• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبردار!!! ـ موبائل فون جو گهڻو استمعال نہ ڪريو ـ ؟

شاهده سمون

سينيئر رڪن
خبردار!!! ـ موبائل فون جو گهڻو استمعال نہ ڪريو ـ ؟ ڏهن سالن تائين گهڻي موبائل فون استمعال ڪندڙن ۾ ٽيومر بنجڻ جو امڪان وڌيڪ آهي موبائل فون تان ڪال ٻڌڻ واري ڪن جي دماغي حصي تي ٽيومر جي صورت ۾ اثر پوي ٿو عالمي صحت واري اداري w h o رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تہ موبائل فون جو گهڻو استمعال
دماغ جي ٽيومر جو سبب بڻجي سگهي ٿو صحت جي ماهرن موجب جيڪي ماڻهون 10 سالن کان وڌيڪـ عرصي تائين روزانو ڪيترائي ڪلاڪـ موبائيل فون استمعال ڪن ٿا انهن جي دماغن ۾ ٽيومر بنجڻ جو امڪان ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هوندو آهي ــ
 
جواب: خبردار!!! ـ موبائل فون جو گهڻو استمعال نہ ڪريو ـ ؟

مهرباني ڀيڻ ۔۔۔ اوهان بلڪل سهي ٿيون چئو ۔۔۔ انڪري هاڻ گهڻي فون استعمال ڪرڻ وارن لئه هيڊفون يا وري بلوٽوٿ جي سهولت آهي ۔۔۔ ۽ فون ۾ هينڊفري واري سهولت پڻ اهڙي بيماريءَ کان بچائي سگهي ٿي ۔۔۔

اوهانجي هن ليک سان هڪ ڳالهه محسوس ٿي جيئن منهنجي وڏي ڀيڻ گهر ۾ هميشه اسانکي اهڙن خطرن کان آگاه ڪندي رهندي آهي، ساڳئي طرح اسانجي هن اڱڻ تي پڻ هڪ ڀيڻ جي هجڻ جو احساس ٿيو ۔۔۔
حاضر منهنجي ڀيڻ ۔۔۔ ضرور احتياط ڪنداسون ۔۔۔
سدائين جڙيل رهين ۔۔
 
جواب: خبردار!!! ـ موبائل فون جو گهڻو استمعال نہ ڪريو ـ ؟

ڀيڻ اسلام عليڪم
اوهان واقعي هڪ اهم معاملي جي نشاندهي ڪئي آهي ان لاءِ اوهان جي وڏي وڏي مهرباني۔
موبائل فون جو گهڻو استعمال انسان لاءِ واقعي تمام گهڻو خطرناڪ آهي اسان کي واقعي فون جو
استعمال گهٽائڻ گهرجي۔ ڀيڻ سدا خوش و آباد ھجو ثم آمين

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: خبردار!!! ـ موبائل فون جو گهڻو استمعال نہ ڪريو ـ ؟

تعليم جي تباهي جو ڪارڻ
موبائل مين پُڙي گُٽڪو
دوست کي نـ آسرو، دشمن کي نـ کُٽڪو،
جيڪو نـ ڪري بند ان کي ڪڍو ڪُٽڪو.
 
جواب: خبردار!!! ـ موبائل فون جو گهڻو استمعال نہ ڪريو ـ ؟

تعليم جي تباهي جو ڪارڻ
موبائل مين پُڙي گُٽڪو
دوست کي نـ آسرو، دشمن کي نـ کُٽڪو،
جيڪو نـ ڪري بند ان کي ڪڍو ڪُٽڪو.


asul mattasul mattasul mattasul matt


ڀيڻ تمام بهترين شيئرنگ آهي shabashshabashshabash

لاجواب معلومات پڻ
 
Back
Top