجهر ڍنڍ ۾ آهن. مڪلي جي مقام ۾ لاتعداد سمجدون به هيون هن وقت صرف انهن جا ڦٽل آثار نظر اچن ٿا. تحفته الڪرام ۾ لکيل آهي ته مڪلي ۾ هر هڪ قدم تي ولين جون آرامگاهون ۽ هر هڪ وک تي پرهيزگارن جو مرڪز آهي.

    روزاني عوامي آواز​
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Lutif Jokhio

    Lutif Jokhio
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2014
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪانسل ٽيبل سنڌ پوليس
    ماڳ:
    درساڻو ڇنو
    ادا بهترين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو