ڇا ڪراچي هڪ مُئل هاٿي آهي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏5 سيپٽمبر 2013۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڇا ڪراچي هڪ مُئل هاٿي آهي؟
    اعجاز منگي
    3078 اٽيچمينٽ ڏسو
    ڪراچي جي حقيقت اهڙي آهي، جهڙي سچائي ڀٽائي جي اِن سٽ ۾ سمايل آهي ته:
    ”مُئي هاٿيءَ سين مامرو، اچي ڪيو انڌن“
    ڇهن انڌن جي وچ ۾ پيل مُئل هاٿي واري ڪٿا صرف سنڌ جي لوڪ سمجهه تائين محدود ناهي. پر، ”مُئل هاٿي ۽ انڌن جي مامري“ کي پوري دنيا جي داناهيءَ پنهنجي پنهنجي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. هندو مت جي آڳاٽن پُستڪن ۾ به لکيل آهي ته ”هڪ راجا ڇهن انڌن کي گهرائي اُنهن جي وچ ۾ هڪ مُئل هاٿي کي رکرايو ۽ هر انڌي کي چيائين ته هي هاٿي آهي ۽ هاڻي تون هٿ سان ڇُهي مونکي ٻڌاءِ ته هاٿي ڪيئن هوندو آهي؟ جنهن انڌي هاٿي جي ڄنگهه تي هٿ ڦيرايو تنهن جواب ڏنو ته هاٿي هڪ پيل پائي جهڙو هجي ٿو ۽ جنهن انڌي هاٿي جي پُڇ ۾ هٿ وڌو تنهن جواب ڏنو ته هاٿي هڪ ٿلهي رسي جهڙو آهي ۽ جنهن هُن جي سُونڍ تي هٿ گهمايو تنهن چيو ته هاٿي وڻ جي ٿلهي ڏار جهڙو آهي. اُن کانپوءِ راجا جواب ڏنو ته سچائي به ائين آهي، جنهن کي جيڪو جنهن شي جي ويجهو هُجي ٿو اُهو ان شي کي پنهنجي تجربي جي بنياد تي سمجهي ٿو. اِن ڪهاڻي جي پسمنظر ۾ رچيل هڪ هندي شعر ۾ ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
    ”جهان تڪ نظر هي بس ساجن وهان تڪ خبر هي“
    اِها ساڳي ڪٿا مهاوير پاران شروع ڪيل جين ڌرم ۾ به لڳ ڀڳ ساڳئي انداز سان پيش ڪيل آهي ۽ اُن ڪٿا ۾ هڪ به راجا ڇهن انڌن کي گهرائي اُنهن کان پُڇا ڪري ٿو ته هاٿي ڪيئن ٿيندو آهي؟ ۽ هو به هاٿي جي مختلف عضون تي هٿ ڦيري پنهنجي پنهنجي مشاهدي جي حوالي سان هاٿي جي صورت بيان ڪن ٿا ۽ اُنهن کي به راجا اِهو ئي چوي ٿو ته اوهان سڀ صحيح آهي ۽ سڀ غلط آهيو. ڇو ته اوهان جو مشاهدو محدود آهي. ننڍي کنڊ جي اِنهي ڪٿا کي انگريز دانشور ۽ اديب جان گاڊ فريسيڪس 19 صدي دوران پنهنجي هڪ سادي سودي نظم ۾ هندستان جي حوالي سان پيش ڪندي مغربي ماڻهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي هُئي ته سچائي اُها ناهي جيڪا اوهان کي محدود حوالي سان محسوس ٿئي ٿي، پر سچائي تمام گهڻي وسيع آهي ۽ حق ۽ سچ کي صرف اُها اک ڏسي سگهي ٿي، جيڪا ڪنهن به لقاءَ کي هر پاسي کان ڏسي سگهي.
