• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

۽ هاڻي حاضر آهي لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ ماڊل

عبدالستارچنا

سينيئر رڪن
محترم دوستو اسلام عليڪم
دوستو تازو لِينوو ڪمپني لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ ماڊل مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرايو آهي
جيڪو باآساني پاڻ سان گڏ کڻي سگهجي ٿو سو به کيسي ۾ رکي۔
پوءِ آهي نه زبردست ليپ ٽاپ ماڊل۔

laptopnewmodel.jpg

laptopnewmodel1.jpg

laptopnewmodel2.jpg

laptopnewmodel3.jpg

laptopnewmodel4.jpg
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ ماڊل

تمام بهترين انفارميشن آهي ادا ستار صاحب پر يار مون وٽ تي پينٽ آهي ئي نه فقير ماڻهو آهيان سلوار قميص پائيندو آهيان پو۽ ان کي ڪٿي رکان يا وري پينٽ پائڻ شروع ڪيان

تمام بهترين ادا
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ ماڊل

سائين چنا صاحب: بيشڪ تمام سٺو آهي ۽ هاڻ انسان ايترو مشيني ٿيندو پيو وڃي جو ريڊيو، ٽي وي، ڪئميرا، گهڙي، فون، انٽرنيٽ، نوٽ بڪ وغيره وغيره سڀ ساڻ کنيون گهمندو وتي ۔۔۔

ننڍڙي لاءِ ڪاٺ جي گهوڙي واري ڪهاڻي، اسانجي ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته آکاڻيءَ جي ڪردار کي ڪاٺ جو گهوڙو هميشه کيسي ۾ هوندو هو ۽ جڏهن چاهيندو هو ته گهوڙي کي ٻاهر ڪڍي ڪل دٻائيندو هو ته گهوڙو اڏڻ لئه تيار ٿي ويندو هو ۽ همراه ڪٿان کان ڪٿي هليو ويندو هو ۔۔۔

جهڙي نموني دنيا ترقي ڪري رهي آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جو انسان به اهڙيون ننڍڙيون ڪارون کيسي ۾ وجهي گهمندو ۔۔۔ نه پارڪنگ جو خوف نه چورن جو بس کيسي مان ڪڍي ڪل دٻائيندو ته ڪار هلڻ لئه تيار هوندي ۔۔۔!!!

پر ادا سائين اهي آهن سنڌ کان ٻاهر جون ڳالهيون ۔۔۔ دنيا ترقي ڪري چنڊ تي پهتي ۽ هاڻ الائجي ڪهڙيون منزلون پئي طع ڪري پر اسين سنڌي ۔۔۔؟؟؟ پاڻ سمجهي وڃو ۔۔۔
 
فقير سائين گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي اهو ليپ ٽاپ جيستائين پاڪستان ۾ ايندو،
تيستائين ان جي سائيز اڃا به ننڍي ٿي ويندي، جي نه به ٿي تڏهن به خير آ
اوهانجي قميص ۾ موجود پاسي وارو کيسو باقي ڪهڙي ڪم ايندو۔۔۔۔۔!!
پسند ڪرڻ جي مهرباني
shal judy hujeen
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ ماڊل

سائين چنا صاحب: بيشڪ تمام سٺو آهي ۽ هاڻ انسان ايترو مشيني ٿيندو پيو وڃي جو ريڊيو، ٽي وي، ڪئميرا، گهڙي، فون، انٽرنيٽ، نوٽ بڪ وغيره وغيره سڀ ساڻ کنيون گهمندو وتي ۔۔۔

ننڍڙي لاءِ ڪاٺ جي گهوڙي واري ڪهاڻي، اسانجي ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته آکاڻيءَ جي ڪردار کي ڪاٺ جو گهوڙو هميشه کيسي ۾ هوندو هو ۽ جڏهن چاهيندو هو ته گهوڙي کي ٻاهر ڪڍي ڪل دٻائيندو هو ته گهوڙو اڏڻ لئه تيار ٿي ويندو هو ۽ همراه ڪٿان کان ڪٿي هليو ويندو هو ۔۔۔

جهڙي نموني دنيا ترقي ڪري رهي آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جو انسان به اهڙيون ننڍڙيون ڪارون کيسي ۾ وجهي گهمندو ۔۔۔ نه پارڪنگ جو خوف نه چورن جو بس کيسي مان ڪڍي ڪل دٻائيندو ته ڪار هلڻ لئه تيار هوندي ۔۔۔!!!

پر ادا سائين اهي آهن سنڌ کان ٻاهر جون ڳالهيون ۔۔۔ دنيا ترقي ڪري چنڊ تي پهتي ۽ هاڻ الائجي ڪهڙيون منزلون پئي طع ڪري پر اسين سنڌي ۔۔۔؟؟؟ پاڻ سمجهي وڃو ۔۔۔

قبلا سائين گستاخي معاف ڪجو اسان سنڌي قوم رڳو پاڻ ۾ وڙهڻ ۾ پورا، خالي نعرن ۾ پورا، ڪاروڪاري جهڙي ڪُڌي ۽ ڪوڙي رسم ۾ معصوم نياڻين کي موت جي وَر چاڙهڻ ۾ پورا
۽ الائي ته ڪهڙين ڪهڙين فضول ڪمن ۾ پورا آهيون اسان لاءِ اهڙيون ترقيون صرف خواب بڻجنديون ٿيون وڃن خير ڪنهن سياڻي جي چوڻي آهي ته اُميدُن تي دنيا قائم آهي
بهرحال پسند ڪرڻ لاءِ اوهانجا لک لائق سدا خوش وآباد ھجو آمين
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ ماڊل

سائين چنا صاحب: بيشڪ تمام سٺو آهي ۽ هاڻ انسان ايترو مشيني ٿيندو پيو وڃي جو ريڊيو، ٽي وي، ڪئميرا، گهڙي، فون، انٽرنيٽ، نوٽ بڪ وغيره وغيره سڀ ساڻ کنيون گهمندو وتي ۔۔۔

ننڍڙي لاءِ ڪاٺ جي گهوڙي واري ڪهاڻي، اسانجي ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته آکاڻيءَ جي ڪردار کي ڪاٺ جو گهوڙو هميشه کيسي ۾ هوندو هو ۽ جڏهن چاهيندو هو ته گهوڙي کي ٻاهر ڪڍي ڪل دٻائيندو هو ته گهوڙو اڏڻ لئه تيار ٿي ويندو هو ۽ همراه ڪٿان کان ڪٿي هليو ويندو هو ۔۔۔

جهڙي نموني دنيا ترقي ڪري رهي آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جو انسان به اهڙيون ننڍڙيون ڪارون کيسي ۾ وجهي گهمندو ۔۔۔ نه پارڪنگ جو خوف نه چورن جو بس کيسي مان ڪڍي ڪل دٻائيندو ته ڪار هلڻ لئه تيار هوندي ۔۔۔!!!

پر ادا سائين اهي آهن سنڌ کان ٻاهر جون ڳالهيون ۔۔۔ دنيا ترقي ڪري چنڊ تي پهتي ۽ هاڻ الائجي ڪهڙيون منزلون پئي طع ڪري پر اسين سنڌي ۔۔۔؟؟؟ پاڻ سمجهي وڃو ۔۔۔

سائين نثار،
توهان جيڪو خاڪو ٻڌايو آهي، ان نموني جي هڪ جهلڪ حاضر آهي۔۔

http://www.youtube.com/watch?v=W9A2cMqYXWM
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ ماڊل

ادا سلطان واقعي خواب جي تعبير ٻڌائي ڇڏي اهو ڪمپيوٽر جو ڪمال ٿو لڳي ۔ پر اهڙي جديد ٽيڪنالوجي دور ۾ ڪافي ڪجهه ناممڪن ، ممڪن بنجي ويو آهي۔
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ ماڊل

ادا دنيا اُميدن تي قائم آهي مگر ڏک سان لکجي ٿو ت ڀاء قيمت لکو ها ت شوق لهي وڃي ها۔
سائين اسان سڀني سنڌين ڪڏهن اهيو سوچيو آهي ت اسان جا 51سيڪڙو ماڻهون پڙهيل ئي ڪونهن اسان جا اسڪول الائي ڇو بند پيا آهن يا وري بنا استاد جي هلن ٿا,
پهريان اها همٿ ڪريون ت جتي جتي پرائمري اسڪول بند هوندو ات اسان مان اهو دوست
يا ڀيڻ جيڪو ب پڙهيل هوندو سو ان اسڪول ۾پاڻ پنهنجي سر پڙهائيندو ت جئين اسان
جا ٻار اسڪول بند هئڻ جي سبب ڪري پڙهڻ واري عمر کان ٽپي ن وڃي
ادا سائين سڀ ڪم پئسن سان يا پئسن لاء ڪون ڪبا آهن
جي ڪنهن سنڌ سڄڻ کي هن لکڻ سان تڪليف پهتي آهي ت ان لاء اهڙي سٻاجهڙي سنڌي
کان ادب سان معافي جو طلبگار
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ ماڊل

منهنجو خيال آهي ته قيمت لکي شوق کي لاهڻ نه گهرجي ۔۔۔۔۔۔۔۔ ڇو ته ڪنهن ڀلي ماڻهون جو چوڻ آهي ته ”خواب ڏسندا رهو۔۔۔۔۔۔۔ ته جيئن ذهن تخليقي رهي۔۔۔“
ٻيو ته ادا پريل منهنجي خيال ۾ آئي ٽي کاتي ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڪهڙيون تبديليون اچي رهيون آهن ۔۔ جي شيئرنگ سوجهه پيندا ڪندي آهي ان ڪري ان کي ڄاڻ سمجهي وڃي۔۔۔
جيتري قدر اسڪول ۾ خود پڙهائڻ جو تعلق آهي ته ڇا اسان جو معاشرو يا حڪومت ان ڳالهه جي اجازت ڏئي ٿي ته ائين ڪري سگهجي۔۔۔؟
افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته جيڪي پگهارون وٺي اسڪول وڃن ٿا سي پڙهائين نه ٿا ته بغير پگهار وٺندي ڪير ڪيترو پڙهائيندو۔۔۔۔؟
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ ماڊل

ادا فقير سائين معذرت سان چوندس ته اگر توهان وٽ پينٽ ڪونهي ته مڙئي خير آ، فقيرن وٽ ته هڪ وڏي گودڙي به هوندي آهي، ۽ اهيو لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ توهان انهي گودڙي ۾ به رکي سگهو ٿا۔
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ ماڊل

ادا دنيا اُميدن تي قائم آهي مگر ڏک سان لکجي ٿو ت ڀاء قيمت لکو ها ت شوق لهي وڃي ها۔
سائين اسان سڀني سنڌين ڪڏهن اهيو سوچيو آهي ت اسان جا 51سيڪڙو ماڻهون پڙهيل ئي ڪونهن اسان جا اسڪول الائي ڇو بند پيا آهن يا وري بنا استاد جي هلن ٿا,
پهريان اها همٿ ڪريون ت جتي جتي پرائمري اسڪول بند هوندو ات اسان مان اهو دوست
يا ڀيڻ جيڪو ب پڙهيل هوندو سو ان اسڪول ۾پاڻ پنهنجي سر پڙهائيندو ت جئين اسان
جا ٻار اسڪول بند هئڻ جي سبب ڪري پڙهڻ واري عمر کان ٽپي ن وڃي
ادا سائين سڀ ڪم پئسن سان يا پئسن لاء ڪون ڪبا آهن
جي ڪنهن سنڌ سڄڻ کي هن لکڻ سان تڪليف پهتي آهي ت ان لاء اهڙي سٻاجهڙي سنڌي
کان ادب سان معافي جو طلبگار

ڀاء محمد پريل صاحب مان توهان جي ان ڳالهه سان 110 سيڪڙو متفق آهيان ۽ توهان اهيو سچ لکيو آهي، ته (اسان جا ڪافي اسڪول بند پيا آهن) ۽ واقعي ڀاء اسان جي تعليم تباه ۽ برباد پئي ٿئي، دنيا وڃي پئي چنڊ تي ۽ اسان اهوئي جنڊ تي۔

هي وڊيوز ڏسو جنهن ۾ سنڌ جي تعليم جو حال ٻڌايو ويو آهي
http://www.youtube.com/watch?v=t1XRhGJlOKk
http://www.youtube.com/watch?v=KTqqZ84YBOE
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ ماڊل

ادا فقير سائين معذرت سان چوندس ته اگر توهان وٽ پينٽ ڪونهي ته مڙئي خير آ، فقيرن وٽ ته هڪ وڏي گودڙي به هوندي آهي، ۽ اهيو لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ توهان انهي گودڙي ۾ به رکي سگهو ٿا۔
ادا سائين واهه جي ڳالهه ڪئي اٿئو، فقير جي انهي گودڙي ۾ ته اهو ننڍڙو ليپٽاپ ته ڇا پر پوري شڪارپور جا ڊيسڪٽاپ ڪمپيوٽر اچي ويندا آهن۔
مان ته رڳو اها دُعا گهرندو آهيان ته شل انه گودڙي سان گڏ ڪنهن جي گهر کان نه گذري۔ asul matt
سٺي ڪار آهي ادا

لڳي ٿو ان اها وٺڻي پوندي

سدائين گڏ

shabashshabashshabashshabashhatt-pare
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ ماڊل

ادي ممتاز وگهيو صاحب
لکيو آهي تـ هي وڊيوز ڏسو جنهن ۾ سنڌ جي تعليم جو حال ٻڌايو ويو آهي

ڀاءٌ جيڪو اوهان ان وڊيو ۾ ڏيکاريو آهي اهو سڀ سچ آهي . اسان جي پرائمري تعليم جي حالت ان کان بـ وڌيڪ خراب آهي ڇو جو سنڌ نڌڻڪي آهي . ڪٿي چور سُڃا تـ ڪٿي ڍور سُڃا . مهرباني ڪري سرڪار نامدار کي سجاڳ ڪريو تـ سائين جت اسڪول لاء عمارتون ڪونـ آهن اهي تـ آهن مسڪينن جا ڳوٺ پر لانڍي ۾ ، ڇپر ۾ وڻ جي هيٺان بـ گلن جهڙا ٻارڙا ڪجهـ تـ پڙهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا . پر جتي 850،000 روپيا مسڪينن جي خون جي پيسن سان جُڙيل عمارت موجود آهي ، ٻار ڪونهن ، استاد ڪونهن ، اسڪول جي حالت زبون آهي عمارت ۾ ان رکيل آهي ، ڍور ۽ جانور ٻڌل آهن يا وري رئيس جي اوطاق بڻيل آهي گهٽ ۾ گهٽ انهن اسڪولن جي مالڪي ڪريو . ڇا اهيو بـ انهن صاحب اختيار کي ٻڌاڻو پوندو تـ سائين جيڪي اسڪول بلڊنگ اهڙن انفرادي طور فرد واحد جي استعمال ۾ آهن انهن کان بلڊنگ جي مڪمل ٿيڻ واري تاريخ کان وٺي در ماه 7725 روپيا مسواڙ وصول ڪئي وڃي ڇُو جو جيڪڏهن 850،000 روپيا ڪنهن بينڪ ۾ رکيل هجن ها تـ ايترو بئنڪ منافعو ڏي ها.
پو ڏسو تـ اها ڏاڍا مڙس جيڪي اسڪولن جي عمارتن ۾ اُطاقون ، گودام ، وٿاڻ ۽ محفل خانا کوليو ويٺا آهن ڪئين ٿا اسڪولن تي قبضا ڪن ، ڪئين ٿا ماسترن کي اسڪول کان پري رکن . اڃان بـ بهتر ائين ٿيندو تـ ان عمارت کي وڏيري کي وڪڻجي ڇو تـ انهن بلڊنگ جي حالت ڪنهن بـ طرح سان اسڪول لائق ئي نـ رهي آهي .
مسڪين وڏيرو بلڊنگ جا پيسا ادا ڪندو تـ کيس بـ خبر پوندي تـ پڪي اُوطاق ڪيتري مهنگي ٺهندي آهي .
اسڪولن جون عمارتون ٻارن جي ملڪيت هونديون آهن ، نـ رئيس جي ذاتي ملڪيت ڇا ان لاء محترم ضمير حسين گهمرو صاحب يا محترم اياز پليجو صاحب جون خدمتون حاصل ڪرڻيون پونديون.
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ ماڊل

ڀاء محمد پريل صاحب، توهان جيڪو لکيو آهي، اهو سو سيڪڙو صحيح لکيو آهي۔ ادا انهن اسڪولن کي بند ڪرائڻ ۾ وڏن آفيسرن جو پڻ هٿ آهي، جنهن جي هٿ ۾ تعليم جوسسٽم آهي، ادا توهان ٿورو غور ڪريو ته پهرين زماني ۾ تعليم جي واڳ ڪهڙن ماڻهن وٽ هئي ۽ هاڻي ڏسو ته ڪهڙن ماڻهن وٽ آهي، ادا پهرين ته اهيو ڏٺو ويندو هو ته ڪهڙو شخص تعلام يافته ۽ سچو، ايماندار، ڪابل، ماڻهون آهي، جنهن جي جهلڪ توهان کي هنن ماڻهن ۾ ملندي، مثلن، علامه ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽه ، ان وٽ تعليم جو سربراه هو، ( جڏهن علامه دائود پوٽه صاحب سنڌي ادبي بورڊ جا ملازم هئا، ۽ هنن کي گهر ويٺي ڪم ڪرڻو هوندو هو ۽ هڪ دفعه هنن اڌ مهيني جي پگهار صرف ان لاء اداري ۾ واپس جمع ڪرائي هئي ته مون اڌ مهينو بورڊ جو ڪم ڪيو آهي، ۽ اڌ مهينو مان پنهنجي ڌيء جي شادي ۾ مصروف هئس، ۽ مون بورڊ جو ڪم ناهي ڪيو، جڏهن ته سواء الله جي هن کي ٻيو ڪو ڏسڻ وارو به ڪو نه هو، ۽ علامه آء آء قاصي صاحب جنهن جو سنڌ جي تعليم جي سڌاري، ۽ ترقي ۾ وڏي هٿ آهي۔ جيڪو ماڻهون جڏهن سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر هو تڏهن پنهنجي ذاتي خط لکڻ لاء به سرڪاري ڪاغذ استعمال نه ڪندو هو جيڪو ماڻهون پنهنجي گهر ۾ سون رکڻ به پسند نه ڪندو هو، ۽ مال جمع ڪري رکڻ جي بلڪل خلاف هئا، )
جڏهن ته اڄ ان جي ابتڙ آهي، ۽ اڄ ته اهيو ڏٺو ويندو آهي ته ڪهڙو شخص اسان کي گهڻا پيئسا پهچائيندو، ۽ ڪهڙو ماڻهون اسان جي ها ۾ ها ملائيندو۔ وغيره وغيره۔ ادا سنڌ جي هر ضلعي ۾ اهيو حال آهي جو ڪيترن ئي اسڪولن جا ماستر اهڙا به آهن جن کي نه تعليم جي خبر آهي نه تعليم ڏيڻ جي طريقي جي خبر آهي، ۽ اهي پنهنجا ڍور ڍڳا وڪڻي ماستر ٿيا آهن، ۽ نه سنڌي لکڻ ٿو اچي نه پڙهڻ ( مان انهن کي استاد چوڻ پسند نه ڪندس جيڪي سنڌي ٻارڙن جي تعليم جا دشمن آهن، ) گهر ويٺي پگهار پيا کڻن ۽ پگهار مان ڪجهه حصو انهن آفيسرن کي پهچايو وڃي ٿو جيڪي هن سسٽم کي ويزا جو نالو ڏئي هلائن ٿا، اهي ماستر اهڙيون پگهارون کڻي باقي پنهنجو ڪو الڳ ڌنڌو پيا ڪن، ۽ انهن وڏا پيئسا ٺاهيا آهن، مان توهان کي ماضي جي دادو جي هڪ آفيسر جو ٿوقصو ٻڌايان جنهن فرضي نالن تي ماستر ڀرٿي ڪيا هئا، ۽ ڪروڙين رپيا ڪمايا هئا۔ ۽ ان پنهنجا پرائيوِٽ اسڪول پڻ \ٺهرايا، ۽ پنهنجا وڏا وڏا هوٽل پڻ ٺهرايا، جنهن ۾ دادو خزانه آفيس پڻ شامل هئي، ۽ خزانه آفيس جي ملازمن پن وڏو پيئسو( حرام جو ) ٺاهيو، ۽ انهيء تعليم جي آفيسر انهيء فراڊ جي ڪيس ۾ ڪجهه مهينا جيل به ڪاٽيو، ۽ نيب جو منهن به ڏٺو مگر ٿيو ڪجهه به نه بس ڏي وٽ رستي ڪم ٺاهي، وري اهو ڳن ڪهاڙي۔
ادا سنڌ جي اسڪولن ۾ ٻيو وڏو عذاب اسڪول يونين جو آهي، جن جو ڪم صرف اهيو آهي ته پنهنجا مفاد ڪيئن حاصل ڪجن وغيره وغيره، تعليم جو ڪهڙو حال آهي انهيء سان هنن جو ڪو به واسطو ڪونهي، دنيا جا ماڻهون ڪٿان کان ڪاٿي پهچي ويا مگر اسان سنڌي اڃان انهن مسئلن ۾ ڦاٿا پيا آهيون۔ ڀاء دعا ڪريو ته ڪي سنڌ جي تعليم کي سڌارن وارا آفيسر علامه دائودپوٽه صاحب، علامه آءآء قاضي صاحب، جهڙا اچن، ادا گهٽ مان گهٽ مون اميد ۽ آسرو ناهي ڇڏيو۔ چوندا آهن ته هر ڪمال کانپوء زوال به ايندو آهي، بقول شاه صاحب

ليلائين مِ لهين تا پن ليلائج، آسرو مِ لاهج سڄڻ سٻاجهيندڙ گهڻو۔​
1.jpg
 
جواب: ۽ هاڻي حاضر آهي لِيٽيسٽ ليپ ٽاپ ماڊل

بيشڪ لطيف سرڪار سچ چيو آهي . مگر ادا جنهن ڪُهاڙيِ جو اوهان ذڪر ڪيو آهي ان ۾ ڳن تـ وري اسان عوام جو پيل آهي جنهن جي زور تي اهي ٿوم مان زاعفران بنيا گهمن .
ڪهاڙي ۾ ڳن ڪاٺ جو هوندو آهي ۽ اُهائي وڻ کي ڪٽيندي آهي . تنهنڪري اسان سنڌين کي گهرجي تـ اهڙي ڪهاڙي مان ڳن ڪڍي ڇڏيون جيڪا نرسري جي ننڍڙن ٻوٽن کي ڪپڻ جو ڪارڻ بني آهي .
 
Back
Top