• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اڄوڪو ڏينهن 6 سيپٽمبر تاريخ جي دري مان

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
اڄوڪي ڏينهن 6 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

جنم ڏينهن:

6 سيپٽمبر 1813ع صوفي شاعر
قطب علي شاھہ جھانيان جي پيدائش جو ڏينھن آھي.
6 سيپٽمبر 1924ع نامور سياستدان ۽ ر.يساڻي قبيلي جي سردار
غوث بخش رئيساڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
6 سيپٽمبر 1928ع اردو جي ناليواري صحافي ۽ دانشور ارشاد احمد حقاني جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
6 سيپٽمبر 1867ع سياستدان چينراءِ ٻولچند (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
6 سيپٽمبر 1909ع سياسي اڳواڻ ايل داس راءِ سنگهاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
6 سيپٽمبر 1949ع نامياري اديب
جعفر علي خاصخيلي ناچيز جو جنم ڏينهن آهي.
6 سيپٽمبر 1954ع ليکڪ ۽ شاعر
تاج جويو (سڪرنڊ) جو جنم ڏينهن آهي.
6 سيپٽمبر 1962ع شاعر حنيف عاطف (جهڏو) جو جنم ڏينهن آهي.
6 سيپٽمبر 1963ع نامور اديب، استاد ۽ سماجي ڪارڪن
شمشاد احمد سومري جو جنم ڏينهن آهي.
6 سيپٽمبر 1964ع سگهڙ صدورو عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
6 سيپٽمبر 1968ع پاڪستان جي مشهور ڪرڪيٽر سعيد انور جو جنم ڏينهن آهي.
6 سيپٽمبر 1969ع ليکڪ ۽ شاعر
قاضي مقصود احمد (مٽياري) جو جنم ڏينهن آهي.
6 سيپٽمبر 1978ع شاعر خالد اختر راجپر (محراب پور) جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

6 سيپٽمبر 1992ع ناليواري سنڌي فلمساز ۽ اداڪار حسين شاھ فاضلاڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
6 سيپٽمبر 2005ع نامور اردو شاعر ۽ صحافي
حسن عابدي جي وفات ٿي.
6 سيپٽمبر 2006ع اڳوڻو ڪامورو ۽ سياستدان
آغا شاھي وفات ڪري ويو.
6 سيپٽمبر 2013ع اديب، استاد ۽ سياستدان
علي احمد قريشي وفات ڪري ويو.
6 سيپٽمبر 2019ع اسپن بالنگ جي جادوگرڪرڪيٽر
عبدالقادر جي وفات ٿي.


اڄوڪي ڏينهن
6 سيپٽمبر جا ڪجهه اهم واقعا


1320ع – غياث الدين تغلق دهليءَ تي تخت نشين ٿيو.
1566ع – سلطنت عثمانيہ جو حاڪم سليمان (پھريون) وصال ڪيو.
1851ع – انگريزن اعلان ڪيو تہ سنڌ ۾ نوڪري صرف ان کي ڏني ويندي جنهن کي سنڌي ٻولي ڳالهائڻ اچي.
1939ع – ٻين مھاڀاري جنگ، جرمني پهريون دفعو برطانيا مٿان هوائي حملو ڪيو.
1950ع – جنرل محمد ايوب خان پاڪ فوج ڪمانڊر اِن چيف مقرر ٿيو.
1965ع – هندوستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ جنگ جي شروعات ٿي.
1991ع – روس اسٽونيا جي آزادي کي تسليم ڪيو.
2008ع – پاڪستان ۾ صدارتي چونڊون ٿيون، آصف علي زرداري 481 ووٽ کڻي پاڪستان جو صدر منتخب ٿيو.

حوالہ:

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
روزانہ ڪاوش
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا
وڪيپيڊيا
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
 
Back
Top