يورپي يونيورسٽيز ۾ داخلا لاءِ رهنمائي ڪندڙ ويب سائيٽ...

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اهي شاگرد ۽ شاگردياڻيون جيڪي يورپ ۾ وڃي پنهنجي تعليم جاري رکڻ چاهين ٿا۔۔ انهن لاءِ هڪ بهترين ويب سائيٽ جو تعارف پيش ڪجي ٿو۔۔ جيڪا يورپ ۾ ڪنهن به يونيورسٽي ۾ ڪهڙي به ڪورس کي جانچي ڏيندي آهي۔۔ گڏ ان يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ لاءِ پڻ رهنمائي ڪندي آهي۔۔ هي آهي۔۔۔
http://www.studyportals.eu
اسٽڊي پورٽل تي توهان ماسٽر، بيچلر، شارٽ ڪورس، پي ايڇ ڊي ۽ اسڪالرشپ پڻ ڳولي سگهو ٿا۔۔۔


هتي نه صرف ڪورس ڪرڻ جا طريقي ڪار پر مڪمل فيس ۽ ان جي ادائگي جا طريقي ڪار پڻ موجود آهي۔۔ ۽ جيڪڏهن توهان ڪو مفت جو ڪورس ڪرڻ چاهيو ٿا ته اهي ڪورس پڻ آساني سان ڳولي سگهجن ٿا۔۔۔
ڪورس ۽ يونيورسٽي چونڊڻ کان پوءِ چاهيو ته متعلقه يونيورسٽي جي ريڪنگ پڻ ڳولي سگهو ٿا۔۔ جنهن لاءِ هيٺين ويب سائيٽ انتهائي مددگار آهي۔۔۔
http://www.webometrics.info

جتي نه صرف دنيا جي يونيورسٽيز پر کنڊ، ملڪ ۽ شعبي جي حساب سان پڻ يونيورسٽي جي رينڪنگ حاصل ڪري سگهجي ٿي۔۔۔
 
Back
Top