    سنڌ جي صوفي سمجهه جو سرچشمو رومي جي اُها مثنوي آهي جنهن ۾ اِنهي ساڳي مُئل هاٿي ۽ ڇهن انڌن جي ڪٿا کي ڪُجهه وڌيڪ وضاحت سان پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ رومي چيو آهي ته جڏهن ڇهن انڌن هڪ مُئل هاٿي کي هٿ لاهي ڏٺو ته اُنهن هاٿي جي جنهن جنهن انگ کي ڇُهيو ته، اُن جي حوالي سان هاٿي جي حقيقت بيان ڪئي آهي، جنهن هاٿي جي پيٽ کي هٿ لاٿو تنهن چيو ته هاٿي هڪ وڏي دڙي جهڙو آهي ۽ جنهن هاٿي جي ڪن کي هٿ لاٿو تنهن چيو ته هاٿي هڪ وڏي پکي جهڙو آهي ۽ جنهن هاٿي جي ڄنگهه کي ڇُهيو تنهن چيو ته هاٿي هڪ ڪري پيل وڻ جهڙو آهي. اِها ڪهاڻي بيان ڪرڻ بعد روميءَ پنهنجي اِها راءِ پيش ڪئي آهي ته سچائي گهڻو ڪري ڏسڻ واري جي دائري تي مدار رکي ٿي. ڪي ماڻهو سمنڊ جي گجيءَ کي سمنڊ سمجهن ٿا پر سمنڊ جي حقيقت ته صرف اُهي سمجهي سگهن ٿا جيڪي اونهيءَ عميق جي ڄاڻ رکندا هُجن. جيستائين انسان پنهنجي سمجهه جي حدن کي نٿو وڌائي تيستائين هو حقيقت جو گهڻ طرفو مشاهدو ماڻي نٿو سگهي. اُن ڪري سنڌي صوفين بار بار پنهنجي شاعري ۾ اِها دانهن ورجائي آهي ته:
    ”حد حد چليا هر ڪوئي، بي حد چليا نه ڪوءِ
    بي حد کي ميدان ۾ بيدل، کڙا اڪيلا روءِ“
    اِن حوالي سان ڪڏهن ڪڏهن نه پر اڪثر وقتن تي اِهو محسوس ٿيندو آهي ته ڪراچي جي ڪهاڻي به انڌي هاٿي جي اُن ڪٿا جهڙي آهي، جنهن کي مختلف وقتن تي مختلف حڪومتن ساڳي طرح پيش ڪيو آهي. جڏهن به وفاقي ۽ صوبائي حڪمران ڪراچي جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي حوالي سان هڪ ٽيبل تي اُردو چواڻي ”سر جوڙ ڪي“ ويهندا آهن، تڏهن ائين محسوس ٿيندو آهي اِن ٽيبل تي فائل نه پر مُئل هاٿي جهڙو اُهو شهر پيو آهي جنهن شهر کي هڪ مهاجر پنهنجي مفاد واري مشاهدي جي حوالي سان ڏسي ٿو ۽ هڪ پنجابي اُن تي پنهنجي فائدي وارو هٿ ڦيري پنهنجي پسنديده ڳالهه ڪري ٿو، هڪ پٺاڻ جو موقف الڳ آهي، جڏهن ته پنهنجي سرزمين جي گاديءَ واري شهر جي حوالي سان هڪ مجبور سنڌي اُها سچائي بيان ڪرڻ جو ساهس ئي نٿو ڪري سگهي، جيڪو عام طور تي سنڌي ماڻهن جي ڪچهرين ۾ بار بار ورجائبي آهي. سنڌي ماڻهن جي لاءِ هي شهر ائين آهي جيئن اياز جا اهي ٻول ته:
    ”ووءِ ڪراچي ڪامڻي، تنهنجو سهج سُڀاءُ
    ڏيندي بيک کڄي وئينءَ، پيئه ڪو نه سماءُ
    مونکي تنهنجو گهاءُ، جٽائو جيئن جيءَ ۾“
    ڏيهي ۽ پرڏيهي مهاجرن جي لاءِ هي شهر ڀلي مالِ غنيمت جهڙو هجي پر جن ماڻهن جو ڪراچي سان رشتو موکيءَ ۽ متارن جي قصي کان وٺي مورڙي ۽ مانگر مڇ جي ڪهاڻي تائين ڪيترن ئي علامتن سان لاڳاپيل رهيو آهي، اُهي ماڻهو هن وقت جنهن ڪيفيت ۾ مبتلا آهن اُها ڪيفيت نه معلوم تاريخ ۾ پنهنجو اظهار ڪري به سگهندي الائي نه!؟
    جنهن وقت صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن تي سنڌين جو راڄ هجڻ وارو طعنو ميڊيا ۾ دُهل وانگر وڄندو هو اُن وقت به پنهنجن ماڻهن جي حوالي سان هي شهر تمام گهڻو دُکي هو پر هاڻي ته هر پاسي واري سرڪار پنجابي سياستدانن وٽ آهي ۽ ميان نواز شريف جهڙيءَ ريت اڪبر بادشاهه وانگر پنهنجن سمورن رتنن سميت ٻن ڏينهن کان وٺي گورنر هائوس ۾ ويهي واپاري وڙن ۽ صحافي سڙن سان ويچار ونڊي رهيو آهي تنهن صورتحال کي به اسان روميءَ جي راءِ ۾ ائين پيش ڪري سگهون ٿا جيئن اُن معاملي کي لطيف اِنهن لفظن ۾ سمايو هو ته:
    ”مُئي هاٿي سي مامرو اچي ڪيو انڌن“
    پر جيئن ته ڪراچي هڪ اهڙو هاٿي آهي جيڪو جيئري لک ۽ مُئي ٻه لک لهندو آهي تهڙي طرح اُن کي سمجهڻ جي لاءِ جيڪي ناميارا نابين ڪٺا ٿيا آهن سي هونئن ته سڀ ڪجهه ڏسي سگهن ٿا پر اُنهن ڄاڻي واڻي پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن. ڇو ته مفادن واري اکيون پنهنجي فائدي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به پسي نه سگهنديون آهن. جيڪڏهن اُنهن جو مقصد هن گجگاهه شهر کي امن سان همنڪار ڪرڻ هُجي ته پوءِ امن کي قائم ڪرڻ ڪهڙو وڏو مسئلو آهي، پر ڪراچي کي هر ڌُر پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکڻ چاهي ٿي پوءِ اُهو ست سمنڊ پري ويٺل الطاف ڀائي هُجي يا پهاڙن تان هيٺ لهي آيل پٺاڻ هُجن يا ڪوڙا شناختي ٺهرائي هن شهر ۾ ڪاروبار ڪندڙ برمي، بهاري ۽ بنگالي هُجن يا اُهي ملٽي نيشنل ڪمپنين جا مالڪ، جن جي دنيا ڪورنگي انڊسٽريل ايريا ۾ هر ڏينهن ڪُشادي ٿيندي وڃي ٿي. سنڌ جي مفادن جي نگهباني ڪندڙ سياست ته هڪ اهڙي ڪونڊيءَ وانگر آهي جيڪا ڪراچي جي چوڌاري ننڍڙن ڳوٺن ۾ پنهنجي محدود وجود کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ محُو رهي ٿي، جڏهن ته سنڌ جي صحافت کي ڪُجهه سرڪار ۽ ڪجهه ملٽي نيشنل ڪمپنين مان ملندڙ ٽڪي ٽين پئسي وارن اشتهارن تائين پنهنجو ڇيهه محسوس ٿئي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ اُها بيباڪي ۽ اُها سرڪش سچائي نه ته پنهنجي سياست ۾ آهي ۽ نه صحافت ۾! جڏهن ته سنڌي ماڻهو هاڻي ڪراچي ۾ آهستي آهستي ائين داخل ٿي رهيا آهن جيئن ڪِوليون ۽ ماڪوڙيون مخالف اکين کان اوجهل رهڻ جي ڪوشش ڪندي پنهنجي جياپي جي ڪمزور جدوجهد ۾ مصروف هونديون آهن.
    سنڌ واسين کي ڪراچي ۾ امن ان لاءِ گهرجي ته جيئن ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي تاريخي حق کي مڃرائي سگهن جڏهن ته اُردو ٻولي ڳالهائيندڙ آبادي کي پنهنجي معاشي ۽ معاشرتي مفادن جو فڪر آهي ۽ پنجابي لوڪن جي ذهنن تان اُن سمنڊ جي سار لهڻ جو نالو ئي نٿي وٺي، جنهن جو بندرگاهه اُنهن جي انڊسٽريز کي بين الاقوامي مارڪيٽ فراهم ڪري ٿو. پٺاڻ به ساڳي معاشي مفاد جي دائري ۾ داخل ٿيل آهن. اهڙيءَ ريت ڪراچي جي امن جو مسئلو اِهو ناهي ته هتي ٽارگيٽ ڪلنگ بند ٿي وڃي يا ڀنگ لاءِ ٿيندڙ اغوائن جا سلسلا رُڪجي وڃن يا هڙتالون ۽ احتجاج نه ٿين ۽ ڀتي گيريءَ جي بازار ۾ مندي اچي. وزيراعظم ميان نواز شريف هر مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان ملڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هُن پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سان جهيڙو جوٽڻ بدران اُنهن جي مٿان هلڪو هٿ رکيو آهي ته جيئن هو ڪراچي ۾ پنجاب جي مفادن جو پُرامن پورائو ڪري سگهي. اُن ڪري ڳالهيون ڀلي ڪيتريون به ٿين ۽ پريس ڪانفرنسن ۾ ڪيترا به عزم ۽ ارادا اظهاريا وڃن پر حقيقت پوءِ به اُنهن مفادن جي چوڌاري گردش ڪندي رهي ٿي جيڪي مفاد صرف ۽ صرف معاشي آهن. جيڪڏهن ڪراچي ۾ بدامني جو سلسلو باهه وانگر ڀڙڪي اٿيو آهي ته اُن جي پويان به مختلف ڌرين جا اقتصادي مفاد آهن. جهڙي طرح اياز لکيو هو ته:
    ”جيسين مائر، ٻار ڄڻينديون، جيئڻ ڪارڻ جنگيون ٿينديون“
    تهڙي طرح جيستائين ڪراچي ۾ سرمايو موجود رهندو ۽ هتان جي ڪارخانن جون چمنيون دونهان ڪڍنديون رهنديون ۽ جيستائين نيون ۽ مهانگيون گاڏيون ڪراچي جي رستن تي ترنديون رهنديون ۽ جيستائين ڊفينس ۽ ڪلفٽن ۾ بنگلا تعمير ٿيندا رهندا ۽ جيستائين هر ڏينهن نوان شاپنگ مالز ٺهندا ۽ اُنهن ۾ خريداريون ٿينديون رهنديون تيستائين ڪراچي جي ميدان تي وڌيڪ پئسو ميڙڻ ۽ وڌيڪ امير ٿيڻ واري جنگ جاري رهندي. اِها جنگ جيڪا طبقاتي به آهي ۽ قومي به آهي. ميان نواز شريف پنهنجي حڪومت جي دوران ڪراچي کي موٽر وي ذريعي باءِ پاس ڪري پنجاب جي بين الاقوامي واپار کي محفوظ بڻائڻ جي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي به ويندو پر هن شهر جي جيءَ ۾ رهندڙ اُنهن انسانن جي وچ ۾ اِهي جهيڙا سدائين ٿيندا رهندا، جيڪي ماڻهو هڪ بهتر زندگي جي خواب سان محبت ڪندي هر ڏينهن جنگ ڪن ٿا. هاڻي ميان نواز شريف اهڙو ڇا ڪندو جهڙو اڳ ڪنهن حڪومت نه ڪيو هو؟ ميان نواز شريف فوج کي ته ڪراچي ۾ ڪنهن به صورت مقرر نه ڪندو ۽ نه وري فوج ڪراچي کي پنهنجي ڪنٽرول ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ راضي ٿيندي، پر فوج جو اِهو حصو جيڪو ڪراچي واسين جي لاءِ هاڻي عام ٿي ويو آهي، تنهن کي وڌيڪ سرگرم ڪرڻ جي سلسلي ۾ سرڪاري سطح تي سخت هدايتون جاري ٿينديون ۽ رينجرز جون ڪارروايون ڪُجهه وڌي وينديون پر سوال اِهو آهي ته ڪراچي ۾ جيستائين مختلف ۽ متضاد مفادن جي جنگ جاري رهندي تيستائين ڪراچي ۾ امن قائم ٿي ڪيئن سگهندو؟ ڇا وزيراعظم ميان نواز شريف هن شهر جي جوڙجڪ ۽ بيهڪ ۾ موجود بي انصافي کي ختم ڪري سگهي ٿو؟ ڇا لياري ۾ اُهي سهولتون اچي سگهن ٿيون، جيڪي ڊفينس ۽ ڪلفٽن جي رهواسين کي مليل آهن؟ ڇا ڪراچي جا سنڌي ڳوٺ به هڪ تحفظ ۽ تهذيب واري صورتحال ماڻي سگهن ٿا؟ ڇا ڪراچي ۾ ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“ واري روش ختم ڪري هن شهر کي مڪمل طور تي قانون ۽ انصاف جي اُنهن اصولن تي هلائي سگهجي ٿو جيڪي هاڻي ڪتابن تائين محدود آهن! ڪراچي اڄ به امن گهري ٿي ۽ امن انصاف کانسواءِ ڪڏهن به حاصل ٿي نٿو سگهي!!.
    تاريخ اسان کي اِهو ئي ٻڌايو آهي ته ڇهه ته ڇا پر 56 انڌا به هڪ مُئل هاٿي کي مڪمل طور تي سڃاڻي نٿا سگهن، پر هي دور اسان کي اِهو سمجهائي رهيو آهي ته انڌائپ جي ايڪٽنگ ڪندڙ نقلي نابين ته ڀلي 56 هزار هجن، تڏهن به اُن هاٿي جي حقيقت کي سمجهي نٿا سگهن جيڪو پاڻ مُئل هجڻ جو مڪر ڪري سُتو پيو آهي.

    (اعجاز منگي جو هي ليک روزاني ”سنڌ ايڪسپريس“ جي خميس 5 سيپٽمبر واري اشاعت ۾ به پڙهجو)
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو