ڪنهن به ملڪ جي ترقيء جو دارومدار ان ملڪ جي بهترين معاشي نظام تي آهي، ۽ بهترين معاشي نظام جو دارومدار ان ملڪ جي اهل واڳ ڌڻين/ سياستدانن تي آهي، انهن سياستدانن جي اهليت جو دارومدار وري انهن جي عوام جو رت چوسڻ جي قابليت تي آهي. پاڻ سياستدانن جي ان قابليت، گُڻن يا اَوَگُڻن بابت ڪونه ڳالهائينداسين، ڇاڪاڻ جو خدا پاڪ پنهنجي ان خلقت جو راز پاڻ ڄاڻي. پاڻ ڳالهائينداسين دنيا ۾ رائج مختلف معاشي نظامن جي بابت، ته ڪهڙا معاشي نظام مختلف ملڪن ۾ مختلف وقتن ۾ رائج رهيا يا اڄ به رائج آهن. باقي انهن جي ڪاميابيء ۽ ناڪاميء جو فيصلو ته تاريخ ڪري ڇڏيو آهي. ۽ اهي سڀ حال احوال اسانجي آڏو آهن، پر پوء به اڄ تائين ڪير به ڪنهن به نظام بابت ڪا حتمي راء قائم نه ڪري سگھيو آهي، جنهن جا سبب ليک ۾ اڳتي هلي واضح ڪيا ويا آهن.ڪيپيٽلزم، سوشلزم ۽ ڪميونزم جهڙن معاشي نظامن مان هر هڪ نظام انفرادي طور تي يا انهن مان هڪ يا ٻن نطامن جي مجموعي ڳٺجوڙ سان ٺهيل ماڊل مختلف وقتن ۾ مختلف ملڪن ۾ آزمايو ويو آهي. ۽ انهن نظامن جي ڪارڪردگيء تي مختلف فورمز تي ڪافي بحث مُباحثا به ٿيندا رهن ٿا. پر هڪ ڳالهه سمجھ کان ٻاهر آهي ته صدين کان ڪاميابيء سان هلندو ايندڙ هڪ اهڙو مُعاشي نظام جيڪو مختلف خلافتن وارن دورن ۾ رائج رهيو (اسلامي معاشي نظام)، ان نظام کي باقي ٽِن اهم نظامن سان گڏوگڏ بحث مباحثن ۾ ڇو نه ٿو آندو وڃي. ظاهر آهي خلافت جو دور صدين تائين رائج رهيو، جنهن ۾ ان وقت جي معيشت ۽ وڻج واپار به اوج تي هو، پر ڪير به اڄڪلهه ان نظام بابت ڳالهائڻ لاء تيار ناهي. اها ڳالهه ته واضح آهي ته ان نظام کي دنيا مذهب جي بنيادن تي ڏسي پوئتي ڪري ڇڏيو آهي. پر جيڪڏهن مذهب کي پاسي تي ڪري صرف ان نظام جي ڪارڪردگيء کي ڏسبو ته ڳالهه واضح ٿي ويندي. بهرحال، ان ڳالهه کي اتي ئي رکي پاڻ ٿورو اڳتي ٿا وڌئون.انهن معاشي نظامن جي مختصر وضاحت ۽ انهن نظامن جي ڪارڪردگيء بابت ته ڪهڙن ملڪن ۾ ڪهڙا نظام ڪاميابيء سان هلندا رهيا ۽ انهن جا فائدا ۽ نقصان هيٺ پيش ڪجن ٿا. ڪيپيٽلزم؛ هن نظام ۾ قومي ناڻي جي ذريعن جي اُپت ۽ ونڊ ورڇ جو سڄو نظام گورنمينٽ جي بجاء ڪنهن هڪ فرد يا فردن جي مجموعي جي ذاتي مالڪيء ۽ نگهبانيء هيٺ رهي ٿو. پوء ٿي انهن جي مرضي ته مارڪيٽ کي اُٿارين يا ليٽائين، انهن کان پُڇڻ آکڻ وارو ڪير نه هوندو آهي. گورنمينٽ جا قائدا قانون ضرور هوندا آهن پر گھڻو ڪري ته انهن کي پنهنجي ڪاروبار کي وڌائڻ جي پوري پوري ڇُوٽ هوندي آهي. گورنمينٽ جي سندن ڪم ۾ ڪا رنڊڪ نه هجڻ ڪري سڄو دارومدار ڪاروبار تي رهي ٿو۽ نوڪرين جا موقعا عام جام ٿيو پون، ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي ذميواريء سان ڪم ڪندو رهي ٿو. پر تعليمي ادارا، اسپتالون، ۽ ٻيا به ڪيترائي اهڙا ادارا جيڪي عوام جي خدمت لاء هجن ٿا، انهن جي پرائيويٽ هجڻ جي ڪري دولت صرف ڪجھ ماڻهن جي هٿن منجھ ئي رهي ٿي، ۽ پوء ظاهر آهي ته غريب غُربي جي انهن ادارن تائين پهچ مشڪل ٿيو پوي. ائين کڻي چئجي ته امير امير تر ٿيندو وڃي ٿو ۽ غريب غريب تر. نفعو صرف هڪ مخصوص طبقي جي فردن کي پهچي ٿو جنهن ۾ صنعتڪار، ۽ واپاري وغيره اچيو وڃن، پوء اڳتي انهن جي مرضي ته هو ان ڪمايل نفعي جي ونڊ ورڇ ڪيئن ٿا ڪن. ان سان ملڪ جي معيشت ته ترقي ڪري ٿي پر جيڪڏهن تصوير جو ٻيو رُخ ڏسجي ته هن نظام ۾ عام ماڻهن جا سماجي مسئلا پڻ وڏين مڇين جي مفادن جي وَر چڙهيو وڃن، نه صرف اهو پر انهن مٿئين طبقي ۾ رهندڙن کي هيٺئين طبقي جي ماڻهن جي پريشانين جو ڪو اونو نه ٿو رهي. انهن جي لاء بس هڪ شيء اهم هجي ٿي جيڪا آهي وڌ کان وڌ منافعو.موجوده وقت ۾ ڪيپيٽلسٽ اڪانامي رکندڙ وڏن ملڪن ۾ آمريڪا، جرمني، ڪيناڊا، ترڪي، چائنا ۽ روس اچيو وڃن، جيڪي ڪيپيٽلزم کي يا سوشلزم ۽ ڪيپيٽلزم جي ڳٺجوڙ ڪيل ماڊل کي سرڪاري طور تي رائج ڪري چڪا آهن يا ڪنهن نه ڪنهن ريت ان معاشي ماڊل کي سپورٽ ڪن ٿا. جڏهن ته انڊيا، پاڪستان پڻ ڪيپيٽلزم ڏانهن لاڙو رکندي نظر اچن ٿا. هڪ ڳالهه واضح ڪبي هلجي ته ڪجھ پڙهندڙ دوستن کي چائنا جي ڪيپيٽلسٽ هجڻ تي ضرور اعتراض ٿيندو، ۽ اهو سوال ضرور اُڀرندو ته چائنا جي حڪومتي پارٽي جيڪا پاڻ هڪ ڪميونسٽ پارٽي آهي سا ڪيپيٽلسٽ ماڊل کي ڀلا ڪيئن ٿي سپورٽ ڪري سگھي؟ ته ان ڳالهه جو جواب نوبل انعام ماڻيندڙ مشهور اڪانامسٽ رونالڊ ڪوئَس ۽ سندس ساٿي ليکڪ پروفيسر نِنگ وانگ پنهنجي ڪتاب “How China became Capitalist” ۾ پنهنجي تحقيق سان واضح ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ليکڪن چائنا جي حڪومتي پارٽي کي صرف نالي جي ڪميونسٽ پارٽي سڏيندي هن وقت سندن مڪمل لاڙو ڪيپٽلزم ڏانهن هجڻ جا ڪيترائي ثبوت ڏنا آهن. باقي اها ڳالهه ضرور ڪبي هلجي ته چائنا هن مهل تائين ٽنهي نظامن جون بهارون ڏسي چڪو آهي. جنهن کي پهريان ته “ ڪميونزم جي حامي سوشلسٽ رياست” جو خطاب پڻ ملي چڪو آهي.سوشلزم؛ هن نظام موجب ناڻي جي ذريعن جي اُپت ۽ ونڊ ورڇ جي نظام جي مالڪي ان ملڪ جي عوام جي هٿ ۾ رهي ٿي. مطلب ته ان ملڪ ۾ رهندڙ هر شخص قومي ملڪيت جو هڪ جيترو ڀاڱي ڀائيوار هجي ٿو. پوء ان قومي ملڪيت يا ان ملڪ جي پيداوار جي ذريعن کي اهو ئي عوام پنهنجي سر پاڻ هڪ حڪومت منتخب ڪري سڄي نظام جي واڳ ان حڪومت جي حوالي ڪريو ڇڏي ته جيئن ان قومي ملڪيت جي ونڊ ورڇ ۽ سنڀال جي نظام کي ڪجھ قائدن ۽ قانونن تحت حقدارن تائين پهچائي سگھجي.هي نظام ڪيپيٽلسٽ نظام جي بالڪل ابتڙ آهي. ملڪ جي سمورن وسيلن مان ڪمايل آمدني مخصوص ماڻهن جي هٿن ۾ رهڻ جي بجاء برابريء جي بنيادن تي ونڊڻ جي کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. اوپن مارڪيٽ ۾ شين جا اگھ وغيره ان ئي حڪومت پاران طع ڪيا وڃن ٿا. مختلف ادارا جهڙوڪ؛ تعليمي ادارا، اسپتالون وغيره ۽ ٻيا اهڙا ادارا جيڪي عوام جي خدمت لاء آهن تن جو انتظام ۽ سار سنڀال به حڪومت جي ئي ذميواري رهي ٿي. هي ته هو سوشلزم جو اصل ڪانسيپٽ، پر حقيقت ۾ائين ٿيندو ناهي. عوام جي چونڊيل حڪومت جنهن تي عوام ويساهه ڪري پنهنجو الهو تلهو سندن حوالي ڪريو ڇڏي، نتيجي ۾ کين ملندي آهي ڌُوڙ ۽ ڇائي. حڪومتن ۾ ويٺل پهريان ته اچڻ ساڻ ئي ڀريندا آهن پنهنجو کڏون، باقي جيڪي بچيو سو اصل حقدارن يعني عوام تائين پهچايو وڃي ٿو. گھڻو پري نه وڃو، وٺو مثال پنهنجي ملڪ پاڪستان جو، جيڪو پڻ هڪ سوشلسٽ ملڪ آهي، ۽ آهستي آهستي دنيا جي باقي سوشلسٽ ملڪن جيان ڪيپيٽلزم ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪري پيو. بس ان بابت وڌيڪ ڪا راء ڪانه ڏبي هرڪو باقي قصو سمجھي وڃي ته جيئن سوشلسٽ پاڪستان جو حال آهي تيئن ئي ڪجھ ملڪ ڇڏي ڪري دنيا جي ٻين سوشلسٽ ملڪن جو به حال اهو ئي آهي. باقي رهي ڳالهه روس جي ته انجو ذڪر مٿي ڪيپيٽلزم واري ڪيٽيگري ۾ انڪري ٿيو جو اڄڪلهه روس جو جھڪاء به سوشلزم کان وڌيڪ ڪيپيٽلزم ڏانهن نظر اچي ٿو.ڪميونزم؛ هي نظام سوشلسٽ نظام سان ٿورو گھڻو ملندڙ جُلندڙ آهي. فرق صرف اهو آهي ته سوشلزم ۾ اليڪشن جي ذريعي مختلف سياسي پارٽين مان ڊيموڪريٽڪ طريقي سان هڪ حڪومت چونڊي وڃي ٿي، جڏهن ته ڪميونزم ۾ ائين ناهي. ڪميونزم کي سولي سنڌيء ۾ هينئن بيان ڪجي ته “ ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا،” يا “جس ڪي لاٺي اُس ڪي ڀينس،” ته ڳالهه سمجھ ۾ اچي ويندي. معنى ڪميونزم ۾ ڪو ڊيموڪريٽڪ طريقيڪار ناهي، ڪا پارٽي ناهي جيڪا اليڪشن وڙهي ٻي پارٽيء کي هارائي چونڊجي اچي. صرف هڪ ئي پارٽي کي حڪمراني جو حق آهي جنهن وٽ طاقت آهي. هڪ موقعي تي ته لينن صاحب (روس جو انقلابي ڪميونسٽ) ان ڳالهه کي پنهنجي ئي زباني هن ريت واضح ڪري ڇڏيو هو ته، “طاقت کي ڪو به قانون يا دستور نه ٿو روڪي سگھي، ڇاڪاڻ جو انجو بنياد ئي زورزبردستيء تي آهي.” لينن جي اها ڳالهه آمريت پسند حڪومتTotalitarian Regime) ) ڏانهن پڻ اشارو ڪري ٿي. لائو، ويتنام ۽ ڪيوبا ۾ اڄ به ڪميونزم رائج آهي. ڪميونسٽ ملڪن جي فهرست ۾ چائنا به شامل آهي، اهو به انڪري جو اتان جي حڪومت ڪميونسٽ پارٽي جي هٿ ۾ آهي، جيڪا جيئن مٿي بيان ٿي چڪو ته وڃي نالي ماتر ڪميونسٽ رهي آهي. پوء به ڪير چائنا کي ڪميونسٽ سڏڻ تي بضد آهي ته اها سندس مرضي. انهن ملڪن کا علاوه ڪافي ملڪ اهڙا آهن جن ۾ ڪميونسٽ پارٽيون حڪومتي پارٽين سان ايڪي ۾ اچي چڪيون آهن. ڪميونزم جي وضاحت، لينن صاحب جي حوالن ۽ چائنا جي اوچتي Economic Transition کانپوءهر ذي شعور انسان لاء ڪميونزم جو طريقيڪار به واضح ٿي وڃي ٿو، تنهنڪري ان جي وڌيڪ وضاحت وقت جو زيان آهي.اسلامي معاشي نظام؛ هن معاشي نظام کي شايد وڌيڪ وضاحت جي ضرورت ناهي. صرف ايترو سوچڻ جي ضرورت آهي ته اهو نظام مختلف وقتن ۾ مختلف خلافتن جي ڇانوَ ۾ صدين تائين ( 632ع کان 1924ع ) ڪاميابيء سان ڪم ڪندو رهيو. پوء ان نظام کي يا ته مذهب جي بنياد تي دفن ڪيو ويو يا وري پئسي ۽ پاور حاصل ڪرڻ لاء، اها ته ڳالهه پنهنجي سمجھ کان ٻاهر آهي. پر جيڪڏهن ڳالهه جو تَتُ ڪڍجي ته خبر ته اها ٿي پوي ته باقي جيڪي به نظام هن دنيا ۾ رائج ٿيا سي هڪُ ته هڪَ صديء کان وڌيڪ هلي ڪونه سگھيا، ٻيو ته انهن نظامن جي هلائڻ وارن لاء پهرين ترجيح صرف ۽ صرف پئسو ۽ طاقت هئي، جڏهن ته اسلامي معاشي نظام ۾ پهرين ترجيح انسانذات جي ڀلائي آهي ۽ پوء ٻي ڪا شيء.1924 ع ۾ تُرڪيء مان خلافت جي خاتمي مان کانپوء هي نظام ٻيهر اُڀري نه سگھيو. ان جو سبب اهو به هو ته ڪيپيٽلزم جو غلبو ۽ شَشڪو تيزيء سان پوري دنيا ۾ پنهنجو پاڙون مظبوط ڪندو ٿي ويو.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اسلامي معاشي نظام کي ڇڏي ڪري باقي ٽِن نظامن مان اهو ڪهڙو نظام آهي جيڪو مسلسل هڪ صديء کان وڌيڪ ڪنهن ملڪ ۾ ڪاميابيء سان پوري طرح پنهنجي منشور تي قائم و دائم رهي رائج رهيو هجي؟ جيڪڏهن ڪو آهي ته انکي بيشڪ ڪامياب معاشي نظام چئي سگھجي ٿو. يا ته ان ڳالهه کي هڪ ٻئي پس منظر ۾ ڏسڻ جي ڪوشش ٿا ڪيون. ڳالهه اها آهي ته هر نظام جا ڪجھ نه ڪجھ هاڪاري ته ڪجھ وري ناڪاري پهلو به آهن. هاڪاري پهلو ته قبول ڪياسين، پر جيڪي ناڪاري پهلو آهن سي صرف ۽ صرف انساني لالچ ۽ لوڀ جي نتيجي ۾ ظاهر ٿيا. سو ڪنهن به معاشي نظام کي بالڪل غلط چوڻ به ناجائزي ٿيندي. معاشي ماهر جيڪي سوشلزم جي حق ۾ آهن سي ڪيپيٽلزم مان هزار خاميون ڪڍيو ويٺا آهن، ۽ جيڪي وري ڪيپيٽلزم جي حق ۾ آهن اهي وري سوشلزم ۽ ڪميونزم مان خاميون ڪڍيو ويهن. رهي ڳالهه ته ڪهڙو نظام لاڳو ڪرڻ سان ملڪ ۽ ملڪ جو عوام خوشحالي ماڻي سگھي ٿو ته ان لاء هيٺ ڏنل ڪجھ نقطن تي غور ڪيو وڃي ته ڪنهن به نظام مان پنهنجو خوشحاليء وارو مقصد حاصل ڪري سگھجي ٿو؛ڪيپيٽلزم ۾ جيڪڏهن مٿيون طبقو هيٺئين طبقي جي پريشانين ۽ مسئلن کي بغير ڪنهن مفاد جي حل ڪري ۽ انهن کي به پاڻ جهڙو انسان سمجھي کين جائز حق ڏئي ته اهو نظام ڪامياب. سوشلزم ۾ جيڪڏهن چونڊيل حڪومت جا نمائندا ملڪي وسيلن جو ديانتداريء سان استعمال ڪري حقدارن تائين پنهنجو حق پهچائن ته اهو نظام ڪامياب. ڪميونزم ۾ جيڪڏهن زور زبردستي ۽ ڏاڍ وارو ڪم ڇڏي هر انسان کي برابر سمجھيو وڃي ۽ اڳتي اچڻ جو موقعو ڏنو وڃي، جيڪو اصل ۾ ڪميونزم جو بنيادي منشور پڻ آهي، ته اهو نظام ڪامياب. اسلامي معاشي نظام کي ته هونئن ئي مذهب جي بنياد تي پاسي ڪيو ويو آهي، پر جيڪڏهن ان نظام جي بنيادي اصولن تي غور ڪري پاليسيون ترتيب ڏنيون وڃن، مذهب کي ڀلي پاسي تي ڪري ڇڏجي ته اهو نظام به ڪامياب. ۽ اهو به ياد رهي ته هن نظام کي هلائڻ وارن جو مولوي هجڻ به شرط ناهي. مطلب ان سموري بحث مُباحثي مان ثابت ٿي ويو ته نظام سڀ ٺيڪ آهن، مسئلو انهن کي هلائڻ وارن ۾ آهي.
ادا توهان ڪنهن به نظام جي وضاحت لکي ئي ناهيو سگهيا نه ڪميون ازم نه سوشل ازم نه وري اسلام جي معاشي نظام متعلق توهان صرف پنهنجي ذهين ۾ موجود ان خيال جي پوئيواري ڪئي آهي جيڪو توهان کي درست لڳو آهي، پاڪستان اندر ڪڏهن سوشلزم ته آيو ئي نه آهي بس ذوالفقار علي ڀٽي جي زماني ۾ رومانس جو نالو سوشلزم هو ۽ توهان ته لينن کي به صحيح ناهي پڙهيو نه وري توهان ڪميونزم جي ابي مارڪس کي پڙهيو آهي رهي ڳالهه اسلام جي ته توهان ان کي به پڙهي ناهيو سگهيا اگر توهان پڙهيو آهي به ته صرف پنهنجي ڳالهه مطعلق برحال توهان پنهنجو پاڻ وٽ ته درست ٿي سگهو ٿا پر اجتماعي صورت ۾ توهان صرف هڪ ڳالهه ڪئي آهي جنهنجوڪو به ثبوت مهيا نه ڪري سگهيا آهيو
سارنگ صاحب مهرباني جو وقت ڪڍي اوهان هي آرٽيڪل پڙهيو ۽ پنهنجي قيمتي راء ڏني۔۔ سائين سوشلزم جي ڊيفينيشن جيڪا آرٽيڪل ۾ پيش ڪئي وئي آهي تنهن جي حساب سان پاڪستان ۾ سوشلزم ئي آهي، پر پاڻ ڪيپيٽلزم ڏانهن تيزيء سان وڌي رهيا آهيون، باقي ڪٍجھ ايسٽس گورنمنٽ هيٺ ڪم ڪري رهيا آهن سي به لڳي ٿو جلد خانگي ٿي ويندا۔ باقي سائين هن آرٽيڪل ۾ بنيادي وضاحتون ڪيل آهن مطلب basic definations آهن.. هن آرٽيڪل ۾ پنهنجي راء صرف ۽ صرف اها ڏني آهي ته باقي ٽن نظامن سان گڏ چوٿون نظام اسلامي معاشي نظام بحث هيٺ ڇو نه ٿو آندو وڃي...اهو هڪ سوال اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي بس.. باقي ڊيفينيشنز ۾ جيڪڏهن اوهانکي ڪا ڪوتاهي نظر اچي ٿي ته مهرباني ڪري اوهان هت اسانکي چئني نظامن جون ڊيفينيشنز ٻڌائي اسانجي علم ۾ اضافو ڪيو...رهي ڳالهه ثبوت جي ته ڪميونزم بابت لينن جي ڳالهه سان اوهان جيڪڏهن متفق ناهيو جيڪا هن ليک ۾ آهي ته پوء ته اوهان به لينن کي ناهي پڙهيو. باقي سائين هي بنيادي وضاحتون آهن جيڪي هر ڪتاب ۾ ۽ نيٽ ۾ هر هنڌ موجود آهن. انهن کان وڌيڪ واضح ۽ آسان لغت ۾ ڪي ٻيون وضاحتون آهن ته اسان سان ونڊيو اسانکي خوشي ٿيندي۔ باقي اها ڳالهه به ليک ۾ واضح ڪئي وئي آهي ته سوشلزم وارن کي ڪيپيٽلزم ڪو نه وڻي، ڪيپيٽلزم وارن کي سوشلزم ڪو نه وڻي۔ ائين ئي ڪميونزم وارن کي وري باقي نظام ڪو نه وڻن۔سو سائين هن ليک ۾ منهنجو جھڪاء ڪنهن هڪ طرف ناهي۔۔ مون نيوٽرل ٿي ڪري لکيو آهي۔۔باقي ڪنهن کي اختلاف آهي ته اهي پنهنجيون وضاحتون اسان سان ونڊين۔۔ آباد رهو..