هڪ نابين ڇوڪرو هڪ عمارت جي ڏاڪڻين تي پنهنجي ٽوپي لاهي ويٺو هو۔۔۔ ڀرسان ئي هڪ پاٺي تي هن عام ماڻهن کان مدد لاءِ لکي رکيو هو ته ۔۔۔۔ ”مان نابين آهيان ۔۔۔ منهنجي مدد ڪريو۔۔۔۔“ هن جي ٽوپي ۾ ڪجهه ڊينگلا روپيه رکيل هئا۔۔۔ انهي صبح جو ڪجهه ئي دير ۾ اتان هڪ همراه جو گذر ٿيو۔۔۔ هن پنهنجي کيسي مان ٻٽون ڪڍيو ۽ ڪجهه سڪا ڪڍي ٽوپيءَ ۾ اڇلايا۔۔۔ جنهن کان پوءِ هن نابين ڇوڪري جي ڀرسان رکيل پاٺي کي کنيو ۽ ان جي ٻئي پاسي ڏانهن ڪجهه لفظ لکيا ۽ پاٺي کي ٻيهر پنهنجي جڳهه تي ابتو ڪري رکيو۔۔۔ ماڻهن نابين ڇوڪري کي رقم ڏيندا رهيا۔۔۔ٿورڙي ئي وقت ۾ ٽوپي پيسن سان ڀرجي وئي۔۔۔ مجهند جو وقت اچي ٿيو ۔۔۔جنهن همراه پاٺي جي ابتي سائيڊ تي ڪجهه لکي رکيو هو ان جو ٻيهر اتان گذرڻ ٿيو۔۔۔ نابين ڇوڪري سندس پيرن جو آواز ٻڌي زور سان چيو ته ۔۔۔ ”ڇا تون اهو ئي آهين ۔۔۔۔ جنهن پاٺي جي لکائي کي تبديل ڪيو هو۔۔۔۔ مون کي ٻڌا تو پاٺي تي ڇا لکيو آهي۔۔۔؟“ همراه وراڻيو ۔۔۔ ”تو سچ لکيو هو پر ۔۔۔۔ مون ساڳي ڳالهه مختلف نموني لکي هئي۔۔۔“ مون لکيو هو ۔۔۔ ”اڄ ڪيڏو نه خوبصورت ڏينهن آهي۔۔۔ پر مان اهو ڏسي نه ٿو سگهان۔۔۔۔“ پاٺي جا ٻئي پاسا ماڻهن کي ٻڌائي رهيا هيا ته ڇوڪرو نابين آهي۔۔۔ پر هڪ پاسو صرف سادي نموني ٻڌائي پيو ته ڇوڪرو نابين آهي۔۔۔ جڏهن ته همراه جو لکيل پاسو ماڻهن کي ٻڌائي رهيو هو۔۔۔ ته هو ڪيڏا نه خوشنصيب آهن جو اهي نابين ناهن۔۔۔ ۽ اهڙن سوچن ماڻهن جي دلين تي اثر ڪيو ۽ پنهنجي کيسي مان ڪجهه رقم ڪڍي نابين ڇوڪري جي ٽوپي ۾ رکڻ لاءِ مجبور ڪيو۔۔۔ سبق: پنهنجو پاڻ کي ڏسي هميشه شڪر گذار رهو۔۔۔ تخليقي ذهن رکو۔۔۔ هميشه مختلف ۽ واڌو سوچ رکو۔۔۔ جڏهن توهان کي زندگي روئڻ لاءِ سوين سبب ڏئي ته زندگي کي کلائڻ لاءِ هزارين سبب ڏيو۔۔۔ ماضي کي وساريو۔۔۔ ۽ حال کي اعتماد سان سنڀاليو۔۔۔ ۽ هميشه ٻين کي ڀلائي جو درس ڏيو۔۔۔ سڀ کي ڀلو آهي ته ٻين کي مسڪرائيندي ڏسو۔۔۔ ۽ ان کان به ڀلو آهي ته انهن جي مسڪراهٽ جو سبب توهان هجو۔۔۔
جواب: اڄ ڪيڏو نه خوبصورت ڏينهن آهي ۔۔۔ پر مان اهو ڏسي نه ٿو سگهان۔۔۔ لاجواب ادا رشيد توهان جي هر ٿريڊ ۾ ڪا نه ڪا سمجهاڻي ضرور هوندي آهي ۽ توهان جي ان سمجهاڻي سان اسان جهڙا سادا ماڻهو فيض حاصل ڪندا آهن ادا توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو
جواب: اڄ ڪيڏو نه خوبصورت ڏينهن آهي ۔۔۔ پر مان اهو ڏسي نه ٿو سگهان۔۔۔ فيض فراق فقير جوڳي جاڳائي ويو ۔۔۔ فقيرن کي فيض حاصل ڪيئن نه ٿيندو !!! آکاڻي جو متن انتهائي عمدو آهي ۔۔۔ هن ڪهاڻيءَ ۾ لڪل سمجهاڻي ٻڌائي ٿي ته ڪنهن به ڪم ڪرڻ وقت ٿورڙي سمجهداري ۽ انساني نفسيات جي عين مطابق ڪم ڪبو ته ڪاميابي يقيني آهي ۔۔۔ انسان هميشه ان شئي کي پسند ڪندو آهي جا سندس نفسيات سان ٺهڪندڙ هجي ۔۔۔ هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻه جملا غور طلب آهن ۔۔۔ پهرين جملي ۾ عام ڳالهه آهي، ڇڪ ناهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته انڌا ته گهڻا ئي آهن هن دنيا ۾ ۽ ڪيترن جي مدد ڪبي ۔۔۔ ٻي جملي ۾ ڏک ڀريل آهي ۔۔۔ ڇڪ آهي ۔۔۔ انسان جي دل تي اثر ڪندڙ جملو آهي ۔۔۔ جڏهن آءُ ڪو سهڻو نظارو ڏسي سگهان ۽ مون جهڙو ٻيو انسان ان نظاري کي ڏسڻ جي ڪا سگهه نٿو رکي ته سوچڻ سان همدردي پئدا ٿئي ٿي ۔۔۔ مٺا رشيد! shabash sindhsalamatsaathsal