جواب: سلام
سائين نجيب صاحب، ڀلي ڪري آيا ۔۔۔ جي آيا ۔۔۔ خيرپور ناٿن شاه ، سنڌ سڄڻن جو شهر آهي ۔۔۔ اوهان به هن سنڌ سلامت جي اڱڻ تي اميد ته ساٿ نڀائيندي سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ هن اڱڻ جي دوستن سان ٻانهن ٻيلي ٿي پاڻ ملهائيندا ۔۔۔
اوهانکي هيءَ اوطاق ڪيئن لڳي ۔۔۔ ؟
ٻيو ضروري عرض ته اوهان پنهنجو ٿورڙو تفصيلي تعرف پڻ ڪرائيندا ۔۔۔ مثلن تعليم ۔۔۔ ڪم ۽ پسند ناپسند جي ڪا ڄاڻ پوي ته دوستيءَ جو مزو اچي ۔۔۔
هن اوطاق جي دوستن جو نعرو آهي ۔۔۔
سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ۔۔۔ اميد ته اوهان به ان سنڌ سڪار وارين دعائن ۽ عملن ۾ اسان سان گڏ رهندا ۽ ڀيرو ڀڃندا رهندا ۔۔۔
دعائن ۾ گڏ ۔۔۔۔