اڄوڪو ڏينهن 3 سيپٽمبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 3 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

3 سيپٽمبر 1936ع گلوڪارہ رام نواڻي (ميرپور خاص / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
3 سيپٽمبر 1936ع ڪھاڻيڪار، مترجم ۽ تاريخدان
جينت ريلواڻي (لاڙڪاڻو/هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
3 سيپٽمبر 1946ع شاعر ڪوثر ناٿن شاهي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
3 سيپٽمبر 1954ع نامياري صحافي
ڊاڪٽر جبار خٽڪ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
3 سيپٽمبر 1957ع صحافي غلام سرور سنجراڻي (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
3 سيپٽمبر 1966ع صحافي ۽ اديب
جعفر ميمڻ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
3 سيپٽمبر 1967ع ليکڪ حفيظ سرمد (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي.
3 سيپٽمبر 1967ع شاعر فدا سنجراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
3 سيپٽمبر 1964ع پاڪستاني گلوڪار / نعت خوان جنيد جمشيد جو جنم ڏينهن آهي.
3 سيپٽمبر 1969ع شاعر غلام حسين بيتاب (نئون ديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
3 سيپٽمبر 1987ع اديب ۽ مترجم
ڊاڪٽر علي احمد قاضي جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

3 سيپٽمبر 1941ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عاقل جو لاڏاڻو ٿيو.
3 سيپٽمبر 2013ع نامياري اديب
ابن الياس سومري جي وفات ٿي.

3 سيپٽمبر جا اھم واقعا:


1260ع - فلسطين ۾ مسلمانن ۽ منگولين جي وچ ۾ تاريخ جي ھڪ اھم جنگ لڙي وئي. ھن جنگ کي "عين جالوت واري جنگ" ڪوٺيو وڃي ٿو.
1939ع - ٻي عالمي جنگ ۾ برطانيہ ۽ فرانس نازي جرمنيءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪيو.
1976ع - آمريڪي خلائي جھاز وائيڪنگ ٽو (Viking 2) مريخ گرھ جي مٿاڇري تي لٿو.
1977ع - پاڪستان جي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي قصوري قتل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
1994ع - چين ۽ روس جي وچ ۾ ائٽمي جنگ نہ ڪرڻ جو معاھدو ٿيو.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top